18 اتوار , نومبر 2018

مراد علي شاهه وڏو وزير ۽ سراج دراني سنڌ اسيمبلي اسپيڪر لاءِ اميدوار نامزد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي پارلياماني پارٽي مراد علي شاهه کي وڏو وزير ۽ آغا سراج دراني کي سنڌ اسيمبلي اسپيڪر لاءِ اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي. پ پ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ بلاول هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۾ حڪومت سازي جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ مراد علي شاهه کي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي وڏي وزير لاءِ اميدوار نامزد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته آغا سراج دراني کي اسيمبلي اميدوار لاءِ نامزد ڪيو ويو. پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ سجاول ضلعي عورتن جي مخصوص سيٽ تي چونڊيل ايم پي اي ريحانا لغاري کي نامزد ڪيو ويو. ريحانا لغاري کان اڳ شهلا رضا 2013ع کان 2018ع تائين سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر طور فرض انجام ڏئي چڪي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے