22 پیر , اکتوبر 2018

ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر کي وڌيڪ ڪجهه ڏينهن اسپتال ۾ رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ناٺي ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر کي وڌيڪ ڪجهه ڏينهن لاءِ اڃا اسپتال ۾ رکڻ جو فيصلوڪيو ويو آهي. پمز اسپتال جي ميڊيڪل بورڊ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ناٺي ۽ مسلم ليگ ن اڳواڻ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر جو طبي معائنو ڪيو ۽ گذريل ڏينهن ڪيل سمورين ٽيسٽن جو به جائزو ورتو.  ڊاڪٽرن موجب ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر جون وڌيڪ ٽيسٽون ليبارٽريز کي موڪليون ويون آهن، سندس اسٽنٽ جي صورتحال معلوم ڪرڻ لاءِ دل جي ايڪو ۽ اي سي جي به ڪئي وئي آهي سندس معدي جون به ٽيسٽون ڪيون وينديون. ڪئپٽن صفدر کي شگر ۽ معدي جو مرض به آهي تنهن ڪري هن گهرآن آيل کاڌو به نه کاڌو پر ڳلو خشڪ هئڻ سبب رڳو پاڻي ئي پي رهيو آهي.  ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته جيل ۾ مسلسل ٽن ڏينهن تائين خرابي هئڻ سبب ڪئپٽن صفدر جي اليڪٽرو لائٽس ۾ خرابي پيدا ٿي وئي آهي، کيس ڪارڊ سينٽر جي وي آءِ پي وارڊ ۾ رکيو ويو آهي ۽ ڊاڪٽرن موجب کيس پرهيز جو کاڌو کائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبائي حڪومتون غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪارروائي ۾ سهڪار ڪن: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار صوبائي حڪومتن کي چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے