23 منگل , اکتوبر 2018

اسپاٽ فڪسنگ ڪيس: شاهزيب حسن جي سزا  هڪ سال مان وڌائي 4 سال ڪئي وئي، ڏنڊ برقرار

Spot-fixing case: Shahzeb Hassan's sentence has been increased from one year to 4 years, retained moneyلاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپري ليگ(پي ايس ايل) جي ٻئي ايڊيشن ۾ اسپاٽ فڪسنگ الزامن بعد معطل ڪيل ڪرڪيٽر شاهزيب حسن اپيل واري معاملي تي آزادي ايڊجيوڊيڪٽر فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جنهن تحت سندس پابندي واري سزا 1 سال مان وڌائي چار سال ڪئي وئي آهي جڏهن ته 10 لک رپين جو  ڏنڊ برقرار رکيو ويو آهي. شاهزيب حسن ڪيس جي اينٽي ڪرپشن ٽريبونل ۾ ٻڌڻي گذريل سال 21 اپريل کان شروع ٿي هئي، جنهن جو فيصلو 31 جنوري تي محفوظ ڪيو ويو هو جيڪو هلندڙ سال 28 جنوري تي ٻڌايو ويو هو. پي سي بي اينٽي ڪرپشن ٽريبونل پنهنجي فيصلي ۾ شاهزيب حسن کي هڪ سال پابندي ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. شاهزيب حسن کي ٽن شقن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي چارج شيٽ ڪيو ويو هو،  مٿس رانديگرن کي ميچ فڪسنگ لاءِ تيار ڪرڻ ۽ بڪيز سان رابطو کي رپورٽ نه ڪرڻ جو الزام هو . جڏهن شاهزيب حسن 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا کي ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي. آزاد ايڊ ڪيوڊيڪٽر جسٽس ريٽائرڊ حامد حسن اڄ اپيل ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ۽ شاهزيب حسن تي لڳل ڏنڊ برقرار رکندي سندس پابندي واري سزا ۾ پڻ واڌ ڪري ڇڏي، جنهن موجب معطل ڪرڪيٽر تي پابندي واري سزا هاڻ هڪ سال مان وڌي 4 سال ٿي وئي آهي. واضح رهي ته اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ نالو سامهون اچڻ بعد شاهزيب حسن کي 17 مارچ 2017 تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) طرفان معطل ڪيو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے