16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: ٽنڊو ڄام: موٽرسائيڪل سوزڪي سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، ماءُ ۽ پٽ زخمي

Tando Jam: Tabled with Motorcycle Suzuki, Woman died, mother and son injured*ٽنڊي ڄام ويجهو موٽرسائيڪل سوزڪي سان ٽڪرائجڻ سبب عورت فوت جڏهن ته ماءُ ۽ پٽ زخمي ٿي پيا.

نوجوان محمد عارف پنهنجي والده ۽ چاچي سان موٽرسائيڪل تي حيدرآباد کان ٽنڊي الهيار وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو.

مونو ٽيڪنيڪل ڪالج ڀرسان موٽرسائيڪل جو هينڊل سوزوڪي پڪ اپ سان ٽڪرائجڻ سبب موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾پنجرا پول جي رهواسڻ 44 ورهين جي بيگم خاتون موقعي تي فوت ٿي وئي.

حادثي ۾نوجوان عارف ۽ سندس ماءُ امينه سخت زخمي ٿي پيا، جن کي فوري رورل هيلٿ سينٽر ٽنڊي ڄام آندو ويو، جنهن بعد لاش ۽ زخمين کي فوري علاج بعد سول اسپتال حيدرآباد روانو ڪيو ويو…….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے