21 بدھ , نومبر 2018

نيوز: ڪشمور: سيف جي انتظام هيٺ هلندڙ اسڪولن جو عملو پگهار کان محروم

kashmor: Safe management undermines the running staff of schoolgirlsڪشمور ۾ سيف جي انتظام هيٺ هلندڙ اسڪولن جي ماسترياڻين کي 6 مهينن کان پگهارون نه ملي سگهيون.

سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان هلندڙ اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ ماسترياڻين کي 6 مهينن کان پگهارون نه مليون، سيف پگهارون جاري نه ڪرڻ سميت  پروگرام ڪوٺائڻ کان به ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي سماجي اڳواڻ عبدالنبي بروهي چيو ته سيف اتنظاميه 6 مهينن کان ليڊي ٽيچرس کي پگهارون ناهن ڏنيون ۽ هاڻي جشن آزادي جي پروگرام لاءِ به شاگردن کي خرچ ناهي ڏئي رهي.

هن چيو ته اتنظاميه ٺلها آسري ڏئي هر معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿي، هن ڀيري شاگردن جي پروگرام ڪوٺائڻ لاءِ  ڪا به سهڪار ناهي ڪيو ويو

هوڏانهن اسڪول انتظاميه جو چوڻ هو ته جشن آزادي ملهائڻ لاءِ وٽن پيسا ناهن، ۽ سيف جي اعليٰ عملدارن به سندن سهڪار ناهي ڪئي، جنهن جي هو مذمت ڪن ٿا.

هنن سنڌ جي نگران سرڪارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ماسترياڻين کي پگهارون ڏئي شاگردن کي 14 آگسٽ ملهائڻ لاءِ خرچ ڏيڻ جو پابند ڪري………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے