21 بدھ , نومبر 2018

سنڌي ادب جي ڪلا جو سج اُلهي ويو

رکيل مورائي

نامياري ليکڪا ڪلا پرڪاش ديهانت ڪري وئي، ائين سنڌي اخبارن لکيو آهي ۽ انهن کي مليل ڄاڻ به خبرن سان گڏ آهي ٻڌي ليکي هڪ اهم خبر اخبارن ڇپي ڇڏي آهي ۽ بس!

جن کي ڪلا پرڪاش جي فقط نالي جي ڄاڻ آهي ۽ اهو پتو اٿن ته هو نامياري ليکڪا آهي، انهن لاءِ اها خبر هڪ ديهانت ڪري ويندڙ اديب جي خبر آهي. پر ڪلا پرڪاش جي ديهانت هڪ شخص/اديب جي ديهانت کان وڌيڪا احساس جو ديهانت آهي. هڪ مامتا جو ديهانت آهي،  ساڳئي وقت سنڌي ڪلا پرڪاش هند جي سنڌي ادب ۾ ناول جي ضمانت ڪري کنئين وئي آهي. سنڌي ادب ۾ مجموعي طور تي جيترا ناول ڪلا پرڪاش لکيا آهن اوترا ڪنهن به خاتون اديبه نه لکيا آهن. هوءَ هڪ ئي وقت، اعليٰ ڪهاڻيڪار، بيمثال ناول نگار، ڪوتاڪار هڪ روح ۾ لهي ويندڙ سفر نامي جي تخليقڪار ۽ سڀ کان وڌيڪ سنڌي ٻوليءَ کي ڪيترائي خوبصورت غزل ڏيندڙ شريڪانت صدف جي امڙ ۽ هڪ لاجواب شاعره، ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نگار ڊاڪٽر موتي پرڪاش جي ڌرم پتني به هئي ۽ انهن سڀني رشتن ۽ ناتن جي دائري ۾ سنڌي ادب کي جيترو ڪلا پرڪاش ڏنو آهي، شايد ئي ٻي ڪا سنڌي خاتون هجي. جنهن ايترو گهڻو ڏنو هجي ۽ ايترو اهم ڏنو هُجي.

ڪلا پرڪاش جو خاندان  ساهتي پرڳڻي جي هڪ سر سبز وڏي ڳوٺ ۽ هاڻ هڪنڍي شهر خانواهڻ جو هُئو جيتوڻيڪ سندس جنم ڪراچيءَ ۾ ٿيو ۽ اهو ڏينهن ٻه جنوري اوڻيهه سئو چوٽيهن جو هُئو، ائين سندس عمر تيرهن سال هئي جو ورهاڱو ٿيو ۽ سنڌين جو وڏو حصو پنهنجي ڌرتيءَ کان ڌار ڪيو ويو. پڪ سمجهڻ گهرجي ته سندس خاندان جو موت ستيتاليهه ۾ ئي ٿي چڪو هئو، جڏهن اهو خاندان پنهنجي صدين پراڻي، تهذيب، ثقافت، ٻولي ۽ وطن ڇڏي ڌرتيءَ ڌڪاڻو بڻيو هُئو. هن ممبئيءَ ۾ هڪ شاهاڻي شخصيت رکندڙ ليکڪ موتي پرڪاش سان شادي ڪئي جيڪو اڳتي هليءَ ڊاڪٽر ٿيو.  ڪلا پرڪاش ممبئي جهڙي ننڍي کنڊ جي وڏي شهر ۾ زندگي گذاري. زندگيءَ جو ڪجهه حصو دبئيءَ، ڪجهه حصو آڌيپور ۽ باقي سڀ حصو ممبئي. شخصي طور هوءَ تعليمدان هُهئي، سڄي ڄمار ان سان لاڳاپيل رهي ۽ نهايت شاندار زندگي گذاريائين. کيس ٻن ٻارڙن جو اولاد ٿيو. پهريون اولاد پٽ شريڪانت صدف ۽ ٻيو اولاد ڌيءَ سنڌو!

هُن پنهنجي ڄمار جو اهم ترين ڪتاب ” ممتا جون لهرون“ نثري نظمن جو لکيو جنهن ۾ هن جي مامتا ڏسي سگهجي ٿي. چوڏهن ڪتاب سنڌي ادبکي ڏيندڙ ڪلا پرڪاش، اٺ ناول کيا، چار ڪهاڻين جا ڪتاب. هڪ نثري نظمن جو ۽ هڪ بيمثال سفر نامو ” جي هينئڙي منجهه هُرن.“

ڪلا پرڪاش جو روح ۾ پيهي ويندڙ پڙهڻ وق ڪيترائي ڀيرا اکيو آليون ڪرائيندڙ سفر نامو سنڌ جو آهي، جڏهن هوءَ پنهنجي گهوٽ ليکڪ ڊاڪٽر موتي پرڪاش ۽ نامياري ليکڪ موهن گيهاڻيءَ سان سنڌ گهمڻ آئي هئي.

سنڌ گهمڻ ڇا هُهئي، کين ڪراچيءَ کان سواءِ سنڌ جي ڪنهن به شه جي ويزا مليل نه هئي ائين هوءَ پنهنجو اباڻو گهر ۽ ڳوٺ خانواهڻ وري ڪڏهن به ڏسي نه سگهي هُئي.

ها! هن خانواهڻ کي ياد ڪري، پنهنجي جڳ مشهور ڪهاڻي ” خانواهڻ“ ۽ هڪ ناول ”پکن جي پريت“ ضرور لکيو هُئو، ٻيءَ طرح سندس لکڻين ۾ سندس دور، خاص طور سندس آس پاس ۽ آر پار آسانيءَ سان ڏسي سگهجي ٿو. پر هُن سنڌ ڇڏي پنهنجي عمر جي چوراسي سالن ۾ جيڪا پيڙا ڀوڳي  ان جو ڪجهه اظهار سندس لکيل سفر نامي مان ظاهر ٿي پيو آهي. سنڌيءَ ۾ اهڙا ٿورا سفر ناما هوندا جيڪي ائين روح کي ڇهي وڃن جيئن ڪلا پرڪاش جو سفر نامو ڪلا پرڪاش کي سندس من ڇيد تي لکيل ناول ” آرسيءَ آڏو“ تي مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ جو وڏو ادبي ايوارڊ ڏنو ويو. هونئن مختلف ادارن جا ڪيترائي اعليٰ انعام ماڻيندڙ. ڪلا پرڪاش زندگيءَ جا اُهي ڏينهن، جن کي آخري ڏينهن به چئي سگهجي ٿو، نهايت ڏکيا گذاريا، جيڪي ڊاڪٽر موتي پرڪاش جي وفات کان پوءِ جا هُئا. جنهن جو سبب سندن ٻه ٻار به هُئا، جيڪي هنن داد ڪري نپايا هُئا، جن جي آس ۾ هُن پنهنجو بيمثال ڪتاب ” ممتا جو لهرون“ لکيو هُئو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو واڌاري سان تڏهن آيو جڏهن سندس جهوليءَ ۾ ٻه پوٽيون لوليءَ جو لطف ماڻي رهيون هيون.

ادب ۾ ڪلا پرڪاش جو پد ماپڻ ته ڏکيو آهي اهو وقت ئي ماپيندو پر هوءَ هند جي عورت اديبائن جي ان ٽه مورتيءَ جو حصو هُهئي، جنهن ٽه مورتيءَ جون ٻه مورتون دادي پوپٽي هيراننداڻي ۽ دادي سندري اُتم چنداڻي هيون اها ٽه مورتي پنج آگسٽ ٻه هزار ارڙهن عيسويءَ تي پڄاڻيءَ تي رسي. ائين هند ۾ سرجندڙ سنڌي تخليقي ادب جو سِجُ ٽهيريءَ ڏانهن مڙي ويو جنهن جي الهڻ ۾ هاڻ گهڻي دير نه رهي آهي. سنڌي ادب جو اهو سج هند ۾ نئين آب تاب سان سڀاڻي اڀرندو اهڙو امڪان هاڻ ممڪن نه رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هند جي سنڌين جي نئين نسل جي ادب سان ڪنهن به قسم جي لاڳاپيواري نه آهي، هن ويل سنڌين جو تاريخي الميو اهو اهي.

ڪلا پرڪاش سنڌي ناول کي جيڪا شاهوڪاري ڏني آهي، اها اڪيلو مثال آهي ۽ ان سموري عمل تي هن وٽ ڪنهن به قسم جي وڏائي/انا/ايگو نه آيو. جنهن جو هڪ عملي مثال منهنجي شخصي تجربي ۾ هن طرح آهي.

سندس شايد آخري ناول ” اوکا پنڌ پيار جا“ جڏهن ڇپجي رهيو هئو ته سندس حڪم هئو ته سندس حڪم هئو ته ان جو مهاڳ مان لکان، ڇاڪاڻ ته اهو ناول سنڌ ۾ به ڇپڻو هئو، ۽ مون ان ۾ کيس سنڌي ناول جي خاتون اول ڪوٺيو هئو.  جنهن اهو ناول کيس وٽ پهتو ته هن ان مهاڳ بابت هڪ تفصيلي خط مون ڏانهن لکيو جنهن جا شروعاتي لفظ هئا!

”پيارا رکيل مورائي“!

” اوکا پنڌ پيار جا“ جي اڳ ۾ تو لکيو آهي ” سنڌي ناول جي خاتون اول“

پٽ! تو مهاڳ ته مهاڳ اهڙو لکيو آهي جو اُهو پنهنجو پاڻ ۾ هڪ سهڻو ساهتڪ مضمون آهي، پر سچ پڇيس ته مان ايمانداريءَ سان محسوس ڪيان ٿي ته سنڌي ناول ” خاتون اول“ جو خطاب مون کي نه پر شريمتي سندري اتمچنداڻيءَ کي ملڻ گهرجي ڇو ته ورهاڱي بعد سنڌي ناول لکڻ جي شروعات هن ڪئي ۽ سندس ٻئي ناول “پريت پراڻي ريت نرالي“ ۽ ” ڪرندڙ ديوارون“ سنڌي ناول نويسيءَ ۾ اهم جڳهه والارين ٿا. 2010-09-09.

چوڻ جو مقصد ته هڪ ايماندار ۽ سچو ليکڪ ائين هجڻ گهرجي. هڪ ڳالهه جيڪا مان هت ورجائڻ چاهيان ٿو ته اها هيءَ ته، ڪلا پرڪاش سنڌيءَ جي اهڙي ليکڪا آهي جنهن جي سموري ادب ۾ نقي/نگيٽو ڪردار آهن ئي ڪو نه. ڇاڪاڻ ته هوءَ عورت جي حوالي سان بنهه مختلف عورت هئي، ڪنهن لاءِ شڪايت، ڪنهن جي عيب جوئي، ڪنهن لاءِ غلط لفظ ڪڍڻ سندس مزاج ۾ ئي نه هُئو.

ساڻس ۽ سندس گهوٽ داد موتي پرڪاش سان منهنجي شناسائي ۽ خط و ڪتاب گذريل صديءَ جي نائين ڏهاڪي کان هئي پر هن ڪڏهن ڪنهن اديب/شخص بابت ڪو غلط اظهار نه ڪيو. ساڻس ڪيتريون ئي ڪچهريون ٿيون انهن ۾ مان ڪڏهن نه سنيران نه هن ڪنهن هند توڻي سنڌ جي اديب بابت ڪو نفي رايو ڏنو هُجي. سچ پچ مان هن جي سڪيلڌي پٽ شريڪانت جو دوست آهيان، ان تاني هوءَ مون کي سدائين پٽ واري جڳهه تي رکندي هُئي.

ممبئيءَ ۾ مون کي دادي سندري اُتمچنداڻِ جي گهر، دادا گوبند پنجابيءَ جي گهر، دادي پارو چاولا جي گهر هوءَ وٺي هلي، ائين منهن جو ممبئيءَ ۾ گذريل وقت سجايو ٿيو.

ادب جي حوالي ۾ هوءَ ڊاڪٽر موتي پرڪاش جي وني هجڻ ناتي ترقي پسند ڌارا جي ليکڪا سمجهي ويندي هئي، جيتوڻيڪ سچ اهو آهي ته سندس ڪهاڻين توڻي ناولن ۾ سماج توڻي شخص جي جاچنا ته آهي پر اها ڪنهن نظر ئي/ڌارا هيٺ اظهاريل هجي ائين بلڪل نه آهي. ائين به محسوس به ٿيندو آهي ته مٿين ٽمورتيءَ ۾ ڪلا پرڪاش اها ليکڪا هئي، جيڪا دماغ سان  گهٽ دل سان وڌيڪ پنهنجي لکڻين ۾ موجود آهي.  خاص ڪري سندس ممتا جون لهرون ڪتاب ته سندس ” دل“ آهي. جنهن ۾ سندس احساس سمنڊ جيان ڇوليون هڻي رهيا آهن.

ڪلا پرڪاش جي ناولن جا ڪردار ۽ ڪاحيننجا ڪردار ميڊل ڪلاس سان واسطو رکن ٿا ۽ اُهي سڀ اسان سڀني کي ڏٺل وائٺل ته لڳندا ئي پر انهن جي نفسيات به سامهون اچي ويندي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ رهندي به سنڌي هندن ۾ مذهبي توڻي متڀيد رهندو آيو، جيڪو ورهاڱي کان پوءِ به سنڌي هن ۾ رهندو آيو. ڪلا پرڪاش جي ناول ” پيار“ جي مرڪزي عورت ڪردار مان ان جو اندازو ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته پنهنجي هڪ ساهيڙيءَ کي مائٽن ڏي آيل سندس رشتي بابت چوي ٿي ” مان انهيءَ الهاس نگريءَ سان ڇو شادي ڪنديس!

هت هند ۾ سنڌين جي وڏي ۾ وڏي وسندي، الهاس نگر ڏانهن اشارو آهي، جيڪو ممبئيءَ جي ڀرسان اهو ساڳيو استعاروڪراچيءَ ۾ رهندڙن لاءِ ” لاکو کيتي“ چوڻ جي معنيٰ ۾ ظاهر ٿئي ٿو.  پر اهو انسان جي معاشي خوشحاليءَ واري سڀاءَ کي ظاهر ڪري ٿو.

ائين ڪلا پرڪاش جا ڪيترائي ڪردار پنهنجي سموري سڀاءَ سان سندس ڪهاڻين توڻي ناولن ۾ ظاهر ٿين ٿا.

ڪيئن به ڪلا پرڪاش جو وڇوڙو سنڌي ادب لاءِ ۽ خاص ڪري سنڌي ناول لاءِ نهايت ڏکوئيندڙ آهي. پڪ سان سنڌي ادب ۾ هوءَ سدائين ياد رکي ويندي. هند توڻي سنڌ جي اديبن لاءِ سندس وڇوڙو هڪ جهڙو ڏک کڻي آيو آهي. جيتوڻيڪ سڀني کي اهو ڏک ڀوڳڻو الڳ الڳ آهي. شريڪانت صدف  ڀيڻ سنڌوءَ سان پرچاڻي.

اهو ڪيئن چئي سگهبو ته ڪلا پرڪاش جي رک سنڌوءَ ۾ پرواهه ٿي سگهندي يا نه؟ اهو سنڌوءَ ۽ ڪلا جو مسئلو آهي، پڪ سان اهو ته چئي سگهبو ته ڪلا پرڪاش کي جنم ته سنڌوءَ نديءَ جي پاڻيءَ ڏنو هئو. تڏهن ئي ته نارايڻ شيام چيو هو:

گنگا، جمنا امرت امرت،

ليڪن ٿڃ ته سنڌو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏو ليڊر ٿيڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ آيل ”يوٽرن“ جو نئون نسخو

امير ڀنڀرو ٻه  ڏينھن اڳ  ڪالم نويسن سان ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان پنھنجي اصليت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے