13 منگل , نومبر 2018

يوسف رضا گيلاني ۽ سندس خاندان دهشتگردن جي نشاني تي آهي، سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي: بلاول

Yousaf Raza Gilani and his family are on the sign of a terrorist, securing security: Bilawalڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي سيڪيورٽي واپس وٺڻ تي پنهنجو ردعمل ڏيندي چيو آهي ته يوسف رضا گيلاني کان سيڪيورٽي واپس وٺڻ مجرماڻو عمل آهي، ڇا حڪومت کي اها ڄاڻ ناهي ته يوسف رضا گيلاني جو خاندان دهشتگردن جي نشاني تي آهي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته لکت ۾ ڏنو وڃي ته گيلاني خاندان کي ڪجهه ٿيو ته صوبائي حڪومت ذميوار هوندي، هن مطالبو ڪيو ته يوسف رضا گيلاني سميت سموري سياسي قيادت جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن نگران صوبائي حڪومت اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ سندس خاندان جي لاهور ۽ ملتان ۾ سيڪيورٽي تي مقرر پوليس هٽائي ڇڏي هئي جنهن تي هن خدشن جو اظهار ڪيو هو ۽ ان حوالي سان عدالت سان رابطو ڪرڻ جو چيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے