23 منگل , اکتوبر 2018

سامونڊي فوج هر قسم جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي: نيول چيف

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سامونڊي فوج جي سربراهه ظفر محمود عباسي چيو آهي ته سامونڊي فوج هر قسم جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عباسي اتر بندر ۾ اڳين مورچن جو دورو ڪيو جتي کيس آپريشنل معاملن بابت بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي نيول چيف پاڪ ميرينز جي جوانن سان ملاقات ڪئي ۽ ايندڙ مورچن تي مقرر جوانن جي جذبي کي ساراهيندي چيو ته سامونڊي فوج هر قسم جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. اڳين مورچن جي دوري جي موقعي تي چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عباسي عام چونڊن ۾ سامونڊي فوج جي جوانن جي شرڪت ۽ ڪردار جي به واکاڻ ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے