23 منگل , اکتوبر 2018

نيوز: سڳيون: سنڌ پروگريسو ڪميٽي جي سڏ تي پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

Sagyoon: Protest against water shortage on the call of Progressive Committee*سڳيون ۾ سنڌ پروگريسو ڪميٽي جي سڏ تي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سيال اسٽاپ چوڪ تي عاشق قريشي، نور احمد ۽ محمد شريف سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ هارين ۽ آبادگارن پاڻي جي کوٽ سبب آبپاشي کاتي جي ايس ڊي او داروغي خلاف احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

اڳواڻن الزام هنيو ته ايس ڊي او ۽ داروغي کرل شاخ جي منڍ جي آبادگارن کان ڳري رشوت وٺي غير قانوني طور تي پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪرڻ باوجود ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو، کرل شاخ کي منڍ جا آبادگار غير قانوني طور بند ٻڌي پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي چوري ڪري رهيا آهن جن خلاف ڪابه ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي.

آبادگارن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پاڻي جي کوٽ ختم ڪري شاخن ۾ پاڻي ڇڏين، نه ته احتجاج جاري رهندو.

هوڏانهن احتجاج تي آبپاشي کاتي جو ايس ڊي او عبدالمجيد ناريجو، داروغو عرس ناريجو، سروير نثار احمد سهتو ۽ ٻيا عملدار سيال اسٽاپ چوڪ تي ڳالهيون ڪرڻ بدران مفاصلي تي قائم ايريگيشن جي بنگلي تي آبادگارن کي گهرائي ڳالهيون ڪيون.

ايس ڊي او آبادگارن کي خاطري ڪرائي ته ٽن ڏينهن اندر کرل شاخ ۾ لڳل غير قانوني بند ختمڪري پاڻي چوري ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.

ڳالهين بعد آبادگارن چيو ته ڳالهين تي عمل نه ٿيو ته هو ٻيهر احتجاجي مظاهرا شروع ڪندا……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| هالاڻي: بااثر زمين تي قبضو ڪري رهواسين سان ڪهڙي ڪئي ويڌن؟ڄاڻيو هن خبر ۾ ر

هالاڻي ويجهو ڳوٺ دلدار ٻانڀڻ ۾ٻانڀڻ برادري جي ماڻهن جي زرعي زمين تي بااثر  مبينا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے