11 منگل , دسمبر 2018

نيوز |هالا: غوث الحق مخدوم سرور نوح جو 441 هون ساليانو عرس شروع

هالا  ۾ غوث الحق مخدوم سرور نوح جو 441 هون ساليانو عرس شروع ٿي ويو آهي،

درگاهه جو سجاده نشين مخدوم جميل الزمان اڄ شام جو مخدوم سرور نوح جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي عرس جو افتتاح ڪندو.

مخدوم جميل الزمان درگاهه جي احاطي ۾ منعقد ٿيندڙ  ذڪر  جي خصوصي مجلس ۾ شرڪت ڪري دعا گهرندو.

ميونسپل ڪميٽي هالا جي طرفان عرس شريف جي سلسلي ۾ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، درگاهه کي رنگ برنگي بلبن سان سينگاريو ويو آهي.

عقيدتمندن جي سهولت لاءِ هالا شهر جي مختلف اوتارن کان سواءِ اسڪولن ۾ انهن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو مڪمل بندوبست ڪيو ويو آهي مختلف چوڪن ۽ چوراهن تي پاڻي جون سبيلون پڻ لڳايون ويون آهن.

عرس شريف ۾ شرڪت لاءِ سنڌ جي مختلف علائقن کان  عقيدتمندن جا قافلا پهچڻ جو سلسلو جاري آهي.هالا: غوث الحق مخدوم سرور نوح جو 441 هون ساليانو عرس شروع

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| چيلهار: ڳوٺ ٻٽڙا جي ڊسپينسري جي نئين عمارت کنڊرات ۾ تبديل

چيلھار ڀرسان ڳوٺ ٻٽڙا ۾ صحت جون سھولتون اڻلڀ ٿي ويون، نئين ٺاھيل ڊسپينسري واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے