23 منگل , اکتوبر 2018

نيوز: حيدرآباد: عوامي ورڪرز پارٽي جي آفيس تي اڻڄاتل ماڻهن جي چڙهائي، اڳواڻن پاران مذمت

Hyderabad: Walking with unidentified people at the Public Works Party office, condemned by leaders*حيدرآباد ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي آفيس تي اڻڄاتل ماڻهن چڙهائي ڪري پارٽي ڪارڪنن کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ سميت آفيس جي ڪمرن جي تلاشي ورتي.

 عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر ڪامريڊ بخشل ٿلهي موجب قاسم آباد جي علائقي نسيم نگر فيز ون ۾ قائم عوامي ورڪرز پارٽي جي آفيس تي شام 7 وڳي ڌاري منهن تي ٻُٽ ٻڌل اڻڄاتل هٿياربند آفيس ۾ داخل ٿي تلاشي ورتي.

بخشل ٿَلهي چيو ته اڻڄاتل ماڻهن آفيس ۾ ويٺل پارٽي ڪارڪنن جا سڃاڻپ ڪارڊ ڏٺا ۽ ڪمرن جي تلاشي ورتي، جڏهن ته هنن آفيس مان ڪا به شيِءِ تحويل ۾ نه ورتي جنهن بعد هو روانا ٿي ويا.

 ان سلسلي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي صدر فانوس گجر ۽  وفاقي سيڪريٽري اختر حسين ايڊووڪيٽ پارٽي آفيس تي اڻڄاتل هٿياربندن جي چڙهائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته هي واقعو سياسي ڪارڪنن کي هيسائڻ جو هڪ طريقو آهي.

ڪامريڊ اختر ايڊووڪيٽ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته پارٽي آفيس تي چڙهائي ڪندڙ اڻڄاتل هٿياربندن خلاف جاچ ڪري پرامن سياسي ڪارڪنن هيسائڻ بند ڪرائن…….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ملير ۾ گلشن حديد روڊ جي افتتاحي تقريب، ضلع ڪائونسل جي چيئرمين سلمان عبدالله مراد عملدارن کي ڇو پٽي ڇنڊ، ڄاڻڻ لاءِ ڏسو هن خبر ۾

ڪراچي ضلع ڪائونسل جي  چيئرمين سلمان عبدالله مراد چيو آهي ته عوام جي وچ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے