20 منگل , نومبر 2018

سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ جي نيري روشني اکين نقصانڪار

Due to the destruction of smartphone and tablet light blue eyesight eyesاوهايو(ويب ڊيسڪ) سائنسدانن سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ جي نيري روشني کي اکن لاءِ نقصانڪار قرار ڏئي ڇڏيو.توهان کي ياد هوندو ته گذريل سال هڪ برطانوي عورت جي خبر  مشهور ٿي هئي، جيڪا رات دير تائين لاڳيتو سمارٽ فون جي اسڪرين تي نظرون ڄمائي رکندي هئي، جيڪا مهينن کانپوءِ هوءِ نابين بڻجي وئي .بلند توانائيءَ واري هيءَ روشني جسم جي اندرين گهڙين کي به متاثر ڪندي آهي اهڙي طرح هي اکين جي روشني لاءِ به خطرناڪ ثابت ٿي آهي .يونيورسٽي آف ٽوليڊو سموري تحقيق ڪرڻ کان بعد چيو آهي ته سمارٽ فون  مان خارج ٿيڻ واري نيري روشني 445 نينو ميٽر  شارٽ ويو تي موجود هوندي آهي ۽ اها روشني اکين جي ديد کي سولائي سان ختم ڪري ڇڏيندي آهي . پرفيسر جو چوڻ هو ته هن  خطري کان بچڻ لاءِ رات جو دير تائين سمارٽ فون جو استعمال گھٽايو وڃي، جيڪڏهن فون تان ڪجهه پڙهائي ڪري رهيا آهيو ته مهرباني ڪري فون جي روشني گهٽ ڪري ڇڏيو يا ان کي نائٽ موڊ تي رکو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جديد سولر پينل بجلي به پيدا ڪري ۽ سج کي گرمي به واپس ڪري

ڪيليفورنيا(ويب ديسڪ)ماهر اهڙو سولرپينل تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿيا ويا آهن جيڪو نه صرف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے