22 پیر , اکتوبر 2018

نيوز: نوابشاهه: اليڪشن ڊيوٽي دوران فوت ٿيل ٽن استادن لاءِ معاوضو نه مليو، پ ٽ الف جي ريلي

Nawabshah: There was no compensation for the deceased three teachers during the election campaign, PTA A. Rally*نوابشاهه ۾اليڪشن ڊيوٽي دوران فوت ٿيل ٽن استادن جي وارثن کي معاوضو نه ملڻ خلاف پ ٽ الف طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

استادن سيجڪپورا اسڪول کان ريلي ڪڍي جيڪا مين پرائمري اسڪول کان ٿيندي نوابشاهه پريس ڪلب پهتي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي پ ٽ الف جي ڊويزنل صدر حاجي محمد اشرف بروهي، امداد خاصخيلي، اصغر ڏاهري، غلام نبي ڪيريو، محمد مراد خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اليڪشن ڊيوٽي دوران فوت ٿيل استادن جي وارثن کي معاوضو ناهي ڏنو ويو.

اڳواڻن چيو ته سعيد آباد کان بکر جمالي اليڪشن ڏيوٽي تي ويندڙ ٽن استادن نظير جمالي، وزير جمالي ۽ سڄڻ جمالي جو حادثي ۾ موت واقع ٿيو پر اڄ ڏينهن تائين اليڪشن ڪميشن طرفان انهن فوتي استادن جي وارثن کي کي ڪوبه معاوضو نه ڏنو ويو آهي.

هنن چيو ته خيبرپختونخواهه صوبي ۾ ڏيوٽي دوران فوت ٿيل هڪ استاد کي معاوضو ڏنو ويو آهي پر ساڻن ناانصافي ٿي رهي آهي.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڏيوٽي دوران فوت ٿيل استادن جي وارثن کي معاوضو ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ هو سڀاڻي حيدرآباد ۾ٿيندڙ مرڪزي اجلاس ۾وڌيڪ لائحه عمل جوڙيندا…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز| چوهڙجمالي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪن ڇو نڪتا روڊن تي؟ وفاقي حڪومت کي ڪهڙو ڏنائون چتاءُ ؟ڄاڻي حيران ٿي ويندو

چوهڙ جمالي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پراان ڪالا باغ ڊئم ۽ ڌري آبادڪاري خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے