22 پیر , اکتوبر 2018

هڪ کان وڌيڪ سيٽن تي ڪامياب اميدوارن کي باقي سيٽون ڇڏڻ جي هدايت  جاري

Kotdiji: SSP Fida Hussain Mastoi, remedies for treatment of sickness patientsاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ هڪ کان وڌيڪ سيٽن تي ڪامياب ٿيل اميدوارن کي باقي سيٽن تان استعيفيٰ ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هڪ کان وڌيڪ سيٽن تي ڪامياب اميدوارن کي هڪ سيٽ رکڻي پوندي، قسم کڻڻ کان اڳ باقي سيٽن تان استعيفيٰ ڏيڻي پوندي. اليڪشن ڪميشن طرفان چيو ويو آهي ته ڇڏيل سيٽ جي استعيفيٰ اليڪشن ڪميشن ۾جمع ڪرائڻي پوندي جيڪا چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي لکڻي پوندي.  عام چونڊن ۾ عمران خان اسلام آباد، لاهور، ميانوالي، ڪراچي ۽ بنون جي تڪن تان ڪامياب ٿيو آهي. عمران خان ميانوالي جي سيٽ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبائي حڪومتون غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪارروائي ۾ سهڪار ڪن: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار صوبائي حڪومتن کي چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے