23 منگل , اکتوبر 2018

سنڌ هاءِ ڪورٽ اين اي 249 تي نتيجا روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ اين اي 249 جي نتيجن جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جي درخواست رد ڪندي فيصل واوڊا ۽ ٻين کي 30 آگسٽ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. اين اي 249 مان نئين چونڊيل ايم اين اي فيصل واوڊا خلاف درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ڪئي وئي. درخواست پ پ جي قادر خان مندوخيل طرفان داخل ڪئي وئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج محمد علي مظهر سوال ڪيو ته توهان رٽرننگ آفيسر سان رابطوڪيو؟ درخواستگذار چيو ته آر او منهنجي درخواست رد ڪري ڇڏي. جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪاغذن ۾ ٽنهي ملڪن جي پراپرٽي جو ذڪر آهي، جنهن تي درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته اها پراپرٽي 65 سيڪڙو قرض تي آهي پر ڪو به فارن اڪائونٽ ناهي ۽ رڪارڊ ۾ فيصل واوڊا جي آمريڪي پاسپورٽ جو به ذڪر ناهي. عدالت کي درخواست آهي ته اين اي 249 جا نتيجا روڪيا وڃن. سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست رد ڪندي فيصل واوڊا ۽ ٻين کي 30 آگسٽ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے