17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز |نئون ديرو ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو

نئون ديرو ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو .

ڪيٽي ممتازٿاڻي جي حد ڳوٺ راھوجا سامھون شاھاڻي لنڪ روڊ تي موٽر سائيڪل  سوار جوابدارن ڪار تي فائرنگ ڪري  اسلم چانڊيو   ۽ دلشيرچانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو

مارجي ويلن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا جتان قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا .

ٻڌايو پيو وڃي ته اسلم چانڊيو ڏوھاري ھو ڪجهه عرصو اڳ ھن پوليس وٽ پيش ٿي ڪيسن کي منھن ڏنو هو ۽ هاڻي  شرافت جي زندگي گذاري رھيو ھو مقتول اسلم چانڊيو جي پٽ شاھد چانڊيو جو چوڻ آھي ته پنھنجي برادري جي ماڻھن سان پراڻو تڪرار ھلندڙ آھي انهن سندس والد کي قتل ڪيو آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے