23 منگل , اکتوبر 2018

سنڌ جي ماڻهن کي صحت مند، سرسبز ۽ سُکي ستابي سنڌ گهرجي

25 جولاءِ تي عام چونڊن کانپوءِ وفاق توڙي صوبن ۾ نيون حڪومتون ٺهڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي. وفاق ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف اڪثريتي پارٽي طور سامهون آءِ آهي تنهن ڪري اُتي اُها اتحادين ۽ آزاد ميمبرن سان گڏجي حڪومت ٺاهي پئي جڏهن ته پنجاب ۾ به تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان مسلم ليگ نواز طرفان حڪومت ٺاهڻ جون ڪوششون هلندڙ آهن. بلوچستان ۾ اتحادي حڪومت ٺهندي جڏهن ته سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي اڪيلي سِر حڪومت ٺاهي رهي آهي. ڇنڇر ڏهاڙي پارٽي جي پارلياماني پارٽي جي گڏجاڻي ۾ ٿيل اجلاس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سيد مراد علي شاهه کي وڏو وزير نامزد ڪيو ويو آهي جڏهن ته آغا سراج دراني اسپيڪر ۽ ريحانه لغاري ڊپٽي اسپيڪر هوندا.

هي ٽيون ڀيرو آهي جو سنڌ ۾ پنجن سالن لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺهي پئي. سوا هڪ اڌ جي باقي وزير مشير به تقريبن ساڳيا هوندا ته ميمبرن ۾ به اڪثيرت انهن جي آهي جيڪي هر ڀيري چونڊجي اسيمبليءَ ۾ پهچندا آهن. سو چئي سگهجي ٿو ته حڪومتي ڍانچو توڙي نئين حڪومت جي شڪل به هو به هو اهڙي هوندي جهڙي اڳ ۾ رهندي پئي آءِ آهي،  فرق صرف اهو آهي جو چون ٿا ته پيپلز پارٽي جي نوجوان چيـئرمين بلاول ڀٽو زرداري سمورا معاملا پنهنجي هٿ کڻي ورتا آهن ۽ وزير ۾ مشيرن کي چتاءُ ڏنو آهي ته کين ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي جيڪو ڪم نه ڪندو سو تبديل ٿيندو.

ڏٺو وڃي ته سنڌ جا سور، ۽ سنڌ جا مسئلا اڄ به اُهي آهن جيڪي 70 سال اڳ هئا، سنڌ جو ماڻهو اڄ به اولاد جي نوڪري لاءِ وڏيرن جي اوطاقن جون جتيون گسائڻ تي مجبور آهي، سنڌ جا ماڻهو اڄ پيئڻ جي صاف سٿري پاڻي کان محروم آهن، سنڌ جو بنيادي ڍانچو اڄ به تباهه آهي، دنيا چنڊ تي پهتي آهي پر سنڌ ۾ تعليم جا اڄ هيڻا حال آهن، ڪاپي ڪلچر ڪينسر جيان هن شعبي کآءِ رهيو آ هي، سواءِ هڪ اڌ جي اڪثر اسپتالن ۾دوائن جي کوٽ جي شڪايت آهي، سنڌ جي ماڻهن کي اڄ به سندن چانئٺ تي سير تفريح توڙي وندر جون سهولتون ميسر ناهن، سنڌ جي شاندار تهذيب هئڻ جا ساکي قديم ماڳ اڄ به لاپرهآءِءَ جي ڪري ڏينهون ڏينهن تباهي ڏانهن وڌي رهيا آهن، سنڌ جي عورت اڄ به سنڌ جي عورت جي ڪنڌ تي اڄ به ڪهاڙي آهي، پنهنجي علم عقل ۽ سوچ آهر پنهنجي سياسي واٽ وٺندڙ اڪثر سياسي ڪارڪن اڄ به خوف ۽ خطري ۾ آهن، بُک اڃا تآءِن سنڌ جي پچر نه ڇڏي آهي ۽ ٿر ۾ مورن ۽ ٻارن جي موت جا واقعا اڇا ختم ناهن ٿيا، هڪ ساهه ڪڍندڙ گرمي ته ٻئي پاسي بجلي جي اڻ هوند اڄ سنڌ جي ماڻهن جو مقدر آهن، ميرٽ جو قتل ڪنهن کان ڳجهو ناهي پنهنجا نوازي، اقربا پروري، رشوت جو اڄ به سنڌ ۾ راڄ آهي، ادارا ماڻهن جي سُک ڪي سامان بدران عوام لاءِ آزار ثابت ٿيا آهن، سو ايئن چوڻ غلط نه ٿيندو ته دنيا ترقي ڪري وڃي چنڊ پهتي آهي ۽ سنڌ آهي جو اُهي ئي پير پُٺتي ڪري ڏيڻ ته اُونداهيءَ جي دور ۾ هلي وئي آهي.

سنڌ جي ماڻهن اعراضن، خدشن، ناراضگين ۽ ڪاوڙ باوجود هميشه ووٽ پيپلز پارٽي جي پانڌ ۾ وڌو آهي ۽ موٽ ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي ماڻهن جي جهول ۾ جيڪو ڪجهه وڌو آهي سو سڀني جي سامهون آهي. وقت اچي ويو آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ جي ماڻهن جو قرض لاهي. ڪاري ڪامڻ جهڙو مرض، غلاضت مليل پاڻي، بند اسڪول ڪاپي ڪلچر زبون حال روڊ ڪارو ڪاري تحت مردن ۽ عورتن جو قتل، ووٽ نه ڏيڻ تي وڏيري هٿان عام ماڻهن جي تذليل هاڻي سنڌ ماڻهن جو مقدر نه هجڻ گهرجي. سنڌ ميرٽ کي مان ڏيڻ سان، امير ۽ غريب ۾ فرق ختم ڪرڻ سان، تعليم ۽ صحت جون سهولتون سڀني لاءِ هڪ جهڙي واري پاليسي اختيار ڪرڻ سان ئي اڳتي وڌي سگهي ٿي. نما کان هٽي ڪري سنڌ جي روايتي ۽ ثقافتي راندين کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي، اسپتالون ويران ڪرڻ لاءِ راندين جا ميدان آباد ڪرڻا پوندا. سفارش ۽ رشوت ڪلچر جي نڙي تي نه هجڻ کان سواءِ سنڌ جي ترقي ممڪن ناهي، اهڙو نظام جوڙڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ روزگار جو معيار صرف ۽ صرف ميرٽ هجي.

سنڌو مٿري کي دنيا جي تهذيبن سرفهرست تهذيب هئڻ جي حيثيت حاصل آهي، سنڌ جي باقي قومن جي ڀيٽ ۾ ان ڪري به هڪ الڳ ٿلڳ حيثيت آهي جو سنڌ کي پنهنجو سمنڊ به آهي ته درياهه به، ته جبل به، ڍنڍون به ته ڍورا به. گورک جهڙو شاندار ٿڌو مقام هوندي به سنڌ جا ماڻهو سير ۽ تفريح لاءِ مريءَ وڃڻ تي مجبور آهن سنڌ سرڪار کي وقت وڃائڻ بدران گورک کي ترقي وٺرآءِ سنڌ جي مري بڻائڻ گهرجي. ڪراچي کان بدين تآءِن سنڌ جي سامونڊي پٽي کي شاندار سياحتي ماڳ ۾ تبديل ڪري سياحت کي هٿي وٺرآءِ سگهجي ٿي. ڪراچيءَ کان ڪتي جي ڪبر تآءِن کير ٿر پاهڙيءَ سلسلي تي الآءِ جي ڪيترا تفريحي ماڳ قائم ڪري سگهجن ٿا. روهڙيءَ جي لينڊس ڊائون پُل کان ويندي انڊس ڊيلٽا سنڌو جي ٻنهي پاسي سياحت کي هٿي وٺرائڻ ڏانهن به سنڌ سرڪار کي ڌيان ڏيڻ گهرجي سو بلاول ڀٽي زردار ۽ مراد علي شاهه جي مٿي ڏبل تجويزن تحت سنڌ کي ترقي وٺرآءِ ته سنڌ جو ماڻهو کين اهڙي موٽ ڏيندو رهندو جي نه ته اڄ جي سوشل ميڊيآءِ دور ۾ 2018ع جي چونڊن ۾ ماڻهن اُميدوارن کان، خانن نوابن ۽ سردارن کان جيڪو پڇاڻو ڪيو 2023ع جي عام چونڊن ۾ اُن کان به وڌيڪ هوندي.

سومر 13 آگسٽ 2018ع، پهرين ذوالحج 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف کي ” نئين پاڪستان“ لاءِ ڪجهه گذارشون

اطلاعن موجب تحريڪ انصاف 100 ڏينهن جي حڪومت دوران ملڪي معاملن کي سڌو ڪرڻ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے