13 منگل , نومبر 2018

پهريون ٽارگيٽ معيشت جي بحالي ۽ روزگار لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته اسان جو پهريون ٽارگيٽ معيشت جي بحالي ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي، عمران خان سنڌ جي گورنر لاءِ عمران اسماعيل جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي، پارٽي سربراهه ميانوالي جي سيٽ پاڻ وٽ رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بني گالا ۾ پي ٽي آءِ جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته پارلياماني پارٽي اڳواڻن کي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ويندي، بلاول ڀٽو زرداري، خورشيد شاهه ۽ شهباز شريف کي گهرايو ويندو، اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ڪپل ديو ۽ نوجوت سنگهه سڌو حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ اچي رهيا آهن، جڏهن ته سنيل گواسڪر مصروفيتن سبب شرڪت نه ڪري سگهندو. فواد چوڌري چيو ته عمران خان ميانوالي جي سيٽ پاڻ وٽ رکندو ۽ باقي 4 سيٽون ڇڏيندو، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر لاءِ 3 نالا فائنل ڪيا ويا آهن. سندس موجب وزيراعظم پارليامينٽ ۾ جوابده هوندو، هو پاڻ ايوان ۾ هڪ ڪلاڪ سوالن جا جواب ڏيندو، هن وقت اسان لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج معيشت جي بحالي آهي، اسد عمر ۽ سندس ٽيم جو سڄو ڌيان هن وقت معيشت تي آهي. هن چيو ته وزيراعظم هائوس، گورنر هائوسز ۽ چيف سيڪريٽري هائوسز جا خرچ گهٽائينداسين، عمران خان جي رهائش گاهه بابت سيڪيورٽي اشوز آهن، ان حوالي سان به قدم کڻي رهيا آهيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے