15 جمعرات , نومبر 2018

پي ٽي آءِ لاءِ ڪجهه ڪرڻ لاءِ گنجائش گهٽ آهي

بابر  اياز

چونڊن کان اڳ ڪيئي سياسي تجزيه نگار جو خيال هو ته 2018ع جي چونڊن جا انجنيئر هڪ ” هينگ پارليامينٽ” چاهين ٿا.  مسلم ليگ ( ن ) جي هڪ مضبوط ۽ اڪثريتي حڪومت جي ڀيٽ ۾ هڪ ”گڏيل حڪومت“ کي قبضي ۾ رکڻ انتهائي سولو آهي. هاڻي چونڊن کانپوءِ سياسي انجنيئرن جي خواهش پوري ٿي آهي ۽ تحريڪ انصاف جو اڳواڻ عمران خان ڪامياب ٿي چڪو آهي، تحريڪ انصاف جيڪا اسٽبلشمينٽ جي منظور نظر پارٽي هُئي ان نه صرف مرڪز ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ اڪثريت حاصل ڪري ورتي آهي پر ان سان گڏ پنجاب ۾ پڻ حڪومت ٺاهڻ جي ڪوششن ۾ آهي، پنجاب جيڪو طاقت جو مرڪز ۽ محور آهي ان ۾ به پي ٽي آءِ سياسي ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهي. موجوده  صورتحال عمران خان کي ايترو مجبور ڪيو آهي جو هو آزاد اميدوارن جي حيثيت ۾ انهن ماڻهن جي حمايت ڪرڻ لڳو آهي جن کي هو ماضيءَ ۾ سٺو نه سمجهندو هو  ۽ هميشه اهڙن ماڻهن لاءِ هميشه سندس اها ئي راءِ هوندي هُئي ته اهي ماڻهو هميشه وڪامجڻ لاءِ تيار هوندا آهن.

ان ڳالهه تي ڪابه حيرت ناهي ته آزاد اميدوارن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ جهانگير ترين ۽ عليم خان کوسي کي ذميواريون ڏنيون ويون جن کي تحريڪ انصاف جو بينڪر چيو ويندو آهي. آزاد اميدوارن سان ڳالهين ٻولهين بعد جيڪي اطلاع ملي رهيا آهن انهن موجب آزاد اميدوارن جي اها گهر آهي ته کين اهي پئسا ته فوري طور تي ڏنا وڃن جيڪي هُنن چونڊن ۾ خرچ ڪيا آهن، جڏهن ته ڪجهه ٻين حالتن ۾ اها رقم جيڪا چونڊن تي خرچ ڪئي وئي آهي ان کي نفعي سان وڌائي ڏئي سگهي ٿو. جڏهن ته  مسلم ليگ ( ق ) جهڙي هڪ ننڍڙي جماعت ڪجهه عوامي عهدا  پڻ گهري رهي آهي. عمران خان ايم ڪيو ايم سان پڻ رابطي لاءِ چئي چڪو آهي جنهن کي عمران خان پاڻ اڳ ئي ڏوهاري ماڻهن جي هڪ جماعت چوندو رهيو آهي، پر ايم ڪيو ايم جي حامين جو چوڻ آهي ته هاڻي ايم ڪيو ايم لنڊن ۽ ان جي قائد سان تعلق ختم ڪرڻ بعد هاڻي ايم ڪيو ايم پي ٽي آءِ سان به اقتدار ۾ شامل ٿي سگهي ٿي ۽ هاڻي اسٽبلشمينٽ لاءِ پڻ قابل قبول هوندي.

پاڪستان مسلم ليگ ( ق ) طرفان انهن ماڻهن کان به حمايت حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن جن کي هو مسلم ليگ ( ن ) جو فارورڊ بلاڪ سمجهن ٿا. جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ گجرات جا چوڌري عمران خان کان تمام وڏو حصو گهري سگهن ٿا. عمران خان جڏهن مخالف ڌر ۾ هيو ته کيس اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ اسٽبلشمينٽ سان پنهنجن اصولن تي سوديبازي ڪرڻي پوندي پر هاڻي جڏهن هو مرڪز  ۽ پنجاب ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهڻ جي بهتر پوزيشن ۾ آهي ته کيس حقيقت پسند ٿيڻو پوندو . بدقسمتي آهي ته حقيقي سياست جي چرپر جا اهي ئي اصول آهن.

هاڻي اچو  ته سندس جي ان تقرير جو ٿورو تجزيو ڪيون جيڪا هُن پهريون دفعو غير رسمي طور تي بني گالا ۾ ڪئي هُئي. وزير اعظم هائوس جيڪو  بني گالا  کان ڪجهه ايڪڙ ئي ننڍو هوندو  جنهن ۾ عمران خان رهڻ کان انڪار ڪيو آهي، عوام عمران خان جي اهڙي ڳالهه کي دلچسپيءَ سان ٻڌو هو. اوهان جي ريڪارڊ جي درستيءَ لاءِ اهو به عرض آهي ته اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پڻ وزير اعظم هائوس ۾ نه رهيو هو، هو روزانو پروٽوڪول سان گڏ وزيراعظم هائوس دفتر ايندو هو. ميرٽ هوٽل جي انڪليو هائوس ۾ عمران خان جي منتقل ٿيڻ جو منصوبو سٺو نظر اچي رهيو آهي پر ان لاءِ کيس روزانو پنهنجي وزير اعظم هائوس واري دفتر ۾ اچڻو پوندو جيڪو خود وزير اعظم هائوس پڻ آهي.

گورنر هائوسز کي تعليمي ادارن ۾ تبديل ڪرڻ وارو وعدو به ڪو نئون نه آهي، ان کان اڳ به ڪيترن ئي حڪمرانن اهڙا وعدا ڪيا هيا پر جڏهن کين بيوروڪريسي اهڙي عمل جي نقصانن متعلق ٻڌايو ته اهي وعدا فقط وعدا ئي رهيا. پر تنهن هوندي به وزيرعظم هائوس ۽ ايوان صدر جا خرچ گهٽائڻ جي ڪافي گنجائش موجود آهي. ايوان صدر ۽ وزيراعظم هائوس جا خرچ اربين روپين ۾ آهن. حڪومتي خرچن ۾ ڪمي ڪجهه ٻين طريقن سان به ڪري سگهجي ٿي جيئن پرڏيهي دورن تي ويندڙ وفدن جي انگن ۾ گهٽائي ڪرڻ ۽ پرڏيهي دورن ۾ ميڊيا جا جيڪا ماڻهو صدر يا وزيراعظم سان هوندا آهن، انهن متعلق انهن ميڊيا جي ادارن کي ان ڳالهه جو پابند ڪرڻ ته هو پنهنجن صحافين ۽ اسٽاف جي ماڻهن جو خرچ پاڻ برداشت ڪن، پئسن بچائڻ لاءِ سياستدانن ۽ صحافين جي مفت تفريحي دورن کي پڻ ختم ڪري سگهجي ٿو.

عمران خان جيڪي به وعدا ڪيا آهن هو انهن مان جيڪڏهن اڌ وعدا  به پورا ڪري ٿو ته عوام وٽ سندس جو تاثر تمام گهڻون بهتر ٿيندو ۽ ڇو جو اهڙن قدمن جو تعلق اطلاحات سان گهٽ پي آر سان تمام گهڻو هوندو آهي.

عمران خان ۽ ان جي نامزد ڪيل خزاني وارو وزير جيڪو منهنجو دوست به آهي انهن ٻنهي جي آزمائش اها آهي ته هو زوال پذير معيشت کي ڪيئن ٿا سنڀالين. جيئن ته سڀني کي خبر آهي ته سڀ کان وڏو ڪم جاري خرچن ۾ گهٽائي آڻڻ آهي، گذريل حڪومتن ۾ اهو نقصان 80- ملين ڊالرن تائين پهتو هو. اسان کي ٻڌايو پيو وڃي ته درآمدي خرچن ۾ ٻن سببن ڪري واڌارو ٿيو آهي هڪ، سي پيڪ جي منصوبن جي ڪري جن جي ڪري ملڪ ۾ وڏي انگ ۾ مشينري آئي آهي، ۽ تيل، گيس ۽ پام آئل جي وڌ کان وڌ رآمد ٿي آهي. ان مرحلي تي حيرت جهڙو سوال اهو آهي ته ڇا؟ سي پيڪ تي سرمائيڪاري جي حصي طور تي چين کي مشينريءَ لاِ فنڊ نه ڏيڻا هيا؟ جيڪڏهن ائين ئي آهي ته پوءِ ڇو ٿو چيو وڃي ته اسان کي مشينريءَ لاءِ اهڙي ئي نموني رقم خرچ ڪرڻي آهي جيئن باقاعده درآمد لاءِ شروع ۾ خرچ ڪئي ويندي آهي. سي پيڪ تحت درآمد ٿيندڙ مشينريءَ تي ان پراجيڪسٽس پاران سرمائيڪاري ڪرڻي هُئي جن جي مقصد لاءِ مشينري اچي رهي آهي، ۽ اهڙي سرمائيڪاري به هڪ ڊگهي مدي تائين خرچ ڪرڻي آهي.

پي ٽي آءِ جي ٽيم کي ان متعلق سوال ڪرڻ گهرجي ۽ پي ٽي آءِ کي گهرجي ته هر پراجيڪٽ لاءِ الڳ الڳ فنانشل اسٽرڪچر جوڙي، ڇو جو گذريل حڪومتن پاران اڃان تائين عوام سان  سي پيڪ متعلق معلومات شيئر نه ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن ڪرپشن کي روڪڻو آهي ته سمورن منصوبن ۽ مالي معاملن کي جيئن عمران خان جو چوڻ آهي ته شفاف رکيو ويندو تنهنڪري انهن کي شفاف رکيو وڃي.

اهو به ممڪن آهي ته چيني ڪمپنيون پنهنجي منصوبن ۽ خاص ڪري انهن لاءِ درآمد ٿيندڙ مشينريءَ جي خرچن کي وڌائي ٻڌائين جيڪا انهن جي ملڪ ۾ آئي هُجي. ان کي صرف هڪ اهڙي ذهين معاشي ٽيم ئي چيڪ ڪري سگهي ٿي جيڪا 62 – ملين ڊالرن جي سرمائيڪاري جي وعدي جي سحر ۾ نه اچي. ان سڌي سنئين سرمائيڪاريءَ پاڪستان کي چين کان ڇا مليو آهي، اهو به هڪ سوال آهي

عمران خان اڪثر ڪري اها تنقيد ڪندو رهندو آهي ته شريف فيملي انهن منصوبن تي ڪميشن وٺندو رهيو آهي جنهن کي اڃان ثابت نه ڪيو ويو آهي، پر ان جي ڀيٽ ۾ عوام کي اهو ٻڌائي سگهجي ٿو ته انهن منصوبن تي طئه ڪيل خرچن کان وڌيڪ ڪيترا خرچ ٿيا آهن.

عمران جي حڪومت سامهون هڪ وڏو چيلينج اهو به آهي ته سندس حڪومت نقصان ۾ ويندڙ سرڪاري ادارن کي تباهيءَ کان ڪيئن بچائي سگهي ٿي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي منشور ۾ انهن ادارن جي نجڪاريءَ متعلق ڪابه ڳالهه ڪيل نه آهي پر ان جي ابتڙ انهن منصوبن ۾ هڪ اهڙي پروفيشنسٽ مينيجمينٽ آڻڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪا انهن ادارن کي نقصان مان ڪڍي، جڏهن ته انهن ادارن کي نقصان مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ اهڙو راڳ جنرل ضيا جي دور ۾ ۽ ان بعد به ڪيو ويو پر ان جو ڪو هڙ حاصل نه ٿيو.. ان سلسلي ۾ حبيب بينڪ لميٽڊ ۽ يونائٽيڊ بينڪ لميٽد جا ٻه مثال موجود آهن. 90- جي ڏهاڪي ۾ نواز شريف حڪومت انهن بينڪن جا معاملا ٺيڪ ڪرڻ لاءِ شوڪت ترين ۽ زبير سومرو کي انهن جو صدر مقرر ڪيو ۽ جڏهن انهن بينڪ جا معاملا درست ٿي ويا ته انهن کي پرائيويٽائيز ڪيو ويو.

عمران خان جي ٽيم کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪنهن به شيءِ کي پرائيوٽائيز ڪرڻو آهي ته اها 51- سيڪڙو کان وڌيڪ نه هجي جيئن گهڻي کان گهڻو منافعو ملڪ  جي اندر ئي رهي ۽ ان جو سرمايو وڌندو رهي.هن وقت پرائيويٽائز ڪيل ادارن مان پرڏيهي سرمائيڪاريءَ جو منافعو انهن ملڪن ۾ واپس هليو وڃي ٿو جتان جي سرمائيڪاري آهي، جنهن ڪري جاري خرچن ۾ عدم توازن جو سلسلو وڌندو پيو رهي.

جيئن ته مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته عمران جي ٽيم لاءِ هن وقت سڀ کان وڏو چيلينج اهو آهي ته آءِ ايم ايف سان رابطو ڪري ملڪ جي جاري خرچن جي نقصان کي گهٽايو وڃي. جيڪڏهن عمران خان جي ٽيم ائين ڪيو ته ان کي تمام گهڻين رعايتن ۽ مالي سڌارت کي ڇڏڻو پوندو  جيڪا آءِ ايم ايف جي گهرج آهي. نه صرف ايترو پر آمريڪا اڳ ئي چئي چڪو آهي ته آمريڪا پاڪستان کي چين جي درآمدي سرمائيڪاريءَ لاءِ اءِ ايم ايف جي قرضن کي استعمال ٿيڻ نه ڏيندو . ان جو مطلب اهو ٿيندو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ ڪنهن حد تائين برابري آڻڻ جي ڪوششن ۾ عمران خان جا هٿ جهڙوڪر ٻڌل ئي رهندا. بحرحال اسٽبلشمينٽ پاران  عمران خان جي حمايت انهيءَ واضع مفاهمت سان ڪئي وئي آهي ته اسٽبلشمينٽ نوازشريف جي حڪومتي دور ۾ پرڏيهي پاليسي ۽  قومي سلامتيءَ جي پاليسيءَ ۾ ڪنهن به طور تي مداخلت جي ڪوشش نه ڪندي ۽ جيڪڏهن اسٽبلشمينٽ ائين نه ڪيو ته پوءِ عمران خان جو انجام به گذريل حڪمرانن کان مختلف نه ٿيندو.

هت مان هڪ ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجان جڏهن جنرل مشرف جو دور آيو ته ملڪ ۾ سڌارت جون تمام گهڻيون ڳاليهون ٿيڻ لڳيون، مون تيل ۽ گيس جي صنعت جي ڪجهه انتظامي آفيسرن جي سامهون کيس چيو، ” سائين، جڏهن به ڪا حڪومت ايندي آهي ته اصلاحات جون ڳالهيون شروع ٿي وينديون آهن ۽ انهن ۾ تيزيءَ سان عمل ڪرڻ لاءِ اصلاحات جي گاڏيءَ جي ايڪسيليٽر تي تيزيءَ سان پير رکيو ويندو آهي پر ٻئي پاسي ان کان وڌيڪ بيوروڪريسيءَ جو ڳورو پير انهيءَ سڌارت جي گاڏيءَ جي بريڪ تي هوندو آهي، جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته اوهان ڪٿي پهچي سگهو ٿا ته ائين نه آهي“،

مون کي پاڪستان جي عوام جي مفاد ۾ اهو يقين آهي ته عمران خان اها بريڪ لڳڻ نه ڏيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

غير فعال بڻجندڙ حڪومتون ۽ پارليامينٽ !

شفيق الرحمان شاڪر چوڻ لاءِ ته چئي سگھجي ٿو ته ڪجهه عرصو پهرين ٿيل عام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے