13 منگل , نومبر 2018

محمد علي پٺاڻ جي طويل نظم تي آڌاريل ڪتاب “وقت بيهي نٿو” جو اُڀياس

ادل سولنگي

”ڪُن فَيڪون“ جي آواز تي صدين کان سُتل وقت جاڳي پيو ۽ مسلسل جاڳ جي پنڌ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي. ڪعبي کان ڪاشيءَ تائين، مُهين جي دڙي کان مصر جي اهرامن تائين، ڪربلا جي رڻ کان افغان پهاڙن تائين، چين جي ديوار کان رني ڪوٽ تائين، هيروشيما کان ناگاساڪي تائين، ويٽنام کان الجزائر تائين آفريڪا کان ايشيا تائين، گليشيئرن کان ڊيلٽائن تائين، پاتال کان پولار تائين وقت ڪنهن گهوڙيسوار جيان ڌُوڪيندو، اياز جي سٽن جيان، او ۽ گهوڙيسوار، تنهنجي منزل ڪٿي آ اڃان وقت اڳتي وڃي رهيو آهي ۽ پوئتي ڇڏي رهيو آهي تاريخ جي ڌوڙ، انساني آبادين جي لتاڙ، روڄ، راڙو، ريهاٽ ۽ صدين جي ڏاڍ مان گذرندڙ/ قومن جا ڪيهاٽ، ڪيئي فاتح ۽ ڪيئي غلام، جن جو وقت سان ڪو به تال ميل نه ٿي سگهيو ۽ وقت پنهنجي رفتار سان پنهنجي ڌُن ۾ بارود جا جبل پهاڙ  رات نديون، اڃارا رڻ پٽ کارا سمونڊ ۽ ٻرندڙ ٻيلا  پوئتي ڇڏي. پاڻ اڳتي وڌندو رهيو ۽ انسان پنهنجا هٿ مليندي کيس ڏسندو رهجي ويو آهي.

وقت جي اهڙي بي رخي ۽ بي رحميءَ جي مختصر ڪٿاهن، نظم ۾ بيان ڪئي وئي آهي، هن موضوع جو ڪينواس عالمي هجڻ باوجود هن موضوع کي پنهنجيءَ ذات تائين محدود ڪري مقامي حدن ۾ قيد ڪندي وقت جي رفتار جو احساساتي اظهار ڪيو آهي.

هي نظم تاريخ ۽ تهذيب جو شاهڪار نظم ٿي سگهي ها. جيڪڏهن هن نظم کي عالمي پس منظر هجي ها، يا سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جي پس منظر ۾ هي مڪمل نظم لکيو وڃي ها. جيڪڏهن عبدالغفار تبسم جو طويل نظم، ”دنيا جو نوحو“ سامهون رکي هن نظم کي لکيو وڃي ها ته نهايت ئي اهم، ڪامياب ۽ وڏو ويڪرو، نظم بڻجي سامهون اچي ها. خاڪي جويي جا نظم ”پاڻ کي هاڻ آزاد گهرجي وطن“ يا ”آسڻ جن اُريج“ سنڌ جي سياسي تاريخ ۽ قومي جدوجهد جي پس منظر ۾ لکيل ڪامياب نظم آهن. اياز جا نظم جن کي ڊرامو/ اوپيرا سڏيو پيو وڃي. انهن جو پس منظر ٻولي، فن، فڪر، تاريخ، تهذيب جي حوالي سان انتهائي اعليٰ نظمن جي سڃاڻپ آهي ۽ سنڌي ادب ۾ طويل نظم، سرمد چانڊيي پڻ لکيا آهن جن کي به پنهنجو سياسي، ادبي ۽ تهذيبي پس منظر آهي. ”وقت بيهي نٿو“ محمد علي پٺاڻ جي زندگيءَ جي ساروڻين جو هڪ داستان آهي، جنهن ۾ مختلف ڪردار ڏنل آهن جن جو سنڌي ادب ۽ سياست ۾ ڪو ڪردار رهيو آهي.

هن طويل نظم جي هر ،بَند ۾ ڇهه سٽون ڏنل آهن، جنهن کان پوءِ چئن سٽن تي نظم جي وراڻي رکي وئي آهي، پر ڪتاب ۾ نظم جو سٽاءُ آهي، ٻه سٽون بَندَجي مٿان ۽ ٻه سٽون بند جي هيٺان، هڪ بندُ، هڪ صفحي تي ڏنو ويو آهي.

هي طويل نظم گذريل وقت جي وارتائن جي طويل ڪٿاڪاري آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جا حادثا، اَلميا، جيون جون پيڙائون، روحَ جون جلاوطنيون، جيون جا اجهاڳ مامرا ۽ سمونڊ، هيڪلائين جا رڻ بي واسيءَ جون کاهيون، وقت جون ارڏايون، انسانيت جو قتل عام، غلام انسانن جا واپار، عالمي جنگيون، ڌرتيءَ جي والارَ  انهن جا عڪس، اولڙا، منظر ۽ پس منظر هن نظم جو محور ۽ مُحرڪَ ٿيڻ کپن ها. جن جا ڪجهه عڪس اُڀرن ٿا، جن کي هڪ هڪ ڪري هڪ مالها جوڙي وئي آهي. اهڙي مالها جنهن مان دردن ۽ اکين جون اداسيون لِيئاڪا پائيندي محسوس ٿين ٿيون.

نظم جي هربند جو پنهنجو پنهنجو سٽاءُ آهي، جيڪو ڄڻ ته ڪو تجربو محسوس ٿئي ٿو پر اهڙو تجربو جيڪو نظم جي مرڪز کان گهڻو مختلف ۽ پرانهون آهي. ڪنهن به طويل نظم جي هڪ مرڪزي خيال ۾ بندن جو فني سٽاءُ، ساڳيو هوندو آهي ۽ جيڪو اندرين سٽن کي اڳتي وڌائيندي، بند جي وراڻيءَ تائين، پڄائيندو آهي. پر هن نظم جي فني بيهڪ مختلف رکي وئي آهي. نظم جي ٻاهرين وراڻي ته ساڳي رکي وئي آهي پر اندريون سٽاءُ هڪجهڙو ناهي. جيڪو نظم کي فني طور تي ڪمزور ڪري ٿو.

ڪنهن به تخليق لاءِ ضروري آهي ته هوءَ پنهنجي خيال- فن، ذريعي پنهنجي سڃاڻپ پاڻ ڪرائيندڙ هجي جيڪڏهن ائين نٿو ٿي سگهي ته پوءِ ان تخليق کي سمجهڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي.

شاعري، مصوري، سنگتراشي، ناچ، تال، ساز، آواز پنهنجي اظهار ۾ جيترو چٽائي رکندڙ هوندا اوترو ئي مڃتا ۽ مقبوليت ماڻي سگهندا. خيالن ۽ ٻوليءَ جي نواڻ سان گڏ ڪنهن به شاعراڻي تخليقي لاءِ ضروري آهي ته ان جا موضوع به نوان هجن ۽ اظهار به نرالو هجي. روايتي تخليق ڄڻ ته لفظن ۽ موضوعن جو ورجاءُ محسوس ٿئي ٿو جيڪو پنهنجو مُلهه نٿو ڪرائي سگهي.

سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز جا اوپيرا/ ڊراما، شاعري جو حصو آهن. خاڪي جويي نظم، ”پاڻ کي هاڻ آزاد گهرجي وطن“ يا ”آسڻ جن اريج“ اهڙا نظم آهن. جن جو پس منظر، علمي، ادبي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي آهي. شيخ اياز جا ڊراما/ اوپيرا سياسي/ قومي تاريخ جا سگهارا نظم آهن جن جي سنڌ جي قومي تاريخ ۾ انتهائي مڃتا ۽ مقبوليت رهي آهي.

”وقت بيهي نٿو“

محمد علي پٺاڻ جو اُن پس منظر ۾ لکيل هي نظم گهڻي ڀاڱي محمد علي پٺاڻ جي يادگيرن تي ئي آڌاريل آهي. انهن يادگيرين کي کڻي هن نظم جي اُڻت ڪئي وئي آهي جيڪو محمد علي پٺاڻ جو ٻيو تجربو آهي هن کان اڳ هن ”هَلُ“ جي نالي سان ”ناول“ سنڌي ادب کي ڏنو آهي جنهن کي ڏاڍو ساراهيو ويو آهي، محمد پٺاڻ سنڌي ادب جو جاکوڙي تخليقڪار آهي جيڪو مسلسل ادبي تخليقي وهنوار سان سلهاڙيل رهيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ”ڌڪ دنگي مُسافتيون ياد جون ناکئا واري سندس ڪيفيت به رهي آهي. پر هو مستقل طور تي هڪ ادب تخليق ڪندڙ اديب/شاعر آهي.

محمد علي پٺاڻ جي هن طويل نظم واري ڪتاب ”وقت بيهي نٿو“ جو مُهاڳ لکيو آهي. نامياري ڪهاڻيڪار، اخلاق انصاريءَ، جنهن هن ڪتاب جي پس منظر ۾ لاڙڪاڻي جي اها تاريخ ٻڌائي آهي. جيڪو لاڙڪاڻو اسان جي ننڍپڻ جي ساروڻين ۾ اڄ به محفوظ رهيو آهي.

مُهين جي دڙي جي ڏاند گاڏيءَ کان وٺي پولارن ۾ اڏامندڙ تيز رفتار راڪيٽ جي رفتار تائين، مها ڪرپشن کان ويندي مَها پاپ ڪرڻ تائين، وقت جو سفر تيز رفتاريءَ سان جاري رهيو آهي.

علم، ادب جا مامرا، سماجي اٿل پٿل، سياسي، سجاڳي، دوستيون، دشمنيون، لڳ لاڳاپا، مٽيون، مائٽيون هن نظم جون محرڪ قوتون، قدر ۽ اعليٰ وٿون آهن.

نظم جي پڄاڻي

”وقت بيهي نٿو“

وقت بيهي نٿو“

 

پٽ نه مون کي وحيد

پٽ توکي ڪيم،

گهر جي پارت اٿئي،

روحي  ۽ روشني،

شهربانو مٿان،

ڇانوَ هر پل ڪجان.

”وقت بيهي نٿو“

وقت بيهي نٿو“

 

آئن اسٽائن چواڻي ته وقت ”لامحدود اَبديت کان لامحدو ديت طرف، ان لهر جي مستقل وهڻ جو نالو آهي جنهن جو نه ماضي نه حال ۽ نه ئي مستقبل آهي، هڪ گهرو سمونڊ آهي، جيڪو ازل کان وهي رهيو آهي ۽ اَبد تائين وهندو رهندو“.

هڪ شاعر جي سماجي زندگي جي وهنوار ۾ کيس پلئه پوندڙ روش ۽ رويا، اهڙا آهن، جن جو هن نظم ۾ ڀرپور احساساتي اظهار ملي ٿو.

وقت بيهي نٿو،

وقت بيهي نٿو.

شهر مونهان ڪري، ڳوٺ دونهان ڪري،

ڪنهن کي اَرپي خوشيون، ڪنهن جون جهڙپي خوشيون

ڪنهن کي راهون ڏسي، ڪنهن کان واهون کسي

نظم جي مُهاڙ

وقت بيهي نٿو.

وقت بيهي نٿو.

لڙڪ جي بوند ۾،

لهر ڪنهن سمنڊ ۾

ڳلَ ڪنهن تر مٿان،

ڀونءِ بنجر مٿان،

امن ۾، جنگ ۾،

گهاٽي ڪنهن جهنگ ۾

وقت بيهي نٿو،

وقت بيهي نٿو.

نوٽ: هن ڪتاب ۾ ليکڪ اهڙيون ڳالهيون آهن. جيڪي عمر جي پچاڙڪن پهرن ۾ لکيون وينديون آهن. سائين محمد علي پٺاڻ خبر ناهي ڇو؟ اهڙيون ڳالهيون لکيون آهن، جن کي وصيعت ڪري سمجهيو ويندو آهي. رب سائين کيس وڏي ڄمار ۽ تندرستي ڏئي ڇاڪاڻ جو پاڻ سنڌي ادب جا گهڻ گهريا آهن ۽ سنڌي ادب کي سندن سخت ضرورت آهي.

هِن ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل لکيو آهي آفتاب سُرهيي جڏهن ته فليپ اندر انور ابڙي ۽ مختيار سمي جا ڪتاب بابت اَهم رايا ڏنل آهن. اداري پاران نوٽ لکيو آهي. ڊاڪٽر آفتاب ابڙي 144 صفحن تي ڦهليل هن ڪتاب کي ڇپايو آهي ”ڪونج اڪيڊمي ڪراچي“ ڪتاب جو مُلهه آهي 300 رپيا، هن ڪتاب ملڻ جو هنڌ آهي پيڪاڪ بُڪ هائوس 404 رفيق سينٽر عبدالله هارون روڊ ڪراچي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هاڻي ايئن نه هلندو…،

تنوير زمان خان لنڊن پاڪستان ۾ رهندڙ عيسائي ڪميونٽي اها ڪمونٽي آهي جيڪا برٽس راڄ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے