16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: خيرپور: پبلڪ هيلٿ جي انجنيئر ۽ سب ڊويزن جي اسسٽنٽ انجنيئرن ۾اختلاف تيز

Khairpur: High speed engineer and instant engineer of all division*خيرپور ۾ پبلڪ هيلٿ جي انجنيئر ۽ سب ڊويزن جي اسسٽنٽ انجنيئرن وچ ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن، اسسٽنٽ انجنيئرن ترقياتي ڪمن جي نگراني کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي.

پبلڪ هيلٿ ون جي انجنيئر سڪندر سهتو ۽ اسسٽنٽ انجنيئرز وچ ۾ گاڏين جي تيل ۽ ٽي اي ڊي اي جي پيسن تي سخت اختلاف ٿي ويا.

اختلافن سبب اسسٽنٽ انجنيئرن ترقياتي ڪمن جي نگراني ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو.

هوڏانهن اسسٽنٽ انجنيئرن خط لکي الزام هنيو آهي ته خيرپور جي تاريخ ۾ اهڙو ڪرپٽ  انجنيئر ڪڏهن به نه آيو آهي، خراب گاڏين جي نالن تي ٻه لکن جو ڪوڙو بل ٺاهي پيسا هڙپ ڪري ٿو.

خط ۾ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي ۾ ٽي مهينا اڳ سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ سڀني پبلڪ هيلٿ جي انجنيئرن ۽ سپريٽينڊنٽ انجنيئر ن جي هڪ گڏجاڻي گهرائي کين قران پاڪ تي هٿ رکرايو ته ٺيڪيدارن کان ورڪ آڊر ۽ ڪميشن نه وٺندا.

هنن چيو ته قران پاڪ تي قسم کڻڻ بعد به انجنيئر ٺيڪيدارن کان ورڪ آڊر جا پيسا ۽ 33 سيڪڙو ڪميشن به وٺي ٿو ، تنهن ڪري انجنيئر سڪندر سهتو کي هٽايو وڃي، نه ته هو احتجاج تحريڪ هلائيندا……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڳاڙهو: ملٽيزر انٽرنيشنل طرفان ڳوٺ حاجي صديق شاھ ۾ تلاءَ جو افتتاح

ڪيٽي بندر ۾ ڪم ڪندڙ ملٽيزر انٽرنيشنل طرفان يوسي ٻيٽ ميھار جي ڳوٺ حاجي صديق …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے