23 منگل , اکتوبر 2018

ڪوئيٽا: دالبندين ۾ سيندڪ جي ملازمن جي بس ڀرسان آپگهاتي ڌماڪو، 6 ملازم زخمي

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي ضلعي چاغي جي شهر دالبندين ۾ سيندڪ جي منصوبي جي ملازمن جي بس ڀرسان آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 6 ماڻهو زخمي ٿي پيا.  ڪوئيٽا جي ڪمشنر موجب ڌماڪو جو نشانو بڻجندڙ بس سيندڪ منصوبي جي ملازمن کي کڻي دالبندين ايئرپورٽ طرف وڃي رهي هئي ته دالبندين کان 5 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي هڪ آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.  هن ٻڌايو ته ڌماڪو ڪجهه فاصلي تي هئڻ سبب نقصان نه ٿيو پر کڙڪين جا شيشا ٽٽڻ سبب ملازم زخمي ٿيا.  ڪوئيٽا جي ڪمشنر موجب ڌماڪي جي زخمين ۾ منصوبي جا 3 پرڏيهي ملازم ۽ 3 ايف سي اهلڪار به شامل آهن. ڌماڪي جي زخمين کي طبي امداد لاءِ شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيو ويو جن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. ٻئي طرف ليويز فورس علائقي کي ڪڙو چاڙهي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبائي حڪومتون غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪارروائي ۾ سهڪار ڪن: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار صوبائي حڪومتن کي چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے