20 منگل , نومبر 2018

آزادي ڏهاڙو: پنجاب ۾ ون ويلنگ ۽ هوائي فائرنگ تي پابندي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران وڏي وزير حسن عسڪري آزادي ڏهاڙي ون ويلنگ ۽ هوائي فائرنگ تي پابندي لاڳو ڪندي پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. حسن عسڪري 14 آگسٽ تي تفريحي ماڳن ڏانهن ويندڙ روڊ رستن تي ٽريفڪ روان رکڻ لاءِ خاص انتظامن جي هدايت جاري ڪندي چيو آهي ته شهرين کي ون ويلنگ ۽ هوائي فائرنگ کان روڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته زندهه قومون آزادي ڏهاڙو ڀرپور طريقي سان ملهائينديون آهن، قوم 14 آگسٽ تي آزادي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي. پنجاب جي نگران وڏي وزير پوليس، انتظاميا ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت جاري ڪندي چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزير اعظم عمران خان 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ملائشيا روانو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان ٻن جي سرڪاري دوري تي ملائيشيا روانو ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے