23 منگل , اکتوبر 2018

نانيءَ جو رتبو ۽ ٻاجهارو ڪردار

عابده گهانگهرو

اڪبر جسڪاڻي جي ڪتاب “ بتين واري ناني” سندس زندگيءَ جي يا ۽ شاهڪار لکڻي اهي جنهن کي ٻاراڻي ادب جي لاءِ اهميت ڏيندي ڪتابي شڪل ڏني وئي، هي ڪهاڻي حقيقت تي ٻڌل، بلڪل سچي ۽ سندس ننڍپڻ جي ڪهاڻي آهي جيڪا سندس نانيءَ جي ڪردار تي لکيل آهي.

اصل ۾ ناني ۽ ڏاڏي جو ڪردار ڪٿي به يا ڪنهن به گهر ۾ هجي اهو ڪردار دراصل اڪبر جسڪاڻي جي ڪهاڻي آهي، ناني دنيا جو اهڙو ٻاجهارو ڪردار آهي ڌيئر جتي به ڪهڙي به قوم، زبان، مذهب سان تعلق رکي رشتن جي اهميت بلڪل نرالي ٿئي ٿي، احساس جذبا، رنگ نسل مذهب جا محتاج ناهن هوندا، ماءُ جو رشتو ته اعليٰ مقام رکي ٿو. جيڪڏهن جنم نه هجي ها ته شايد ڌرتيءَ کي به جنم ڏنل ماءُ جي مشابهت نه هجي ها، ڌرتي ۽ ماءُ جي هڪ ٻئي سان مشابهت ۽ هڪ ئي تخلص يعني هڪ ٻار جي ماءُ ٻي ڌرتي ماءُ. ماءُ ٻار جي پرورش ڪري ٿي ۽ ڌرتي پيٽ پالي ٿي، جيئن چواڻي آهي ته ڪنهن به پوکيل وڻ جي پاڙ ڌرتي ۾ هوندي آهي، اهڙيءَ طرح ماءُ جي رشتي ۾ محبت جي پاڙ ناني ۽ ڏاڏي جي رشتي ۾ هوندي آهي، انهيءَ ڪري نانيءَ جو رشتو ماٺيڻو ۽ محبت ڀريو هوندو آهي، ڌيءُ جي هر ماءُ کي ڳڻتي هوندي آحي ته جيڪر جوان ٿيڻ کانپوءِ هُوءَ پنهنجي گهر جي ٿي وڃي، ايندڙ گهر سندس رت جي رشتي جو هجي يا نه، ڪنهن به ڌارئي خاندان، ذات، برادري سان تعلق هجي پر هن نياڻيءَ لاءِ اهو ئي گهر خاندان آهي، جتي رت جا رشتا ٺاهڻا پوندا آهن،

جنم ڀومي واري گهر ۾ ڀلي هوءَ وڏي ! هن جو ننڍپڻ سڄي تربيت ان گهر مان ٿي جتي هن ماءُ جي هنج ۾ ويهي ماءُ جي مٺڙي ٻولي ٻڌي، سندس سڃاڻپ ماءُ جي مٺڙي ٻولي سان ئي ٿي، جيڪڏهن اتفاقن شادي ڪنهن ٻي ٻولي ڳالهائيندڙ خاندان ۾ ٿيس ته پوءِ به سندس سڃاڻپ ماءُ پيءُ جي گهر واري مادري ٻوليءَ مطابق هوندس. پر تنهن هوندي به رخصتي کانپوءِ هيءُ گهر جنهن کي اباڻو گهر چئجي هڪ پراڻو ٿي ويندو ۽ جڏهن به مائٽن ۾ ايندي چوندي پيڪي وڃان ٿي. اتفاق سان جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن وڌيڪ رهي ته هر ڪنهن جي زبان تي هوندو ته هي آخر پنهنجي گهر ڇو نٿي وڃي وغيره وغيره.

عورت ان گهر ۾ پنهنجي وجود مان نسل پيدا ٿي ڪري، خون جا رشتا جوڙي ٿي. گهر ٺاهي وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪري ٿي ته هي گهر حياتيءَ جي آخري ساهه جي گهڙيءَ تائين رهندو. هوءَ اولاد خاندان، مڙس کي پنهنجي ڪل ڪائنات سمجهي خوشحال زندگي به گذاري ٿي ته صبر ۽ برداش سان دٻائي به ٿي، ڪٿي ڪي وري جذباتي ٿي پنهنجا گهر ٻچا ڇڏي هليون به وڃن ٿيون پر انهيءَ صفر ۾ نانيءَ جو رشتو ڏک پريشاني ۽ منجهل رشتو رهجي وڃي ٿو، خير

اڪبر جسڪاڻي جي ڪهاڻي مطابق ان عورت ماءُ جو ذڪر آهي، جهڙو مڙس جي مري وڃڻ جي صورت ۾ ڪاڻهياريون ٿي زندگيءَ جي تحفظ جيڪو مڙس طرفان مليل آهي، ان کان محروم ٿي وڃن ٿيون. انهن جي زندگي سماج ۾ سواليه نشان پيدا ڪري ٿي، اهو گهر هن لاءِ هڪدم پرائو ٿي ٿو وڃي  خاص طور مڊل ڪلاس يا غريب گهراڻي ۾ ان عورت لاءِ ڪا به گنجائش ناهي هوندي، ٻار وڏا آهن ته ڪا محنت مزدوري ڪندا ۽ پوءِ گهر ۾ رهڻ جا موقعا ملندا، پر وري به عورت جي زندگي گهر ۾ ٻئي درجي جي ٿي ويندي آهي ۽ وري جيڪڏهن معاشي مسئلي جو حل ناهي ته کيس مائٽن حوالي ڪيو ويندو، تمام گهٽ پڙهيل لکيل يا سلجهيل سياڻا ان عورت کي خاندان جي عزت ۽ ٻارن تي حق ڄاڻائي گهر کان ٻاهر نه اماڻيندا يا وري گهر ۾ ڪا ٻي واهر هوندي، مثلن وڏو، ننڍو ڏير يا ڪو به مائٽ ته ان سان ان جو نڪاح ڪرايو ويندو پر اهو فرض جنهن کي اسلامي ۽ قانوني طور صحيح سمجهيو وڃي ٿو.

جيڪڏهن عورت پيڪن ڏانهن هلي وڃي ته پيئر ڀائر به سندس ٻيو نڪاح ڪرائي ڇڏيندا آهن. جيڪڏهن کيس ڪو هنر اچي ٿو ته هنر وسيلي پنهنجو ۽ ٻچن جو پيٽ باليندي، پڙهيل لکيل آهي ته ڪا نوڪري ڪندي، مطلب اهڙا مثال سوين هزارين موجود آهن ۽ بلڪل ڪا به واهر يا معاشي طور ڪجهه به نه ڪرڻ جهڙي مجبوريءَ ۾ هوءَ واپس ان گهر ايندي جتان کيس رخصت ڪيو ويو آهي،

خاص طور جڏهن ان عورت جو معاشي مسئلو هجي ته ٻارن لاءِ ناني ۽ ڌيءَ لاءِ ماءُ ئي سهارو آهي، اڪبر لکي ٿو ته هن جي پيءُ مري وڃڻ کانپوءِ  هو نانيءَ جي گهر اچي ٿو، سندس ناني خود دار ۽ محنتي عورت آهي. هوءَ  پنهنجي ضعيفيءَ کي ذهن تي طاري نٿي ڪري پر خود داري سان جيئڻ لاءِ محنت کي ترجيح ڏئي ٿي، هن کي شهر جا شمع دان ٻارڻ جي ڊيوٽي آهي.

پهرين جڏهن بجلي نه هئي ته انڌيري کان بچڻ لاءِ شهر جي گلين چوراهن تي شمع دان ٻاريا ويندا هئا ۽ شهر ۾ ميونسپاليءَ طرفان رکيل ان ملازم جي پيٽ گذاري لاءِ ٿوري پگهار به هئي، نانيءَ جي پنهنجي ان ننڍڙي شهر ۾ بتين ٻارڻ جي ذميواري هئي جيئن ته شمع دان ٿورو رستي کان مٿي لڳل هوندا هئا ان ڪري ڪاٺي جي ڏاڪڻ ۽ شمع دان ٻارڻ لاءِ گاسليٽ هٿ ۾ کڻي هلڻو پوندو هو، ان ڪري ڏاڪڻ نانيءَ جي ڪلهي تي هوندي هئي ۽ گاسليٽ جو ڊٻو اڪبر پنهنجي پتڪڙن هٿن ۾ کڻي هلندو هئو ۽ انڌيري کان اڳ هن شهر کي ناني ڏوهٽو گڏجي روشن ڪري ڇڏيندا هئا، سنڌي سماج ۾ عورت جو تمام گهڻو احترام ڪيو ويندو آهي ان ڪري نانيءَ جو نالو به شهر ۾ بتين واري ناني سان مشهور هو.

بتين واري ناني غربت کي خود داريءَ جي ڏاڪڻ سان اڳتي زندگي گذارڻ ۽ پنهنجي نياڻيءَ ۽ انهن جي ٻچن کي آسمان جي بلندين تي ڏسڻ پئي چاهيو ان ڪري هن زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين ڏاڪڻ ذريعي شهر روشن ڪيو، دراصل سندس غربت جي انڌيري کي هٽائڻ لاءِ هن محنت مزدوري جي روشنيءَ سان مقابلو ڪيو سندس ڏوهٽو به گاسليٽ جي ڊٻي ۾ رسي ٻڌي ساڻ هلي ڄڻ اهو پيو ثابت ڪري ته سندس زندگيءَ ۾ آيل مشڪلاتن ۽ معاشري جي بي حسي۽ خاندان جي نظرانداز ڪرڻ کي ڄڻ گاسليٽ هاري تيلي ڏئي ان ٻاهه جي ڀڀڙ کي محبت ڀري لاٽ سان روشن ڪري انڌيري ۾ روشني پيدا ڪئي.

دراصل اها روشني انهيءَ سڄي بي حسيءَ جو جواب هئي جنهن سندس زندگيءَ ۾ محروميون ڏنيون، اهڙي نموني بتين واري نانيءَ جو ڪردار سنڌ جي هڪ بهادر خود دار ۽ ماٺيڻي عورت جو ڪردار آهي ۽ ان خود داريءَ واري پورهئي مان هڪ چڻنگ نڪري ٿي. انڌيري ۾ اجالو پيدا ڪرڻ وارو تصور ۽ ماچس جي تيليءَ بجاءِ قلم جي نوڪ سان ادبي چڻنگ ٻاريندڙ اڪبر جسڪاڻي ٻاراڻي ادب ۾ وڏو نالو ڪمايو، سنڌي ادبي بورڊ طرفان سندس صلاحيتن جي مڃتا ۾ کيس ادبي ٻاراڻي ڪتاب گل ڦل جو انچارج ڪيو ويو، جنهن ۾ هن خوب سچائي کان ڪم ورتو، هن بلڪل سچ لکيو ڇا ڪاڻ جو سندس خون ۾ نانيءَ جي محنت ۽ تربيت شامل هئي،

هيءُ پنهنجي نانيءَ وانگر ٻاجهاري طبيعت جو سلڇڻو ۽ سادو انسان هو، هڪ ڏينهن اچانڪ هڪ خوفائتي خبر ملي ته سندس لاش گهر جي ڪمري مان مليو آهي، غريب ماڻهو جي ڪهڙي عدالت آهي، اڄ ڏينهن تائين سندس قاتلن جي خبر نه پئجي سگهي آهي اهڙيءَ طرح ناني جيڪا شهر جي انڌيري کي روشنيءَ ۾ تبديل ڪندي هئي انهيءَ لاءِ انصاف وڏين وڏين لائٽن جي روشنيءَ ۾ ائين گم ٿي ويو جيئن بٽڻ دٻائڻ سان روشني وڌي وڃي ٿي، ائين غربت ۽ سچائي جي بٽڻ  سان هن بي حس روين ۾ نانيءَ جو اڪبر گم ٿي ويو، پر هن جي قلم جي نوڪ سان ناني به زنده آهي ۽ اڪبر به زنده آهي ۽ رهندو، روسي ٻاراڻي ادب جي هڪ ڪهاڻي به ڪجهه اهڙي ئي طريقي سان آهي ته ماءُ پيءُ جي مري وڃڻ کانپوءِ اهو ٻار پنهنجي نانيءَ سان رهندو هو، ان وقت اڃان سوويت يونين ايتري ترقي نه  ڪئي هئي ۽ اتي به اهڙي قسم جا شمع دان ٻاري روشني ڪئي ويندي هئي، هيءُ ٻار ۽ ناني ٻئي هڪ جهڳيءَ نما گهر ۾ رهندا هئا، ناني تمام گهڻي بيمار ٿي وئي کيس کائڻ سان گڏ دوا جا پئسا به نه هئا، پر خود داري سان پليل ننڍڙي ٻار کي اهو احساس ٿيو ته منهنجي ناني ڪيتري منهنجي لاءِ محنت ڪندي آهي ۽ اڄ هوءَ بيماري ۽ بک وگهي تڙپي رهي آهي، هن ننڍڙي ٻار گهر ۾ رکيل کير جو لوٽو کنيو ۽ شهر جي رستن تي لوٽو وڄائي زور زور سان مٺڙي ۽ معصوم آواز ۾ ڳائڻ لڳو سڀ ماڻهو گهر جي بالڪونيءَ مان هن جي آواز کي ٻڌڻ لاءِ نڪري آيا ۽ داد ڏيڻ سان گڏ لوٽي ۾ سڪا به اڇلڻ لڳا، شام جو جڏهن ٻار گهر ويو ته سندس هٿ ۾ کاڌي جون شيون به هيو ته لوٽي ۾ دوائون به. نانيءَ ڏاڍي ڪاوڙ ڪئي ته تو ڪنهن کان خيرات گهري هوندي جنهن تي چيائين، خيرات گهرڻ کان مان موت کي وڌيڪ ترجيح ڏينديس.

ٻار چيو ناني مان توکي ڪڏهن به مرڻ نه ڏيندس ڪلهه پنهنجي هٿن جي محنت سان منهنجو پيٽ ڀريندي هئينءَ ۽ اڄ تنهنجي اها حالت ڏسي مان هن کير جي لوٽي، جنهن ۾ تون کير وٺي ايندي آهين ! مان ان کير جي لوٽي کي وڃائي گيت ڳايان پيو ۽ سڀني ماڻهن مونکي داد ڏئي منهنجي کائڻ لاءِ جيڪي پئسا ڏنا، ناني مان انهن مان هيءُ دوائون وٺي آيو آهيان ۽ تون جلد صحت ياب ٿي وڃ ۽ پوءِ وري انهيءَ لوٽي ۾ منهنجي لاءِ کير وٺي اچجان، ناني اهو جذبو ڏسي کيس ڳلي لڳايو اکين ۾ڳوڙها اچي ويس، اهي ڳوڙها خوشيءَ جا ڳوڙها هئس اهي ڳوڙها ان پيار ۽ محبت ڀري خود داريءَ جا ڳوڙها هئس، ناني پنهنجي ڏوهٽي جي مٺڙي آواز کي بار بار ٻڌي سرهي پئي ٿي، ڄڻ دودا کان وڌيڪ ان مٺڙي آواز جو ٻڌڻ علاج هجيس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ بهترين سگهڙ ميان پير بخش پيرل مڱريو :مهتاب علي مڱريو 

  سگهڙ فقير ميان پير بخش (پيرل) مڱريو سنڌ جو صف اول جو ڀلوڙ سگهڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے