22 پیر , اکتوبر 2018

عاطف اسلم يومِ آزادي واري تقريب ۾ ڀارتي گيت ڳائڻ وارين خبرن کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو

Atif Aslam declared a singing song singing news in an independent eventڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور راڳي عاطف اسلم سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ انهن خبرن کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو، جن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هن آزاديءَ واري ڏينهن جي حوالي سان ٿيندڙ هڪ ميوزڪ ڪنسرت ۾ ڀارتي گيت ڳايو. ٽوئيٽر تي وائرل ٿيندڙ خبرن ۾ پاڪستان جي هڪ ٽي وي چينل طرفان هلائي ويندڙ خبرجو اسڪرين شارٽ شيئر ڪندي ڪيترن ئي واهپيدارن عاطف اسلم کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. واهپيدارن راڳي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي سندس حب الوطني تي شڪ ڪيو ۽ الزام لڳايو ته عاطف اسلم ان عمل لاءِ وڏو معاوضو ورتو. سوشل ميڊيا تي دعويٰ ڪئي وئي آهي عاطف اسلم آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ پاڪستاني ڪميونٽي طرفان منعقد قيل يوم آزادي جي پروگرام ۾ هڪ ڀارتي گيت ڳايو. سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيندڙ خبرن ۽ ٽوئيٽن ۾ تقريب ۾ ڪا به ويڊيو شيئر ڪرڻ کانسواءِ پاڪستاني راڳي پنهنجي ئي ملڪ آزادي واري ڏينهن تي دشمن ملڪ جو گيت ڳايو. جتي ڪيترن ئي واهپيدار عاطف اسلم کي تنقيد جو نشانو بڻايو، اتي ڪجهه واهپيدارن ۽ مشهور راڳين کيس سپورٽ پڻ ڪيو. عاطف اسلم کي سپورٽ ڪندڙ فنڪارن جو چوڻ آهي ته ويڊيو شيئر ڪرڻ کانسواءِ بنا هڪ ڪوڙي خبر جي بنياد تي راڳي جي حب الوطني تي شڪ ڪيو پيو وڃي. ان سان گڏ ئي مداحن عاطف اسلم جي حب الوطني جون مثالون ڏيڻ لاءِ سندس طرفان ملڪ سان محبت وارين ڳالهين جون ويڊيوز پڻ شيئر ڪيا. مشهور راڳي موسيقار شفقت امانت علي خان پڻ عاطف اسلم جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته موسقيق پاڪستاني يا ڀارتي ناهي هوندي ۽ اها رڳو موسيقي هوندي آهي. پاڻ مٿان تنقيد ۽ ڪوڙي خبر وائرل ٿيڻ بعد عاطف اسلم پڻ ٽوئيٽ جي ذريعي يوم آزادي واري ڪنسرٽ تي ڀارتي گيت جي خبر کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو. راڳي عاطف اسلم مختصر ٽوئيٽ ۾ خبر کي ڪوڙو قرار ڏيندي لکيو ته بي شڪ الله عزت ڏيڻ ۽ رکڻ وارو آهي، سبز جهنڊو منهنجي سڃاڻپ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شوبز ۾ ڪا زبردستي نه پر سڀ ڪجهه رضامندي سان ٿيندو آهي: شلپا شندي

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا شلپا شندي بالي ووڊ ۾ پکڙيل ”مي ٽو“ مهم جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے