17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: سامارو: مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي مريضن کي چڪاسي دوائون ڏنيون ويون

Samaro: The patients who were diagnosed with free medical camps were diagnosed*ساماري ڀرسان مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي مريضن کي چڪاس ڪري دوائون ڏنيون ويون.

ڳوٺ حاجي علي محمد مريد خاصخيلي ۾ ڊاڪٽر سيد انور شاهه جي سهڪار سان لڳايل هڪ ڏينهن واري ڪيمپ ۾ ٽي بي ۽ مختلف مرضن ۾ مبتلا مريضن جي چڪاس ڪري، ٽيسٽن لاءِ جزا وٺي کين مفت دوائون ڏنيون ويون.

ڪئمپ ۾ ضلعي فيلڊ سپروائزر ڊاڪٽر فھميده رتڙ،  ڪميونٽي موبلائزر الھبچايو ملاح ۽ ليب ٽيڪنيشن عبدالوحيد سميت ٻين  مريضن لاءِ خدمتون سر انجام ڏنيون.

ميڊيا سان ڳالھائيندي سينيئر فزيشن ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي ۽ ڊاڪٽر فھميده رتڙ چيو ٽي بي جي شرح ڏينھون ڏينھن وڌي رھي آھي، اهو مرض هاڻي سئو سيڪڙو قابل علاج مرض آھي، جيڪو مفت ڪيو پيو وڃي.

هنن چيو ته ٽي بي جون خاص نشانيون ٻن ھفتن کان وڌيڪ کنگهھ, رت اچڻ، رات جو ھلڪو بخار ۽ پگھر اچڻ، وزن ۾ گھٽتائي ۽ بک نه لڳڻ  وغيره آهن،  اھڙين شڪايتن ۾ مبتلا ماڻھن کي گھرجي تعلقا اسپتال کان علاوه به پ پ ايم جي4 خانگي ڪلينڪن مان مفت طبي معائنو ڪرائين…….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے