23 منگل , اکتوبر 2018

نيوز: حيدرآباد: نوجوان پاران سي آءِ اي پوليس تي سندس والد کي گرفتار ڪرڻ جو  الزام

Hyderabad: Young man accused CIA police for the arrest of his father *حيدرآباد جي رهواسي ڊاڪٽر امير عباس ٻٻر الزام مڙهيو آهي  ته سندس والد مدد علي کي سي آءِ اي حيدرآباد جي انچارج اسلم لانگاهه کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي.

رات دير سان حيدرآباد  ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر امير عباس ٻٻر   چيو ته سندس والد دادو کان ٻڌڻي تان واپس اچي رهيو هو ته پيٽارو ٽول پلازه وٽ پهچڻ کانپوءِ  ساڻس رابطو ختم ٿي ويو.

هن چيو ته هو والد جي ڳولا ڪندي  سي آءِ  سينٽر تي پهتو ته کيس اندر نه اچڻ ڏنو ويو .

 هن ٻڌايو ته  هو ڀٽائي نگر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پهتو ته هڪ همراهه سندس والد جي گاڏي کڻي پهتو کائنس هن پڇيو ته سندس والد ڪٿي آهي پر ان ڪو جواب نه ڏنو ۽ پوليس کيس ڌڪا ڏئي ٿاڻي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

هن چيو ته سندس والد ن ليگ ۾ آهي، بدين جي هڪ ايڊووڪيٽ رفيق آرائين ان تي ڪوڙا ڪيس ڪرايا آهن ۽ اسلم لانگاهه هڪ ڀيرو اڳ به کائنس ڳري رقم طلب ڪئي جيڪا نه ڏيڻ تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا.

 هن چيو ته کيس شڪ آهي ته اسلم لانگاه سندس والد کي ڪوڙي مقابلي ۾ مارائي ڇڏيندو.

 هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي آهي ته  واقعي جو نوٺيس وٺي انصاف ڪيو وڃي………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ملير ۾ گلشن حديد روڊ جي افتتاحي تقريب، ضلع ڪائونسل جي چيئرمين سلمان عبدالله مراد عملدارن کي ڇو پٽي ڇنڊ، ڄاڻڻ لاءِ ڏسو هن خبر ۾

ڪراچي ضلع ڪائونسل جي  چيئرمين سلمان عبدالله مراد چيو آهي ته عوام جي وچ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے