17 ہفتہ , نومبر 2018

قانون واري وزارت اين آر او، آصف زرداري جي سوئس ڪيسن بابت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قانون واري وزارت اين آر او ڪيس ۾ جواب داخل ڪرائيندي ان معاملي کان لا تعلقي ڪري ڇڏي. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ اين آر او ڪيس ۾ قانون واري وزارت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو وي ته غبن جا پيسا ريڪور ڪرڻ جو اختيار اسان کي حاصل ناهي ڇو ته اسان کي احتساب جو مينڊيٽ ناهي ڏنو ويو، جڏهن ته ڪرپشن، بي ضابطگين يا اختيارن جي ناجائز استعمال خلاف ڪارروائي نيب جي دائري ۾ اچي ٿي.  جواب ۾ ٻڌايو ويو ته سوئس اختيارين کي آصف زرداري جي ڪيسن تان هٿ کڻڻ جو خط اڳوڻي اٽارني جنرل ملڪ قيوم لکيو، اهو خط 8 مئي 2008 ۾ لکيو ويو، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سوئس ڪيس ٻيهر کولڻ ۽ ملڪ قيوم کي خط واپس وٺڻ جي لاءِ سوئس اختيارين کي 5 نومبر 2012 تي خط لکيو ويو. قانون واري وزارت جي جواب موجب سوئس اختيارين فيبروري 2013ع ۾ سوئس ڪيس ٻيهر کولڻ کان معذرت ڪري ورتي، سوئس اختيارين موجب آصف زرداري خلاف ڪيس سوئس عدليه جي فيصلي جي نتيجي ۾ باضابطا طور تي بند ٿي چڪا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے