21 بدھ , نومبر 2018

گھڻ طرفو انقلابي تصور ۽ سنڌ-پاڪستان جي قومپرست اڳواڻن جو ڪوتاهيون

پريم مٿراڻي

گذريل لڳ ڀڳ پنجاهه سالن کان، سنڌ-پاڪستان ۾ انقلابي جدوجهد جي نالي ۾، قومپرست تنظيمن طرفان، جدوجهد جو جيڪو طريقيڪار اختيار ڪيو ويو، اهو، غيرانقلابي نظريي ۽ غيرنظرياتي تنظيمي جوڙجڪ ڪارڻ، قومي انقلابي جدوجهد واري شڪل اختيار نه ڪري سگھيو_ مارڪس کي گھٽ پڙهندڙ ۽ ان کي اڃان به گھٽ سمجھندڙ، پنهنجو پاڻ کي مارڪسسٽ سڏائيندڙ، سنڌ جا قومي انقلابي اڳواڻ، قومي طبقاتي جدوجهد واري تصور کي ڪنهن حد تائين پيش ڪرڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيا پر ان ڳالهه کي سمجھڻ ۾ سو سيڪڙو ناڪام ويا ته سماجوادي انقلاب جي اچڻ جو مارڳ رڳو لينن ۽ مائوزيتنگ (Lenin and Mao) وارو نه آهي_ اهي ويچارا ته خود انقلاب جي مارڳ جا ڳولهائو هئا_ بالشويڪ انقلاب ان ڳالهه جو چٽو مثال آهي_ جيڪو ساڳي پارٽي جي اقتدار ۾ اچڻ سان، سياسي-آئيني بدلاءُ (Constitutional Revolution) ذريعي عمل ۾ آندو ويو ۽ ”انقلاب جي بچاءَ“ جي نالي ۾، لڳاتار تبديلين ذريعي معاشي انقلاب (Economic Revolution) ۾ منتقلي جو گھرجائو رهيو_ پر ساڳي وقت، يورپ جي ڪُک مان جنم ورتل سرمائيداري انقلاب، پنهنجي ”خوفناڪ عالمي استحصالي سامراجيت“ قائم ڪرڻ لاءِ نئين براعظمي مرڪز يعني آمريڪا تي والارجي چڪو هو_ ويهين صدي جي شروعات ۾، تاريخ سوشلزم کي سرمائيداري واڱر، الڳ کنڊ تي اڀرڻ جو برابر موقعو فراهم ڪيو_ ٻنهن انقلابن ٽيڪنالاجي کي وس ۾ ڪرڻ جا لڳاتار جتن ڪيا، پر ساڳي صدي جي آخر تائين، سرمائيداري سرشتو، بحراني معيشيت (Crises Economy) جو شڪار رهندي به، عالمي سامراجيت کي جٽاءُ ڏيڻ ۾ اڳڀرو رهيو ۽ سوويت سوشلسٽ انقلاب، عوامي معاشي جمهوريت (Economic Democracy) واري ڏاڪي تي پهچڻ کان اڳ۾ ئي پُٺ تي ڌڪجي ويو_ ٻنهن انقلابن، يعني سرمائيداري انقلاب ۽ سوشلسٽ انقلاب جي اوسر ۾ فرق اهو هو ته:

1_ سرمائيداري انقلاب، 1776ع ۾ جڏهن آمريڪا تي والار جو اعلان (نام نهاد آمريڪي انقلاب) ڪيو، تڏهن هو، پنهنجي اوائلي اوسر جا گھٽ ۾ گھٽ، 100 سال پورا ڪري چڪو هو ۽ اهو انقلاب جڏهن ويهين صدي ۾ داخل ٿيو تڏهن ان جي عمر 250 سال ٿي چڪي هئي_ سرمائيداري انقلاب جو جنم معاشي سطح تي، ڪاروباري ادارن ۾ ٿيو ۽ سرمائيداري، ڪاروباري، واپاري، مالياتي ۽ خدمتي ادارن ۾، ملازمن ۽ مالڪن (Owners & Employees) جي وچ ۾، ”مالڪن لاءِ منافعو ۽ ملازمن جو استحصال“ ڪندي، پنهنجي اوسر جا اوائلي ڏاڪا طئي ڪيا _

2_ ٻي پاسي سوويت سوشلسٽ انقلاب، سياسي سطح تي اقتدار حاصل ڪري، آئيني بدلاءَ ذريعي، ملڪ مٿان مڙهيل انقلاب هو جنهن کي عوامي معاشي سطحن تي، انقلاب ۾ منتقل ٿيڻ واري عمل جا ڪيئي ڏاڪا طئي ڪرڻا هئا_ سوشلسٽ انقلاب جو جنم سياسي ايوانن ۾ ٿيو_ جنهن کي پهريون فرضي نالو ”پرولتاري ڊڪٽيٽرشپ“ (Proletariat Dictatorship) جو ڏنو ويو_ بالشويڪ ان ڳالهه کان بخوبي واقف هئا ته لڳاتار انقلابن جي تسلسل سان ئي حقيقي سياسي معاشي سوشلسٽ انقلاب وري منزل ماڻي سگھجي ٿي ۽ انهن جو اقتدار حاصل ڪرڻ وارو عمل، انقلاب نه پر، سياسي سطح تي آيل اهڙي تاريخي تبديلي وارو عمل هو جنهن ۾، سرمائيداري خلاف، سوشلسٽ انقلابي معيشيت قائم ڪرڻ جو مڪمل جوهر (Essence) موجود هو_ (ان موضوع تي اڳتي هلي دلچسپ مضمونن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو)_

انقلاب جا ڪيئي مارڳ

تاريخ جي ان تجربي مان، بالشويڪ اڳواڻ اڻ ڳڻت غلطين مان سکندا، اڳتي وڌندا رهيا ۽ وڌيڪ غلطين کي برداشت ڪندي، انقلاب کي ان جي آخري ڏاڪي تي پهچائڻ لاءِ اتساهيل رهيا_ پر اهي ڪڏهن به لينن، اسٽالن يا ٻين جا اهڙا شيدائي نه رهيا جيئن اسان وارا قومپرست اڳواڻ انهن جي پوئلڳي جا دعويدار رهيا_ اهڙي ريت اسان ڏسون ٿا ته سماجي انقلاب هڪ دفعو نه ايندو آهي پر ڏاڪي به ڏاڪي ايندو آهي ۽ ان جي اچڻ جا ڪيترا ئي مارڳ/ڏاڪا يا نظريا ٿي سگھن ٿا _ جهڙوڪ:

1_سياسي سطح تي، آئين ۾ بدلاءَ وارو آئيني انقلاب

2_ سٺي حڪمراني (Good Governance) ذريعي سماجي تبديلي وارو انقلابي-ارتقائي ڏاڪو

3_ غيرسرمائيداري،  جمهوري ڪاروباري ادارن (Business Enterprises) جي اڏاوت ذريعي معاشي تبديلي وارو انقلابي عمل

4_ موجوده سماجي حالتن آهر سياسي، معاشي ۽ ثقافتي سطحن تي ممڪن بدلاءَ وارو مرحليوار سماجي تبديلي وارو عمل

سنڌ جي قومپرستن وٽ انقلاب جو تصور هيٺين ريت آهي:

الف_ انقلاب جي معني قطعي انقلاب (Absolute Revolution) آهي جيڪو هڪ دفعو ايندو آهي ۽ سڀ ڪجهھ ٺيڪ ڪري ڇڏيندو آهي ۽ اهڙو انقلاب هڪ پارٽي آڻيندي آهي جنهنجو اڳواڻ، پارٽي جو باني هوندو آهي_

ب_ انقلاب جي معني اڻانگي جدوجهد (Struggle) آهي_ جيڪا مستقل نه آهي ۽ انقلاب جي اچڻ سان ئي ختم ٿيڻي آهي_ ٻئي پاسي سنڌ جي قومپرستن کي، انقلاب ڪڏهن ايندو، انجي ڪابه خبر ناهي! ڪيئن ايندو انجو به ڪو پتو نه آهي! پر اهو انقلاب سياسي تبديلي ذريعي ئي ايندو_ يعني انقلاب جو بنياد يڪطرفي سياست (Politics) آهي_ اقتدار ملڻ کانپوءِ چا ڪرڻو اهي انجو ڪو به پڌرنامو موجود نه آهي_

ج_ انقلاب سياسي عمل آهي جيڪو صرف اقتدار ۾ اچڻ سان ئي اچي سگھي ٿو_

د_ سنڌ جي قومپرست اڳوڻن مطابق انقلاب جي اچڻ جو هڪ ئي رستو آهي_ سنڌ ۾ سمورا قومپرست اڳواڻ، پنهنجو پاڻ کي درست انقلاب جي واٽ تي جدوجهد ڪندڙ تنظيم هجڻ جا دعويدار بڻجن ٿا_ عملي طور ڏسجي ته سمورن قومپرستن جو نظريو، اڻ پورو، مبهم ۽ خيال پرستي تي مشتمل آهي_

سنڌ جي قومپرست تنظيمن جون تاريخي ڪوتاهيون

هن وقت، قومي انقلابي جدوجهد جي نالي ۾، سنڌ-پاڪستان جي قومپرست اڳواڻن جي جوڙيل تنظيمن جي حيثيت ننڍن ننڍن پريشر گروپن جهڙي آهي_ جيڪي ڪجهھ مسئلن تي احتجاج کانسواءِ ٻيو ڪجھه به نٿا ڪري سگھن_ ان حد تائين جو انهن تنظيمن کي سنڌ جي بنيادي ۽ غيربنيادي مسئلن (Basic-Non Basic Issues) بابت جدوجهد ڪرڻ ته پري رهيو پر انهن مسئلن جو ادراڪ ئي ناهي_ اڄ وقت جي ضرورت آهي ته انهن جي ڪمزورين تي غور ڪجي ۽ انهن جي رهنمائي ڪجي ته جيئن اهي خوشحال ۽ پرامن سنڌ-پاڪستان لاءِ پنهنجو جوڳو سياسي انقلابي ڪردار ادا ڪري سگھن_ سنڌ سميت پاڪستان جي سمورن صوبن ۾ قومي جدوجهد جي غيرموجودگي جي ڪارڻ، پاڪستان جي سمورين قوميتن جو سياسي ۽ معاشي نظام، قديم جاگيردارن ۽ نون سرمائيدارن جي گرفت کان آزاد ٿيندي نظر نٿو اچي_ ان پسمنظر ۾، سنڌ جي قومي جدوجهد جي حوالي سان، هيٺين ڪوتاهين تي غور ڪريو؛ جن کي آساني سان سڌاري سگھجي ٿو:

1_ قومپرست تنظيمون سنڌ ۾ نه صرف ڪابه انقلابي تبديلي آڻي سگھڻ جي قابل نه آهن بلڪ ممڪن، حقيقي سماجي تبديلي جي رستي ۾ رڪاوٽ پڻ بڻيل آهن_ سنڌي ماڻهو سمجھن ٿا ته هڪ طرف اقتدار پسند پارٽيون آهن ته ٻي طرف قومپرست تنظيمون آهن_ پر درحقيقت ايئن نه آهي_ سرمائيداري-جاگيرداري سرشتي کي جيئن جو تيئن قبول ڪندي، اقتدار پسند پارٽين وٽ اقتدار حاصل ڪرڻ جو سمورو تنظيمي قومي-مقامي ڍانچو موجود آهي_ تنهنجيڪري اهي مسلسل، حڪمراني جي ايوانن تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿيون_ جڏهن ته قومپرست تنظيمن وٽ نه  قومي عوامي نظريو آهي ۽ نه ئي ڪا تنظيم آهي جنهن وٽ سماجي تبديلي جو قومي انقلابي طريقيڪار موجود هجي_ اهي تنظيمون اقتدار ۾ اچڻ ته پري رهيو پر هڪ عام چونڊن ۾ سيٽ به حاصل ڪري سگھڻ جي قابل نه رهيون آهن_ هاڻ محسوس اهو ٿو ٿئي ته ڏينهون ڏينهن انهن مان انقلاب يا سماجي تبديلي لاءِ جدوجهد مان ويساهه به ختم ٿيندو وڃي!

2_ سنڌ ۾ دهشتگردي، لاقانونيت، شهري نظام جي بربادي، بدعنواني ۽ خراب حڪمراني، تعليم ۽ صحت وارن ادارن جي تباهي وغيره خلاف، سنڌ جي قومپرست تنظيمن طرفان اثرائتي جدوجهد جي غيرموجودگي ۾، سنڌ جي اڄوڪين حالتن لاءِ انهن تنظيمن کي برابر جو ذميوار سڏجي ته به غلط نه ٿيندو_

3_ سنڌ جي قومپرست پارٽين جو ڏنل اهو تصور ته انقلاب صرف غريب ماڻهو، ڏڏ شاگرد، بيروزگار وغيره آڻيندا آهن، غلط آهي_ انقلاب لاءِ پئسا، وسيلا، جديد ٽيڪنالاجي، سرندي وارا ماڻهو، هوشيار شاگرد، پروفيسرن، باروزگار ماڻهن، آفيسرن، ڪامورن وغيره سميت، سموري سنڌي عوام جي ڪُل وقتي، رضاڪاراڻي، علامتي يا اخلاقي شرڪت گھربل آهي_ سنڌ جي قومپرست تنظيمن ۽ انهن جي اڳواڻن وٽ، سنڌ جي واپارين، هوشيار شاگردن، آفيسرن، رٽائرڊ ڪامورن، ملازمن، انتظامي عملدارن، هنرمندن، فنڪارن وغيره؛ وچين طبقي سان تعلق رکندڙ سنڌي-غيرسنڌي ماڻهن لاءِ، انقلابي جدوجهد ۾ سڌو-اڻسڌو ۽ سهڪاري طرح شامل ڪرڻ جو ڪوبه طريقيڪار موجود نه آهي ۽ نه ئي انهن وٽ، اهڙي تنظيم سازي لاءِ، ڪنهن به قسم جي رٿابندي موجود آهي_

4_سنڌ جي قومپرست پارٽين وٽ مقامي، علاقائي ۽ ضلعي تنظيمن جو ڪو به وجود نه آهي_

5_ مقامي تنظيمن جي غيرموجودگي ۾ مقامي مسئلن تي جدوجهد جو به ڪو تصور موجود نه آهي_ مقامي تنظيم جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن وٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪو به ڪم نه هوندو آهي_ انهن کي خبر ئي نه هوندي آهي ته مقامي مسئلن تي جدوجهد به قومي جدوجهد جو اڻ ٽٽ حصو آهي_

6_ ان کانسواءِ قومپرست تنظيمن ۽ انهن جي مهااڳواڻن جي ناقص رٿابندين، ننڍي مدي وارن  مقصدن جي غيرموجودگي ۽ اڻ ڄاڻائي، انقلابي تنظيم جي اصل قوت جي تصور کان اڻ ڄاڻائي، تنظيمي ڪارڪنن جي قابليت جي کوٽ، پئسي جي اڻ هوند، نه کٽندڙ سستين ۽ لاچارين وغيره سميت اڻ ڳڻت اوڻاين، ڪمزورين ۽ مجرماڻين ڪوتاهين تي ڪيترو ئي ڳالهايو ۽ لکيو ويو آهي_ اسان انهن تنظيمن تي تنقيد ڪرڻ ۾ وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ، ايندڙ مضمون ۾، سنڌ جي قومپرست تنظيمن جي خدمت ۾، ايندڙ پنجن سالن جو اصلاحي خاڪو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏو ليڊر ٿيڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ آيل ”يوٽرن“ جو نئون نسخو

امير ڀنڀرو ٻه  ڏينھن اڳ  ڪالم نويسن سان ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان پنھنجي اصليت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے