16 جمعہ , نومبر 2018

ليرا جي قدر ۾ لاٿ سمجهه کان ٻاهر آهي: ترڪ صدر

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته ترڪ ڪرنسي ليرا جي قدر ۾ گهٽتائي ”غير منطقي“ آهي. سندس چوڻ هو ته ترڪ ڪرنسي جي قدر ۾ ايتري حد تائين لاٿ ترڪي خلاف سازش جو حصو آهي. بحير اسود ڪناري آباد شهر طرازون ۾ پنهنجي حامين کي خطاب ڪندي رجب طيب اردگان جو چوڻ هو ته ترڪ عوام يورو ۽ ڊالر وڪرو ڪري ته جئين ليرا جي قدر ۾ واڌ ٿئي. هو گذريل ڏينهن ڏينهن کان ترڪ عوام کان اهو ئي مطالبو ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته هلندڙ سال ليرا جي قدر ۾ لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو گهٽتائي اچي چڪي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ 30 سالن کان ڦرون ڪندڙ جوابدار گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪورنگي جي علائقي زمان ٽائون مان شهر ۾ 30 سالن کان ڦرون ڪندڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے