23 منگل , اکتوبر 2018

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جا انتهائي اثر

سنڌ هونئن ئي گذريل ڪيئي ڏهاڪن کان پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏيندي رهي آهي، جنهن ڪري نه صرف سنڌ جي زرعي معيشت تباهه وئي آهي، پر ان کان اڳتي سنڌي سماج جي سموري بيهڪ پڻ متاثر ٿي آهي، روزگار جي نه هجڻ ڪري سماج جي هر شعبي ۽ هر رويي تي منفي اثر پيو آهي، پئسي نه هجڻ ڪري ماڻهن جي سماجي رشتن کان وٺي سندن صحت، تعليم ۽ بنيادي انساني ترقي سخت متاثر ٿي آهي. سنڌ هڪ زرعي سماج وارو خطو آهي، جنهن جي 70 / سيڪڙو آبادي زرعي جنسن جي اپت تي گذري ڪري ٿي، پر هاڻي سندس اها زرعي حيثيت نه رهي آهي ۽ اڄ سنڌي زرعي سماج ايترو به ان نه ٿو اپائي سگهي جيتري سنڌي قوم جي کاڌ خوراڪ جي ضرورت آهي، مارڪيٽ ۾ وينداسين ته چانورن جون ڪيئي جنسون، ڪرنل، جرنل ۽ ميجر جي نالن سان ملنديون، جهڙوڪر سنڌ مان سڳداسي ۽ باسپاتي چانورن جون جنسون ورهيه ٿيا جو مري ويون هجن.

سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جيڪا گذريل ڏهاڪي کان پيدا ٿي آهي، ان کوٽ نه فقط سنڌ پر سڄي دنيا آڏو ڪيئي نون منظرن، حقيقتن ۽ لقائن کي نروار ڪيو آهي ۽ ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ بابت ڪيئي حقيقتن کي چٽو ڪيو ويو آهي، پاڪستان چئن وفاقي يونٽن تي ٻڌل هڪ ملڪ آهي جنهن ۾ ملڪ جا فائدا ۽ نقصان چئني يونٽن لاءِ برابر جا هجڻ گهرجن، پر هتي ايئن نه آهي ائين، نه صرف پاڻيءَ جي معاملي ۾ ائين نه آهي پر ائين هر معاملي ۾ آهي، سنڌ قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي پر انهن وسيلن مان سنڌ کي ڪو به فائدو نه پيو ڏنو وڃي، وفاق جي نالي ۾ سموران فائدا پنجاب کي پيا ملن، اهو حال پاڻيءَ جي سلسلي ۾ پڻ آهي، ملڪ ۾ پاڻيءَ جو وڏو حصو پهريون پنجاب کنيو وڃي ۽ جڏهن سنڌ ۾ فصلن پوکڻ جي مند اچي وڃي ته پوءِ سنڌ کي رڙائي رڙائي پاڻي ڏنو وڃي، جواز اهو ڄاڻايو وڃي ته پاڻي نه آهي.

هاڻي خريف جي مند آهي ۽ خريف جي مند ۾ ساريال جو فصل جهجهو ٿيندو آهي، سارين جي فصل پوکڻ جي مند چڙهندي پئي وڃي، اڃا سنڌ ۾ پاڻي نه آهي ۽ سڄي سنڌ احتجاجن ۾ آهي، ٻئي پاسي پنجاب جا فصل پنهنجي وقت تي پوکيا ويا ۽ وقت تي لڻيا ويندا، هن سال ته نه سنڌ ۾ سارين جو فصل پوکي سگهبو ۽ نه ئي لڻي سگهبو جو پاڻي نه آهي، اطلاعن موجب پنجاب جي سمورن علائقن ۾ ساريال سميت خريف جا سمورا فصل پوکيا ويا آهن پوءِ به پنجاب جا سمورا ڊيم پاڻيءَ سان ڀريل آهن، سنڌ لاءِ چيو اهو پيو وڃي ته پاڻيءَ جي کوٽ آهي.

پاڻيءَ جي معاملي ۾ سنڌ سان جيڪو گذريل هڪ سو پنجاهه سالن کان پنجاب جو رويو رهيو آهي، ان ۾ پاڪستان جي قيام بعد وڌيڪ تلخي ۽ سختي آئي آهي، اهڙي تلخي ۽ سختيءَ ۾ وري گذريل ڏهه سالن دوران وڌيڪ واڌارو ٿيو آهي، جنهن ۾ ويتر واڌارو گذريل ٻن ٽن سالن جي عرصي ۾ آيو آهي ۽ هاڻي ته وڃي ان جو به ڇيهه ٿئي ٿو، جو سپريم ڪورٽ به ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ کي سبب ڄاڻائي ڊيمن جي تعمير ۾ مصروف ٿي وئي آهي.

اها هڪ حقيقيت آهي ته ڌرتيءَ جي گولي تان انسان جي اڍنگي استعمال ڪري قدرت جا وسيلا گهٽجي رهيا آهن، پاڻي به انهن وسيلن مان هڪ آهي، ظاهر آهي جيڪڏهن پاڻيءَ جي کوٽ ڪري سڄي دنيا متاثر ٿيندي ته سنڌ به پاڻيءَ جي اهڙي کوٽ کان ضرور متاثر ٿيندي.

پر پاڪستان جي موجوده صورتحال ۾ اهو پهلو ڪنهن حد تائين لاڳو نه ٿو ٿئي جو پاڪستان پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار نه آهي پر پاڻيءَ جي استعمال ۾ بدنظيءَ ۽ بدنيتيءَ جو شڪار آهي، پاڻيءَ جي کوٽ جي پورائي لاءِ ملڪ ۾ ڊيم ٺاهڻ جي سنڌ ڪڏهن به مخالفت نه ڪئي آهي، پر پاڻيءَ جي کوٽ جا عذر ڄاڻائي ڊيم ٺاهجن ۽ وري انهن ڊيمن جو پاڻي پاڻ استعمال ڪجي جو ٻيا صوبا خاص ڪري سنڌ سوڪ ۾ سڙندي رهي، سنڌ ان جي خلاف آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جو اختلاف جائز آهي، جيڪڏهن سنڌ ملڪ ۾ پاڻيءَ جي ذخيرن جي قيام جي مخالف هجي ها ته اڳ تربيلا، منگلا ۽ هاڻي ڀاشا ۽ ديا مير اڏڻ تي سنڌ جو اختلاف ضرور هجي ها، پر ائين نه آهي، جڏهن ته ڀاشا ڊيم ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت ڪالاباغ ڊيم کان وڌيڪ آهي.

ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ آهي يا نه آهي، يا مستقبل ۾ ملڪ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٿيندي يا نه  ۽ ان جو پورائو ڪيئن ٿيندو، اهي بيان ڪيئي سوالن کي جنم ڏين ٿا، جن جي جوابن جي ضرورت آهي ۽ اهي مسئلا هن وقت اسان جي بحث جو موضوع نه آهن.

اسان جي بحث جو موضوع آهي ته هن وقت جڏهن سنڌ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ آهي ۽ خريف جي فصلن لاءِ پاڻي نه هجڻ ڪري وڏي پئماني تي سنڌي عوام احتجاج ڪري رهيو آهي ۽ پنجاب جا سمورا ڊيم پاڻيءَ سان ٽم ٽار ڀريا پيا آهن، جن مان سنڌ کي پاڻيءَ جو ڦڙو  به نه پيو ملي سو ڇو؟، سنڌ لاءِ اهو هڪ سوال آهي.

اسين سمجهون ٿا ته ڊيمن جي تعمير بابت سنڌ کي پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ ۾ مبتلا ڪري جيڪڏهن ڪا حمايت حاصل ڪري سگهجي ٿي ته اهڙي سوچ انتهائي خسيس ۽ ٻاراڻي ٿيندي، اسين اهو به سمجهو ٿا ته سنڌ جي زرعي معيشت کي تباهه ڪري سنڌ ۾ پنجاب جي زرعي جنسن جي کپت جو رستو هموار ڪرڻ اوري سوچ به بنهه ڇسي، لوڀي ۽ لالچي آهي، جنهن جا نتيجا پڻ سٺا نه نڪرندا.

سنڌ جي زرعي معيشت تباهه ٿي وئي آهي، جنهن جا ايندڙ سالن ۾ انتهائي ناڪاري نتيجا نڪرندا، سنڌ هن پاڪستاني وفاق جو هڪ ايڪو آهي، جيڪڏهن سنڌ جي معيشت ۽ ماليات کي ڪو نقصان پهچايو ٿو وڃي ته اهو نقصان هن وفاق کي پهچائڻ جي برابر آهي، وفاق جي ذميواري آهي ته سڀني يونٽن جو خيال رکي ۽ سنڌ ۾ پيدا ڪيل پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ کي فوري طور تي ختم ڪرائي.

آچر 12 آگسٽ 2018ع، 29 ذوالقعد 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف کي ” نئين پاڪستان“ لاءِ ڪجهه گذارشون

اطلاعن موجب تحريڪ انصاف 100 ڏينهن جي حڪومت دوران ملڪي معاملن کي سڌو ڪرڻ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے