14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: سامارو: سنڌ پروگريسوِ ڪميٽي جي سڏ تي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاج

Samaro: Protest against water tightening on the call of Sindh Progressive Committee*ساماري ۾سنڌ پروگريسوِ ڪميٽي جي سڏ تي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

هاري ڪميٽي جي ڏامرو مل، ارجن داس، لوڻل پريمي سميت ٻين جي اڳواڻي هارين ۽ آبادگارن پرس ڪلب آڏو پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ضلعي عمرڪوٽ سميت سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري زراعت تباهه ڪرڻ جي سازش آهي، پاڻي نه هجڻ سبب سڄي سنڌ جون آباد زمينون بنجر ٿي ويون آهن.

هنن چيو ته پاڻي نه هجڻ ڪري فصل نه ٿيڻ سبب هاري ۽ ننڍا آبادگار پنهنجون زرعي زمينون ڀڳڻن مٺ عيوض کپائڻ تي مجبور بڻيل آهن.

سندن چوڻ هو ته بااثر زميندارن ۽ سرڪاري وڏيرن جي زمينن ۾ پاڻي جي کوٽ ڪڏهن به ناهي ٿي، پر هارين ۽ ننڍن آبادگارن لاءِ پاڻي جي لپ به ميسر ناهي.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بنا دير پاڻي جو مسئلو ڪري سنڌ جي زراعت بچائين….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے