16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز |رتو ديرو: اسڪول جو ڪم اڌ ۾ بند، شاگردن ۽ استادن جو احتجاج

RatoDero, The school's work, StudentsTeacher رتيديري ۾ اسڪول جو ڪم اڌ ۾ بند ڪرڻ خلاف شاگردن ۽ استادن توڙي  شهرين پاران احتجاج ڪيو ويو.

حسن پور پاڙي  جي گورنمينٽ پرائمري بوائيز اسڪول جو ڪم اڌ ۾ بند ٿيڻ خلاف شاگردن، استادن ۽ شهرين ساقي ابڙو،سيد احسان علي شاه، فقير قاسم تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي استادن ۽ شهرين خطاب ڪندي چيو ته بااثر ٺيڪيدار اسڪول جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي گم ٿي ويو آهي .

هنن ٻڌايو ته اڍائي ڪروڙ روپين جي لاڳت سان اڏجندڙ  عمارت جو ڪم ٺيڪيدار اڌ ۾ بند ڪري ڀڄي ويو آهي.

هنن چيو ته 1200 کان به مٿي شاگرد ۽ شاگردياڻين جو مستقبل داءَتي لڳل آهي پر ٺيڪيدار سميت ڪنهن کي به ڪا ڳڻتي نه آهي.

هنن چتاءُ ڏنوآهي ته جيڪڏهن ترت  اسڪول جو ڪم شروع نه ٿيو ته نه رڳواحتجاج جو دائرو وڌايو ويندو پر ٺيڪيدار سميت لاڳاپيل آفيسرن خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس پڻ داخل ڪرايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے