21 اتوار , اکتوبر 2018

ممي ارشاد قمر کي ڀيٽا | مون کي چنڊ چئي پرڀائڻ واري ماءُ ڪٿي آ؟

سبينه شهباز

نظم:

”چنڊ جي چاهت“

ننڍڙي هوندي ماءُ جي هنج ۾

هڪڙي ڀيري

انگل سان مون چنڊ گهريو هو

امڙ منهنجيءَ،

مرڪي مون کي ”چنڊ“ چيو هو.

اڄ وري مون

سالن کان پوءِ

چنڊ کي پائڻ چاهيو آهي

ليڪن مون کي ”چنڊ“ چئي پر ڀائڻ واري

ماءُ ڪٿي آ؟ (قمر شهباز)

الله سائين جي تخليقن مان سڀ کان خوبصورت تخليق ماءُ آهي، ۽ جنهن گهر ۾ ماءُ آهي اهي گهر ڀاتي ٿڌي ڇانو جي هيٺان آهن ۽ هو هر ڪنهن جي درد، تڪليف ۽ گهرجن کي چڱيءَ ريت محسوس ڪري وٺندي آ. هڪ ماءُ جي حيثيت سان منهنجي ماءُ کي به پروڙ هُئي ته اسان کي ان جي به ڪيتري ضرورت آهي. هن پنهنجن سوين ضرورتن کي پٺتي ڇڏي اسانجيون گهرجون پوريون ڪيون.

منهنجي ماءُ ارشاد قمر جو جنم شڪارپور جي شهر ۾ ٿيو جيڪا ڪنهن زماني ۾ پيرس سڏرائبي هُئي. ڪنهن زماني ۾ هي سنڌ جي خوبصورتن شهرن مان هڪ هو. جتان ناليوارن سياستدانن، اديبن، شاعرن، سماجي اڳواڻن وغيره جنم ورتو.

ممي جو اٺن ڀائرن ڀينرن ۾ ٽيون. نمبر هو. منهنجو نانو مير محمد سومرو هڪ روشن خيال انسان هو. هن کي ذميداري کان علاوه ڪاٺيءَ جو ڪارخانو هو. هن پنهنجي اولاد کي سٺي تعليم ڏياري. ممي ٻڌائيندي هئي ته ان زماني ۾ جڏهن ماڻهن کي تمام گهٽ گاڏيون هونديون هيون تڏهن اسان وٽ جيپ هوندي هئي ۽ (بابا) منهنجو نانو سڀني ٻارن کي جيپ ۾ ويهاري سير ڪرائيندو هو.

منهنجي ناني ڪا پڙهيل ڳڙهيل عورت نه هئي پر الله سائين ان کي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن کان وڌيڪ عقل ۽ سمجهه ڏني هئي. سو نانيءَ ان به پنهنجي اولاد جي ڏاڍي سٺي نموني پالڻا ڪئي ۽ هڪ حد اندر ان پنهنجي اولاد کي آزادي ڏني هئي.

وقت گذرندو ويو ۽ ممي ڪاليج ۾ آئي ته منهنجو پاپا قمر شهباز ليڪچرار ٿي آيا. خبر ناهي ته ڪيئن پاپا کي ممي پسند اچي وئي ۽ دل ئي دل ۾ هو ان کي چاهڻ لڳو. هڪ ڪتاب مميءَ کي ارپنا به ڪيو هيائين ان ڪتاب ۾ پاپا لکيو آ ته.”پهرين ئي ملاقات ۾ چيومانس: مون کي سمورن ڪوتاهين سميت قبول ڪري سگهندينءَ؟ ڪنڌ جهڪائي مرڪي چيائين ها. اڄ وَرهين پڄاڻان، جڏهن رڻ جو ساڙيندڙ سفر طئي ڪري پٺتي مُڙي سالن جي ساٿ ڏانهن ڏسان ٿو ته کيس پايان ٿو. ساڳي سٻاجهي، سلڇڻي ۽ اڏول عورت مان هيءُ ڪتاب اُن عورت کي ارپيم جا منهنجي پنهنجي آهي ۽ منهنجي ئي اوسيئڙي ۾ جيئري رهي آهي.

منهنجو ناتو جيئن ته عورت جي آزادي کي اهميت ڏيندو هو ۽ پنهنجن ٻارن کي دوست سمجهندو هو. سو جڏهن پاپا پنهنجن مائٽن کي موڪلي سنڱ گهريو ۽ ان خوشيءَ سان قبول ڪيو. پوءِ هڪ مزيدار خبر ماڻهن اخبار ۾ پڙهي.

۾ ته ”هڪ شاگردياڻي جي پنهنجي استاد سان شادي“ اها خبر مزيدار به هئي ۽ ماڻهن کي ڏاڍي حيرت به ٿي ڇو جو ان زماني ۾ ان قسم جي خبر ماڻهن لاءِ عجيب هئي.

زندگي لاڳيتي جدوجهد جو نالو آهي انسان هڪ مشين ٿي ٿو وڃي پنهنجي جياپي لاءِ، ڪئي ماڻهون ڏاڍا خوش قسمت هوندا آهن جو بنا ڪنهن محنت جي انهن کي هر شيءِ ملي ويندي آ ۽ ڪن ماڻهن کي ڏاڍي محنت ڪرڻي پوندي آهي.

جڏهن مميءَ جي شادي ٿي تڏهن پاپا جي جدوجهد جو دور هو ۽ جڏهن هو ڪراچي شفٽ ٿي آيا ۽ ٻار ٿيا ته ظاهر آ مسواڙ جو گهر، ٻارن جو خرچ، گهر جو خرچ مطلب ته مهانگائي کي منهن ڏيڻ جو به وڏو چئلينج هو.

منهنجي ماءُ پنهنجي عمر کان وڌيڪ سمجهدار ۽ ميچوئر عورت هئي شايد اهي خوبيون هن پنهنجي ماءُ کان ورثي ۾ کڻي آئي هئي. منهنجو پاپا صبح جو نوڪري ڪندا ها ۽ رات جو ريڊيو لاءِ ڊراما لکندا هئا.

مميءَ ۾ اها تمام وڏي خوبي هئي جو هوءَ مشڪل حالتن ۾ پريشان نه ٿيندي هئي پر انتهائي بردباري سان مشڪل وقت جو مقابلو ڪندي هئي.

ممي جو اسان سان مثالي پيار هو. هر ماءُ پنهنجن ٻارن کي ساهه کان وڌيڪ پيار ڪندي آ پر هن جو پيار عجيب هو. عيدن تي هوءَ اسان کي ائين تيار ڪندي هئي ڄڻ پاڻ کي تيار ڪندي هجي ۽ پوءِ اسان کي ڏسي ائين خوش ٿيندي هئي جيئن ڪو پاڻ کي ٺاهي سينگاري ڏسندو خوش ٿيندو آ.

جڏهن اسان اسڪول وڃڻ شروع ڪيوسين ته هوءِ رسيس جي ٽائيم تي اسان لاءِ Lunch کڻي رڪشا ۾ ايندي هئي ۽ اسان کي لنچ ڪرائي واپس هلي ويندي هئي. سو ڪم ڇڏي ڪري وقت سيڙائي ايندي هئي.

اسان کي هر قسم جا ڪهاڻي جا ڪتاب پڻ وٺي ڏيندي هئي ۽ اسڪول جي هوم ورڪ ۾ مدد ڪندي هئي. موڪل کانپوءِ شام جو اسان کي گهمائڻ وٺي ويندي هئي ڇو جو پاپا شام جي وقت ريڊيو اسٽيشن هليا ويندا هيا. پاپا کي جڏهن ٽائيم هوندو هو ته هو به مميءَ سان گڏ اسان کي گهمائڻ لاءِ وٺي ويندا هيا.

ڏيهن بدليا ۽ پاپا کي P.N.S.C ۾ جاب مليو ته اسان کي سرڪاري گهر جي نوڪر چاڪري گاڏيون مليون پر ڪجهه سالن کانپوءِ پاپا جي اسلام آباد بدلي ٿي وئي. پوءِ ڪار ڊرائيور نه رهيا.

منهنجي ماءُ پهاڙ کان به وڌيڪ مضبوط عورت هئي، هن انهن ڳالهين کي وقتي طور محسوس ڪيو پر همت نه هاريائين. اندر ٻاهر جا ڪم مردن وانگر ڪندي هئي جيئن بل ڀرڻ، بازار مان سودو ڀاڄيون وغيره وٺڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ريڊيو ۽ رسالن ۾ لکڻ ۽ ٻيا سماجي ڪم ڪرڻ به هيا.

ان جو سماجي حلقو به وڏو هو. پاڻ ڳالهه ڪندي هئي ته هڪ ڀيري بيگم نصرت ڀٽو هڪ گرائونڊ ۾ اچڻي هئي اتي ممي پنهنجن ساهيڙن سان اسٽال پڻ لڳايا ۽ مليل رقم غريب عورتن ۾ ورهائي ڇڏي . اهڙي قسم جا سوشل ڪم ڪندي رهندي هئي.

هوءَ بيحد سگهڙ عورت هئي. پنهنجو گهر تمام خوبصورت طريقي سان سينگاريندي هئي. ملڪ کان ٻاهر ويندي هئي ته گهر جي سينگار جون شيون آڻيندي هئي. پيسن کي استعمال ڪرڻ جو به وڏو سليقو هيس. ايڏن خرچن مان بچت ڪرڻ سولي ڳالهه ناهي هوندي پر هُوءَ بچت ڪرڻ به ڄاڻيندي هئي.

هڪ خوبصورت رشتو تڏهن ٺهندو آ جڏهن ان ۾ عزت اعتبار ۽ اعتماد هجي پوءِ قرباني ڏيڻ تي به دل چوندي آ. مون اهو سڀ پنهنجي گهر ۾ ڏٺو ممي چوندي هئي ته مان ايتري مضبوط عورت نه هجان ها جيڪڏهن توهان جو پيءُ مون تي اعتبار نه ڪري ها. هن هر ميدان ۾ منهنجي همت ٻڌائي. مون تي اعتبار ڪيائين. هن کي جڏهن پپا پنهنجي پگهار موڪليندو هو ته هوءَ ان مان بچت ڪندي هئي ۽ ائين بچت ڪندي ڪندي هن ڊفينس ۾ هڪ پلاٽ ورتو. پر اسان کي ڪڏهن به ائين محسوس نه ٿيو ته اسان کي ڪنهن شيءِ جي تڪليف هجي. ان وچ ۾ پاپا کي OSO ڪري ٻڌائي ڇڏيائون.

اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪافي هيٺانهون مٿانهون ڏٺيون سين، ڪڏهن سٺا ڏينهن ته ڪڏهن پريشانين جا پاپا جڏهن G.C.P ۾ آيا ته سٺن ڏينهن جي وري شروعات ٿي. ڪجهه سال گذريا هوندا ته ان وقت صنعت جو وزير پاپا سان ڪنهن ڳالهه تي اٽڪي پيو ڳالهه وڌي وئي هن پاپا کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪرايو ايئن لڳو ڄڻ اسان کان ڪنهن زمين ۽ آسمان کسي ڇڏيو هجي. نه مٿان آسمان هو نه ئي پيرن هيٺان زمين سمجهه ۾ ڪا ڳالهه نه پئي آئي پر وري به هن بهادر عورت هڪ ڏکئي دور کي پنهنجي حوصلي سان منهن ڏنو.

پاپا جو دل جو باءِ پاس ٿيل هو ۽ ڪو به صدمو هن کي جهوري پيو سگهي پر اها ممي هئي. جنهن پاپا کي به سنڀالو! پاڻ کي به ۽ اسان کي به. هفتي جي اندر اندر پاپا کي اسپتال داخل ڪرايوسين ۽ پوءِ پاپا جي ڪيس جي سلسلي ۾ ممي اسلام آباد هلي وئي ۽ ماڻهن سان ملي آئي. پاپا جو ڪيس ٻه اڍائي مهينا هليو. ان وچ ۾ مميءَ گهر، ٻار، پاپا ۽ ان جي ڪيس کي منهن ڏيندي رهي. ان تي هڪ نظم پاپا جيل ۾ (اسپتال) جي ڪمري ۾ لکيو هو.

ڪڏهن ڪڏهن مون کي ائين لڳندو هو ڄڻ اسان کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي هئي جو ٿوري ڪا خوشي ڏسندا هياسين ته ڪجهه عرصي کان پوءِ ڪا نه ڪا تڪليف ضرور ايندي هئي. يا وري ائين سوچيندي هيس ته شايد قدرت اسان جو امتحان ٿي وٺي خبر ناهي ڇا هيو، خير پاپا ڪيس کٽي ويا، حق ۽ سچ جي فتح ٿي ۽ هو گهر موٽي آيا. وري اسان جون خوشيون واپس آيون ۽ ان جو سهرو مميءَ ڏانهن ٿو وڃي جو هَن ڏينهن رات هڪ ڪري ان ڪيس ۾ وڪيل ۽ ججن سان مٿا ڪٿا هيا.

پاپا کي وري پوسٽنگ ملي ۽ ان کي EPZA ۾ چيئرمين ڪري رکيائون. انهن سڀني معاملن ۾ هوندي مميءَ گهر به ٺهرايو ۽ روز پاڻ مزورن سان گڏ بيهي انهن کي سمجهائيندي هئي.

پاپا، چوندا هيا ته توهان جي ماءَ همت نه ڪري ها ته مون ۾ ته ڪو افعال ئي نه هو، جو مان گهر به ٺهرائي سگهان ها. مان خوش قسمت آهيان جو مون کي هن جهڙو جيون ساٿي مليو ۽ ممي وري چوندي هُئي ته منهنجي طاقت توهان جو پيءُ آهي جنهن مون کي طاقتور بڻايو آهي.

مميءَ پنهنجين ساهيڙن سان ملي هڪ تنظيم ٺاهي جنهن جو نالو ”سرتين سٿ“ رکيائين جيڪا غريب عورتن لاءِ هئي ان کان پوءِ هن ”ماروي فورم“ جي نالي سان به هڪ تنظيم هلائي. هوءَ مختلف ڌرڻن ۾ به اڳيان اڳيان هوندي هئي ۽ اسان کي به ساڻ کڻي هلندي هئي. اسان ننڍي هوندي کان وٺي مختلف احتجاجن، جلسن ۽ جلوسن ۾ به گڏ هوندا هياسين. مون ان سان گڏ سوشل ورڪ به ڪيو.

وقت وري پلٽو کاڌو ممي ٿورو بيمار ٿي پئي، پاپا ڊاڪٽر ڏي وٺي ويس انهن مختلف ٽيسٽون ڏسيون جڏهن رپورٽ آئي ته سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته ويٺي ويٺي هيءَ ڪهڙي ويڌن ٿي وئي. مجبوري بي وسيءَ ۽ بي ڪسي اسان جو اسان جو سنڌ سنڌ ساڻو ڪري ڇڏيو خبر پئي ته مميءَ کي ڪئنسر ٿيو آهي. زندگي لڳي ٿو ته اسان کان امتحان وٺندي اڃا نه ٿڪي هئي! اسان لاءِ قيامت هئي، جيئرن جاڳندن ماڻهن مٿان قيامت برپا.

مون کي نماڻن نظرن سان ڏسندي پاپا آٿت ڏني ته تنهنجي مميءَ جو هر قيمت تي علاج ڪرائينداسين. مان هر ممڪن ۽ هر طريقي جو علاج ڪرائيندومانس جي ضرورت پئي ته ٻاهر به وٺي ويندومانس. مون پاپا جي اکين ۾ لڙڪ ڏٺا ته کين ڀاڪر پائي زور سان روئي ڏنم. دل چيو ته ايڏيون رڙيون ڪيان جو آسمان ڦاٽي پئي.

جڏهن مٿي ممئي جي ڪمري ۾ ويس ته هُوءَ صوفي تان دري ڏانهن نهاري رهي هئي. ڏاڍي مشڪل سان پاڻ سنڀالي ان جي آڏو ويٺس ته سمجهي وئي ته جي ٿورو به رُنم ته هن جو هانو ڦاٽي پوندو پر هن پنهنجي چهري تي مرڪ آڻي چيو ته مان ٺيڪ آهيان ۽ مون کي ڪجهه به نه ٿيندو ۽ مون کي ڀاڪر پائي پيار ڪرڻ لڳي.

سندس علاج جو هڪ انتهائي تڪليف ڏيندڙ ۽ اڻکٽندڙ مرحلو شروع ٿيو. پر ممي کي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي ڪينسر ٿي ويندو ويو. بهرحال علاج به هلندو رهيو ۽ ممي اندران ئي اندران ختم ٿيندي رهي. ڪينسر جو علاج تمام تڪليف وارو هوندو آ پر پوءِ به هن بهادر عورت همت نه هاري ۽ بيماري سان مقابلو ڪندي پئي آئي. ان وچ ۾ هن پنهنجي آخري ٻن ڌيئرن ۽ هڪ پٽ جي شادي پڻ ڪرائي ۽ سڀ انتظام پاڻ سنڀاليائن. هڪ صحتمند عورت وانگر پنهنجا فرض نڀائي ڏيکاريائين. پاپا ڪنهن قسم جي ڪسر نه ڇڏي.

ڪيميو ٿراپيءَ لاءِ جڏهن اسپتال اچڻو هوندو هيس ته پاپا گڏ ويندو هيس ۽ پوءِ جيتري دير ڊرپ لڳل هوندي هيس اوتري دير مميءَ سان ڪچهري لڳائي ويٺو هوندو هو ۽ کل ۽ ڀوڳ ڪندو رهندو هيس. وقت تي دوا ڏيڻ، وقت تي ڊاڪٽر وٺي وڃڻ، جوس پيارڻ، فروٽ کارائڻ مطلب ته پاپا هر ممڪن خدمت ڪئي. ممي چوندي هئي ته مان قمر جي ماءُ کي سلام ٿي ڪيان جنهن هن جهڙي سچي ۽ کري انسان کي جنم ڏنو. هي هيرو آ، جيتري هن منهنجي خدمت ڪئي آ مان ڪڏهن به ان جو قرض نه لاهي سگهندس.

اسان جي ماءُ هڪ همت واري عورت هئي ڪنهن به وڏي کان وڏي طوفان سان وڙهڻ جي طاقت رکندي هئي. هڪ ڏينهن سويل جڏهن هر ڪو پنهنجن پنهنجن ڪمن ڪارن اسڪول ڪاليج وغيره ڏانهن روانو ٿيڻ لڳو ته اوچتو خبر پئي ته پاپا گذاري ويا آهن، ڪنن تي يقين نه پيو اچي ته اهڙي خبر ٻڌڻ ۾ ايندي. پاپا ته چڱو ڀلو هو، بيمار ته ممي هئي هي ڇا ٿي ويو، گهر پهتس ته ممي لائونج ۾ صوفي تي نڍار پئي هئي مون کي ڏسي رڙ ڪري ايترو چيائين ”ڌاڙو“ لڳي ويو، تنهنجو پيءُ هليو ويو ۽ پوءِ خوفناڪ سانت ڇائجي وئي!، ممي بيهوش ٿي وئي. پوءِ جڏهن هوش آيس ته اِهو ئي چوندي رهي ته وڃڻ جو وارو ته منهنجو هو پر هو هلييو ويو. ممي ته اسان کي ڏسي، اسان جي حالت ڏسي دل کولي روئي به نه پئي سگهي پر اندر ئي اندر ۾ هُوءَ ڳرندي رهي، ختم ٿيندي رهي، اندر ئي اندر ۾. هن جي صبر جا سمورا بند ڀڄي پيا پوءِ سندس وقت رڳو پپا جون تصويرون ۽ ان جا ريڪارڊ ٿيل پروگرام ڏسڻ هو.  پوءِ مممي ۽ مون پپا جا ٻه ڪتاب به ڇپرايا. هڪ شاعري جو ۽ هڪ اخبارن ۾ لکيل ڪالمن جو ڪتاب جيڪو ثقافت کاتي شايع ڪيا.

ممي پنهنجن ڀينرن ۽ ڀائرن جو به تمام گهڻو خيال رکندي هئي ۽ سندن لاءِ به ماءُ جو ڪردار ادا ڪندي رهي. انهن جي ٻارن ٻچن کي جان کان وڌيڪ پيار ڪيائين، نه رڳو پنهنجن ڀينرن ۽ ڀائرن سان پر پري مٽن مائٽن سان جيڪي غريب غربا هيا انهن کي به مانُ ڏنائين جو هو اڄ ڏينهن تائين ان کي ياد ڪري روئيندا آهن.

انسان غلطي جو پتلو آ، زندگي ۾ انسان غلطيون ۽ ڪوتاهيون به ڪري ٿو. پر هُوءَ دل جي امير عورت هئي مون کي ياد آ ته هڪ ڀيري ڪو ڳوٺان آيو ڏاڍي عزت ڏنائيس پر ڪنهن ڳالهه تان چڙهي وئي پوءِ ته ڏاڍو پڇتايائين ۽ ان کي فون ڪري چيائين ته شايد توکي منهنجي ڪنهن ڳالهه تي ڏک ٿيو آ ته مون کي معاف ڪجائين.

پاپا جي وڇوڙي کان پوءِ ممي پاڻ نه سنڀالي سگهي. هر وقت پاپا کي پئي ياد ڪندي هئي صفا دل لاهي ويهي رهي هئي.

پهريان ته ڪجهه ڳالهائيندي هئي پر پوءِ صرف ايترو چوندي هئي ته مون کي پنهنجي پيءُ جا ڪا تقرير واري وڊيو هلائي ڏيو پوءِ هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڏسندي رهندي هئي.

نيٺ طبيعت وڌيڪ خراب ٿيس ۽ پوءِ اسان ان کي سائوٿ سٽي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ۽ پوءِ ٺيڪ پاپا جي گذاري وڃن جي 18 مهينن کان پوءِ ممي جنوري جي مهيني ۾ گذاري وئي. مون کي ڇڏي هلي وئي. مون کي اڪيلو ڪري وئي.

هاڻي مان ممي ۽ پاپا جي يادن جي سحر ۾ جيئان ٿي ۽ جيئڻ چاهيان ٿي. سندن ياد منهنجي لاءِ اتساهه به آهي ته طاقت به آهي.

زندگي ته سڄي ڄمار امتحان وٺندي رهي آهي ۽ اسان کي به امتحان ئي ڏيندا رهيا آهيون. زندگي جي امتحانن کي ڪيئن منهن ڏجي اهو سليقو مون کي منهنجي ممي سيکاري وئي آهي. ڪاش! منهنجي ممي ۽ منهنجي پاپا کان زندگي ايترا امتحان نه وٺي ها.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ بهترين سگهڙ ميان پير بخش پيرل مڱريو :مهتاب علي مڱريو 

  سگهڙ فقير ميان پير بخش (پيرل) مڱريو سنڌ جو صف اول جو ڀلوڙ سگهڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے