17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: حيدرآباد: شهري اتحاد پاران نوڪريون پئسن عيوض وڪرو ڪرڻ خلاف احتجاج

Hyderabad: protest against the sale of money-making jobs by the Union Alliance*حيدرآباد ۾ شهري اتحاد پاران نوڪريون پئسن عيوض وڪرو ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو مهراڻ ڀٽو، اميرخاصخيلي، سهيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهرين درخواستون ڏيندڙ اميدوارن کي نوڪريون ڏيڻ بدران وڪرو ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ريجنل ٽيڪس کاتي حيدرآباد ۾ درخواستون ڏيندڙ اميدوارن کي نوڪريون ڏيڻ بدران پيسن عيوض وڪرو ڪيون پيون وڃن.

هنن چيو ته گذريل مهيني ۾ ريجنل ٽيڪس کاتي حيدرآباد ۾ ڪلارڪن، پٽيوالن۽  چوڪيداري جي عهدن تي انٽر ويو رکيا ويا هئا، جن  ۾ ميرٽ جي لتاڙ ڪندي نوڪريون وڪرو ڪيون ويون آهن.

 اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ميرٽ تي نوڪريون ڏين……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڏھرڪي: ضلعي ڪائونسل جي ميمبر ڪلين سٽي پروگرام شروع ڪري ڇڏيو

ڏھرڪي ۾ ٽائون ڪاميٽي پاران شھر اندر صفائي نھ ڪرائڻ بعد ضلعي ڪائونسل جي ميمبر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے