15 جمعرات , نومبر 2018

وزيراعظم جي چونڊ 17 آگسٽ تي ٿيندي، غير حتمي شيڊول تيار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) 15 هين قومي اسيمبليءَ جي افتتاحي اجلاس جو غير حتمي شيڊول تيار ڪيو ويو آهي. 13 آگسٽ تي نوان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر قسم کڻندا جڏهن ته 14 آگسٽ تي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ رات جو 12 هين وڳي تائين جمع ٿيندا. تجويز ڪيل شيڊول موجب اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ 15 آگست تي ٿيندي. وزيراعظم جي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ 16 آگسٽ تي ڏينهن 2 وڳي تائين جمع ٿيندا جنهن بعد وزيراعظم جي چونڊ مٿين ڏينهن 17 آگسٽ تي ٿيندي.  صدر ممنون حسين قومي اسيمبليءَ جو اجلاس 13 آگسٽ تي طلب ڪري رکيو آهي. تحريڪ انصاف طرفان عمران خان جي وزارت عظميٰ جو قسم کڻڻ جي تاريخ 18 آگسٽ مقرر ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے