13 منگل , نومبر 2018

چارسدا جي علائقي رجڙ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 6 ڄڻا مارجي ويا

In Jeddah area of Charsadda, two girls were killed and 6 others were killed

چارسدا(ويب ڊيسڪ) خيرپختون خواهه جي شهر چارسدا جي علائقي رجڙ ۾ ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا. پوليس موجب چارسدا جي علائقي رجڙ ۾ قلندر شاهه ۽ صابر شاهه نالي ٻن شخصن ۾ ڪنهن ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جنهن تي ٻنهي هڪ ٻئي تي انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ قلندر شاهه، سندس گهرواري گل رخ، صابر شاهه، انور شاهه، احمد شاهه ۽ ناوي گل نالي عورت ٿڏي تي ئي دم ڏنو جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. واقعي جا اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ تي پهتي ۽ فوتين ۽ زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽرز اسپتال منتقل ڪيو. ڊي ايس پي سٽي بشير احمد موجب مارجي ويلن ۾ سڀئي پاڻ مائٽ هئا. پوليس ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے