24 بدھ , اکتوبر 2018

گلگت ۾ پوليس چوڪي تي حملو، 3 اهلڪار شهيد، 2 هٿياربند مارجي ويا

گلگت ( ويب ڊيسڪ ) گلگت بلتستان جي علائقي ڪارگاهه ۾ پوليس چوڪي تي دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا. پوليس ذريعن موجب ڪارگاهه ۾ صبح سوير پوليس چوڪي تي 8 کان 10 دهشتگردن حملو ڪيو. دهشتگردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا. فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪارن کي طبي امداد لاءِ ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 2 دهشتگرد به مارجي ويا جڏهن ته ٻيا ساٿين سميت ڀڄي ويا. ٻئي طرف پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے