19 پیر , نومبر 2018

نيوز |مورو: عوامي تحريڪ ۽ جسم جي باگڙي برادري جي ڌرڻي تي پوليس تشدد خلاف ريلي

Moroموري ۾ عوامي تحريڪ ۽ جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي باگڙي برادري جي پر امن ڌرڻي تي پوليس  تشدد خلاف ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو .

سياسي ڪارڪنن غلام فريد ڪلھوڙو، ھاشم کوسو، عثمان ماڇي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ميوي باگڙياڻي جا اصل جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران مرزو  ۽ سترام کي  گرفتار ڪري اصل حقيقتن تان پردو کنيو ويو.

هنن چيو ته باگڙي برادري جي ٻن عورتن کي بيگناهه قتل ڪيو پر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران باگڙي برادري جي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته احتجاج ڪندڙ قومپرست ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪيا ويا.

هنن چيو ته اشرف لغاري، هاشم کوسو ، امير لغاري سميت 35 ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ ٻن ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:لاکاروڊ: گرلز پرائمري اسڪول ۾ سهولتن جي اڻهوند سبب علمي سرگرميون سخت متاثر

*لاکا روڊ جي گرلز پرائمري اسڪول ۾ سهولتن جي اڻهوند سبب علمي سرگرميون سخت متاثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے