21 بدھ , نومبر 2018

نيوز: ٽنڊو محمد خان: پراڻي تڪرار تان نوجوان قتل

Tando Mohammad Khan differ from old youth killedٽنڊي محمد خان ڀرسان جوابدارن پراڻي تڪرار تان نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

بلڙي شاهه ڪريم جي ملاڪاتيار ٿاڻي جي حد ۾ جوابدارن گوليون هڻي 28 ورهين جي نوجوان غلام قادر ملاح کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.

واقعي بعد نوجوان جو لاش اسپتال آندو ويو، جتي مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته ماڪوڙي ملاح وارن سان ٻن سالن کان سندن دشمني هلندڙ هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.

هنن چيو ته ٻنهي ڌرين ۾ فيصلي بعد ڏنڊ ڀري ٺاهه ٿي ويو هو، پر اڄ هنن سندن نوجوان کي قتل ڪيو آهي.

مقتول نوجوان جي وارثن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪن.

هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او نند لال ٻڌايو ته ملاڪاتيار ٿاڻي تي ماڪوڙي ملاح ۽ ٻين جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، کين ترت گرفتار ڪيو ويندو…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: مانجهند: جشن عيد ميلاد النبي جي سلسلي ۾ ريلي ڪڍي وئي

*مانجهند ۾ جشن عيد ميلاد النبي جي سلسلي ۾ ريلي ڪڍي وئي.  جشن عيد ميلاد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے