14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: ميرپور ماٿيلو: اسڪول ۾ فرنچينر کوٽ سبب شاگرد پٽ تي ويهي پڙهڻ لڳا

Mirpur Mathelo: Due to a french knife in school, the students read the son*-ميرپور ماٿيلي جي هاءِ اسڪول ۾ فرنيچر  نه هجڻ سبب شاگرد پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ لڳا.

سرڪاري بوائز  هاءِ اسڪول  اڍائي هزارکان وڌيڪ شاگرد هجڻ باوجود اسڪول کي گهربل فرنيچر نه ملي سگهيو، جڏهن ته هر سال ملندڙ لکين روپين جي ايس ايم سي فنڊ به هڙپ ڪرڻ جو انڪشاف پڻ ٿيو آهي.

هاءِ  اسڪول ۾ بنيادي سهولتون نه هئڻ ڪري شاگردن خانگي اسڪولن ڏانهن لاڙو شروع ڪري ڇڏيو آهي، غريب شاگرد تعليم پرائڻ لاءِ سخت پريشان بڻيل آهن.

هوڏانهن ڊي سي گهوٽڪي توڙي تعليم کاتي جي اعليٰ آفيسرن هاءِ اسڪول تي ڌيان نه ڏيڻ سبب شاگردن جو مستقبل تباھ ٿيڻ لڳو.

ٻي پاسي  سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن  تعليم کاتي کان مطالبو ڪيو ته هاءِ اسڪول ۾ فرنيچر مهيا ڪري شاگردن جو مستقبل بچائي………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے