18 اتوار , نومبر 2018

حڪومت جي پهرين هفتي ئي پاڻي مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندس: مراد علي شاهه

Two Citizenship Issues: Justice has issued notice to the Election Commission and Returning Officersڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ جي وڏي وزير لاءِ نامزد سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته عوام جون ضرورتون ۽ اميدون گهڻيون آهن، پهرين هفتي کان ئي پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندس. سيد مراد علي شاهه خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته ٻيو ڀيرو پنهنجي نامزدگي تي پارٽي قيادت جو ٿورائتو آهيان، وڏي وزير جي عهدي تي ڪم ڪرڻ سولو ڪم ناهي، عوام جون ڪيتريون ئي ضرورتون ۽ اميدون آهن، بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تقرير ۾ ڊي سيلينيشن پلانٽ جو چيو هو، پهرين هفتي کان ئي پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. سندس چوڻ هو ته سنڌ ڪابينا نون ۽ پراڻن ماڻهن تي ٻڌل هوندي، اسيمبلي ۾ پ پ جا 25 سيڪڙو ماڻهو نوان اچي رهيا آهن، پارٽي قيادت جي صلاح مشوري سان ڪابينا جوڙي ويندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے