17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: هالا: پ ٽ الف جي سڏ تي اليڪشن جي  ڊيوٽي جو معاوضو نھ ملڻ خلاف احتجاج

Hala: Protest on call of PTA for not getting wages*هالا ۾ پ ٽ الف جي سڏ تي استادن، کين چونڊن ۾ اليڪشن جي  ڊيوٽي دروان سهولتون نه ڏيڻ خلاف  احتجاج ڪندي حادثي ۾ فوت ٿيل استادن جي وارثن کي معاوضو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو .

 استادن سيد انار الدين شاهه، ضلع صدر قادر بخش ٻگهيو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

 استادن  چيو ته اليڪشن ڊيوٽي ۾ استادن کي ٽينٽ ۾ ٻه سئو جي لڳ ڀڳ ڪرسيون رکي ويهاريو ويو ۽  باقي استادن کي نٽهڻ اس ۾ بيهاريو ويو

 هنن چيو ته  ڊيوٽيون لڳائڻ دوران کاڌي پيتي جو تصور ئي نه هو ۽ استادن کي پيئڻ  لاءِ فائربرگيڊ گاڏي جو پاڻي  فراهم ڪيو ويو

هنن چيو ته استاد رات دير تائين سامان جمع ڪرائيندا رهيا، بکر جمالي جا پنج استاد گاڏي تي سوار ٿيا، کنڊو روڊ تي ڊرائيور کي ننڊ اچي وئي ۽ گاڏي  موري سان ٽڪرائجي وئي جنهن ۾ ٽي  استاد فوت ٿي ويا.

استادن  مطالبو ڪيو  ته ٽن جانين جو حرجاڻو ۽ زخمين جي علاج جو خرچ اليڪشن ڪميشن ادا ڪري ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے