23 منگل , اکتوبر 2018

مسلم ليگ اڳواڻ حنيف عباسي جيل ۾ ساهه جي تڪليف جو شڪار

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ ايفي ڊرين ڪيس ۾ سزا مليل حنيف عباسي کي ڳلي ۾ ٽانسلز سبب ساهه کڻڻ ۾ تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر کانپوءِ ليگي اڳواڻ ۽ ايفي ڊرين ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا مليل حنيف عباسي به جيل ۾ بيمار ٿي پيو آهي. حنيف عباسي کي ٽانسلز سبب ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائين جو منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته جيل اسپتال ۾ ئي حنيف عباسي جو چيڪ اپ ڪيو پيو وڃي ۽ ڊاڪٽرن موجب حنيف عباسي تي پولن الرجي جو حملو ٿيو آهي جنهن سبب سندس ڳلي ۾ ٽانسلز ٿيڻ سبب ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبائي حڪومتون غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪارروائي ۾ سهڪار ڪن: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار صوبائي حڪومتن کي چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے