23 منگل , اکتوبر 2018

پي ڪي 23 شانگلا تي عورتن جي 10 سيڪڙو کان گهٽ ٽرن آئوٽ تي ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن ڪي پي جي تڪ پي ڪي 23 شانگلا ۾ عورتن جي 10 سيڪڙو گهٽ ووٽ ڪاسٽ ٿيڻ تي چونڊ ڪالعدم قرار ڏيندي ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ محمد رضا جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني ڪميشن پي ڪي 23 شانگلا ۾ عورتن جي ووٽن جي گهٽ ٽرن آئوٽ جي معاملي تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران شوڪت يوسف زئي جو وڪيل پيش ٿيو ۽ دليل ڏيندي چيو ته ڪي پي ۾ عورتن جو ٽرن آئوٽ 10 سيڪڙو کان گهٽ رهيو. هن چيو ته هر پولنگ اسٽيشن تي وڏي انگ ۾ سڪيورٽي ۽ پولنگ اهلڪار مقرر ٿيل هئا. وڪيل موجب ولي خان کانسواءِ ڪنهن عورتن جي گهٽ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي شڪايت نه ڪئي آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته جيڪڏهن ڪو به شڪايت نه ڪري ته اسان پنهنجي رڪارڊ مان پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهون ٿا. هن چيو ته توهان جي خيال ۾ اسان پنهنجي ان مهم ۾ ڪامياب نه ٿيا آهيون ته عورتون اچي ووٽ ڪاسٽ ڪن. سندس چوڻ هو ته گذريل چونڊن ۾ دير ۾ عورتن جو ووٽ پول نه ٿيڻ سبب ننڍي چونڊ ڪرائي وئي، توهان ڏٺو ته هن ڀيري دير مان ڪيترو سٺو ٽرن آئوٽ رهيو، اپر دير ۾ عورتن جو ٽرن آئوٽ 30 سيڪڙو آهي. ٻڌڻي بعد اليڪشن ڪميشن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چونڊ نتيجن کي رد ڪندي ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبائي حڪومتون غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪارروائي ۾ سهڪار ڪن: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار صوبائي حڪومتن کي چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے