17 ہفتہ , نومبر 2018

درياهه تان هٿ کڻو!

نذير  سومرو

هارر موويز جو نئون فلم ڊيم سيريز جي نالي سان رليز ٿيو آهي. تمام گهڻي محنت ۽ حڪمت عمليءَ سان ادارن کي (جن جو پنهنجو ڪم تمام بريءَ طرح رُليو پيو آهي، جنهن تي وقت به وقت آڱريون کڄنديون رهيون آهن) استعمال ڪري سيريز کي وڏي اهميت ڏيئي ڪامياب ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. پهريائين ٻيا ڊيم، پوءِ آهستي آهستي اصلي ٽارگيٽ ڪالاباغ ڊيم آهي جنهن لاء ئي سمورو ڊرامو رچايو ويو آهي. هائوس فل ڪرڻ جي سڀني ڪوششن باوجود هي فلم فلاپ ٿيندو پيو وڃي. ملڪ جون ٽي صوبائي اسيمبليون ان کي اڳ ئي ڪيئي دفعا رد ڪري چڪيون آهن. انهن اسيمبيلي ميمبرن سان گڏ عوام سدائين انهن ملڪ دشمن/ انسان دشمن/ فطرت دشمن منصوبن کي رد پئي ڪيو آهي…..پر طاقت مغرور ٿيندي آهي جنهن جو ضد آهي ته ڪنهن به قيمت تي سڀني جي سرن کي جهڪيل رکيو وڃي.

ڪالاباغ  ڊيم کانپوءِ سنڌ ۽ بلوچستان جو ڪهڙو حشر ٿيندو،اهو تصور ڪري ئي هانءُ ڦاٽي ٿو پر ڪالاباغ  ڊيم کان اڳ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان کي پنهنجي اکين سان سنڌ جي شروعات ڪشمور کان سنڌ جي پڇاڙي (زرعي طور) بدين کي ڏسي سگهجي ٿو. ڪالاباغ ڊيم جي ڄاڻ لاء ته ڪتاب ۽ آرٽيڪل پڙهي ان کي سمجهي سگهجي ٿو پر هڪ ننڍي سمجهاڻيءَ طور اهو ته؛ درياهه جا چار طرف، يعني ٻه ڪنڌيون (ساڄي ۽ کاٻي) هڪ اچڻ ۽ هڪ وڃڻ وارو. ڪالاباغ واري هنڌ هن درياهه جون ٻيئي ڪنڌيون جابلو آهي يعني پاڻي اٿل ڪري اوڏانهن نه ٿو وڃي سگهي. باقي بچيا ٻه طرف. اچڻ واري رستي کي کليل رکبو باقي مکيه يعني لهوارو وهڻ/ وڃڻ وارو رستو بند ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺاهبو جنهن کي اسين سولي سنڌيءَ ۾ ائين سمجهون ته ٻنڊو ڏنو ويندو. آخري طور هڪ ٽيپو پاڻيءَ جو ڇڏائڻ لاءِ اسين پريشان. اڄوڪي اجڙيل سنڌ جيڪي منظر ڏئي پيئي اهو اندر ۾ وڍ وجهڻ لاء ڪافي آهي. بدين جتي هن موسم يعني آگسٽ جي پڇاڙيءَ ۽ سيپٽمبر جي اڳياڙي ۾ سارين جو فصل تيار ٿي لاڙڪاڻي کان ڪنڌڪوٽ جي رائيس ملن جي زينت بڻبو آهي، اُتي حشر اهو آهي ته اڃان پوکائي پيئي هلي. ٻيجارا پاڻي نه ملڻ جي ڪري وقت تي پوکجي ڪونه سگهيا جيڪي پوکيا ويا اهي پاڻي نه ملڻ ڪري سڙي ويا. رونبو ڪيل ساريون سڪي ويون. جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ جا ڪجهه علائقا ستر سيڪڙو چانورن جي فصل کان اڃان تائين محروم آهن. اهي علائقا سارين جي هڪ جنس ايري ڇهه ڪري مشهور آهن جن جا چانور ايڪسپورٽ ڪري غير ملڪي ناڻو ڪمايو ويندو آهي. بلوچستان ۾ ستر سيڪڙو کان مٿي سارين جو فصل هن ڀيري شايد ڪونه ٿي سگهي ڇوته سٺي فصل لاء موسم جو موافق ۽ وقتائتو هجڻ ضروري آهي نه ته گهربل پيداوار ڪونه ملي سگهندي. هن سموري سين ٻڌائڻ جو مقصد رڳو اهو آهي ته پڙهندڙ سنڌ جي آئنده واري تصوير پنهنجي ذهن ۾ سوچي سگهن.

جيڪڏهن ڪنهن انسان کي مٿي ۾ سور هجي ته هو پريشان هوندو پر جي ان جي هڪ ٻانهن ڀڃي ڇڏجي ته ان کان مٿي جو سور وسري ويندو. بلڪل اهڙي طرح هتي قومن جا مٿي جا سور وسارڻ (جيئن اهي ڪا دانهن نه ڪري سگهن) انهن جون ٻانهون ڀڳيون ويون آهن. اسان سنڌين کان ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ پاڻي پهچائڻ واري مطالبي تان هٿ کڻائڻ لاءِ اسان جون ٻانهون يعني اسان جا فصل کسيا پيا وڃن. هاڻي اسان کان ڊيلٽا وارا مطالبا وسري ويا هاڻي اسان کي سنڌ جي اڳياڙي ڪشمور لاءِ پاڻي کپي.

زرعي ملڪ قرار ڏنل جي زراعت سان اهڙو حشر شايد ڪٿي ٿيو هجي! شايد ڪٿي ائين ٿيو هجي جو غيرآباد زمينون آباد ڪرائڻ لاءِ آباد زمينن کي غير آباد بڻايو ويو هجي. صحرا کي پاڻي پهچائڻ لاء سرسبز ٻنين جي وات تان پاڻيءَ جو گلاس لاٿو پيو وڃي هتي. استعمال ٿيندڙ اداري کي شايد خبر ڪونهي (هر ماڻهو هر ڪم ۾ ماهر هجي اهو ضروري ناهي، ڪرڪيٽ جو سٺو رانديگر سٺو انجنيئر هجي. سٺو ڊاڪٽر سٺو هاري هجي اهو ضروري ناهي) ته پاڻيءَ جي هڪ خاص مقدار جو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ هن نيچر/فطرت کي بچائڻ لاءِ ڪيترو ضروري آهي. کاري پاڻيءَ سان مٺي پاڻي جو ميلاپ قدرت جو فيصلو آهي ان کي رد ڪرڻ ڪيتري تباهيءَ جو سبب ٿي سگهي ٿو ۽ اهو اڄ تائين ڪيتري تباهي ڏيئي ويو آهي. سمنڊ سنڌ جي ساواڻ ڀري زمين اڄ تائين ڳڙڪائي چڪو آهي، اها خبر ڪنهن کي ڪونهي. لکين ايڪڙن تي بيٺل فطرت جا محافظ ٻوٽا ڇو ختم ٿي چڪا آهن. ٺٽي ضلعي جي زمين ڀڳڙن مٺ تي اتان جا ڪنهن دور جا خوشحال خاندان وڪڻڻ لاءِ ڇو مجبور آهن، اهو ڪو ڄاڻي ڪونه ٿو ۽ ڄاڻڻ چاهي به ڪونه ٿو ڇوته جيڪڏهن ڪنهن کي تڪليف ڏيڻ ئي مقصد هجي ته پوءِ ان ڏانهن ڇو تڪجي؟.

هن ملڪ جا ادارا ته اسان کي برباديءَ طرف وٺي پيا وڃن پر هن کان وڌيڪ ڏک ته پنهنجي انهن جاگيردارن جو آهي جيڪي ”جي حضوري/بيضميريءَ“ جو رڪارڊ قائم ڪري به ڪرسيءَ جي حاصلات لاءِ پريشان آهن. مان سو سيڪڙو غلامي ڪري پنهنجي قوم کي اوهان جي قدمن جي خاڪ بڻائيندس، نه مان ان کان به مٿي واري ڊگريءَ جو غلام ٿيندس بس مون کي ڪرسي ڏيو. تازي ٿيل اليڪشن کان پوءِ اها ڊوڙ متل آهي اڄوڪي سنڌ جي حڪمران ٽولي جي، جن سدائين سنڌ کي پئي نيلام ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ھندو برادريءَ جي ملڪيتن تي قبضا ۽ سپريم ڪورٽ جو پاڻمرادو نوٽيس.!! 

خادم رند پاڪستان ۾ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري پاران شروع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے