13 منگل , نومبر 2018

نيوز: غوثپور: ميراڻين ۾معمولي ڳالهه تان جيهڙو، 5 ڄڻا زخمي، نينگر کي ٻوڙڻ جي ڪوشش

Ghospur: Jahangir, 5 injured in rape, attempting to plant Niger*غوثپور ۾ ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جيهڙي ۾ 5 ڄڻا زخمي ۽ نينگر کي زوري شاخ ۾ٻوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

عيدگاهه پاڙي ۾ ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جيهڙو ٿي ويو، جنهن دروان غلام قادر، اصغر ۽ صدام سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جيهڙي دوران نينگر کي شاخ ۾ ٻوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، علائقي واسين پهچي نينگر کي بچائي ورتو.

ڌرين ۾ 5 ڪلاڪن تان ڇڪتاڻ هلندي رهي، بعد ۾ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي ڌرين جي زخمين کي اسپتال آندو ته اسپتال ۾ به ٻئي ڌريون وڙهي پيون.

اسپتال ۾ ميراڻي برادري جي ماڻهن ايس ايڇ او خلاف احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو.

خدا بخش ۽ جاويد ميراڻي الزام هنيو هو ته جوابدارن سندن گهرن ۾ گهڙي جوابدار عورتن تي تشدد ڪيو، ۽ حد جي ايس ايڇ او کي شڪايت ڪرڻ باوجود هن 50 هزار رپيا رشوت وٺي سندن ماڻهن کي گرفتار ڪيو…….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے