23 منگل , اکتوبر 2018

ڏکڻ وزيرستان ۾ مليريا ۽ ليشمنينا وبائي شڪل اختيار ڪري ورتي

Malaria and Lishmanina took over the Wakai Sarkas in South Waziristanٽانڪ(ويبڊ يسڪ)ڏکڻ وزيرستان ۾ مڇرن جي پيداوار ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ سبب  ليشمينا ۽ مليريا وبائي  شڪل اختيار ڪري ورتي آهي ۽ هڪ مهيني دوران 100 جي لڳ ڀڳ ماڻهو ان بيماري سان متاثر ٿي چڪا آهن. صحت جي ماهرن موجب لدها، ڪاني گرم ۽ بدر سميت ٻين علائقن ۾ اسپري نه ٿيڻ جي ڪري مڇرن جي انگ ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي آهي. علائقي جي رهواسين موجب هڪ مهيني دوران 100 لڳ ڀڳ ماڻهو ليشمينيا ۽ مليريا سبب بيمار ٿيا آهن.ڏکڻ وزيرستان جي صحت کاتي جي انچارج  ڊاڪٽر ولي جو چوڻ آهي ته ليشمينا بيماري هڪ ريگستاني مڇر آهي  سينڊ فلائي جي چڪ پائڻ سان ٿيندي آهي هي مڇر بيٺل پاڻي ۾ پيدا ٿيندو آهي ۽ صبح شام جي وقت حملو ڪندو آهي. صحت جا ماهر ليشمينيا جي علاج لاءِ آگاهي سينٽر قائم ڪرڻ ۽ اسپري ڪرائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندا آهن جنهن ذريعي ان بيماري تي ڪافي حد تائين ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪجهه چور وڪيٽ جي ٻنهي پاسن کان کيڏي رهيا آهن: شيخ رشيد

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے