22 پیر , اکتوبر 2018

بابا، شاهه لطيف ڪير آهي ؟

حافظ سڪندر تنيو

ملڪ جي ورهاڱي ڪري جهڙي طرح سنڌ تي ٻاهرين ماڻهن جي اچڻ ڪري ناڪاري اثر پيا آهن، تهڙا ساڳيا اثر سرآءِڪين جي علائقي تي پڻ پيا آهن، ملتان هن وقت سرآءِڪين جو سڀ کان وڏو شهر ليکيو وڃي ٿو، پر ان ۾ گهڻي آبادي اردو ڳالهآءِندڙ انڊيا مان آيل پناهگيرن جي پڻ رهي ٿي، جهڙي طرح سنڌ جي شهرن ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص تي سندن ڪنٽرول ٿيل آهي، تهڙي طرح ملتان سندن مٺ ۾ آيل آهي. سرآءِڪي علائقو بنيادي طرح سنڌ جو حصو رهيو آهي، مٿس اهو نالو به سنڌ جي مٿاهين سري هيٺ هئڻ سبب پيو هيو، اڄ به سنڌين جا ڪيترا قبيلا ۽ ذاتيون ملتان ۽ ٻين شهرن ۾ رهن ٿيون، منھنجو ملتان اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو آهي، جتي سرآءِڪي ۽ اردو ڳالهآءِندڙ ٻنهي برادرين سان ويجهڙائپ رهي آهي، اردو ڳالهآءِندڙن جي اندر ۾ ڇا به هجي، پر هو ظاهر ۾ مون سان سٺو ورتاء ڪندا آهين، سرآءِڪي ته وري ساهه صدقو ڪندا رهندا آهين. منهنجي مادري زبان ته سنڌي آهي پر مون اردو، پنجابي، سرآءِڪي رواني سان ڳالهآءِ ويندو آهيان، ملتانين سان فريد جي ٻوليءَ ۾ ڳالهآءِندو آهيان ۽ هو سانوڻ ۾ سڏيندا آهين ته پيرون پڪيا پڪيا،آ مل سهڻل يار، جڏهن اردو ڳالهآءِندڙن جي سنڌ جي اردو وارن جيان، ساڳي ريت رهي آهي، جو هو مقامي زبان ستر سالن ۾ سکي نه سگهيا آهين. سندن گهرن، دڪانن، آفيسن ۾ اردو جو واهپو اڪثر رهندو آهي، مون هڪ ڪتاب جيڪو هڪ سنڌي عالم جو اردو ۾ لکيل آهي، جنهن ملتان ۾ وڃي پڙهندي اتان جي سرآءِڪين کان سڱ وٺي ڌرتي سان سلهاڙجي ويو، ان ڪتاب ۾ هن سنڌين ۽ سرآءِڪين جو مضبوط ڪيس وڙهيو آهي، ڪاش ڪوئي سنڌي پبلشر ان کي سنڌي زبان ۾ ڇاپي ته سنڌي زبان جو مٿس قرض لهي پوندو. ان ڪتاب ۾ مون هڪ نفرت جو نمونو پڙهيو جيڪو پڙهندڙن سان ونڊ ڪري رهيو آهيان. لکي ٿو 30 سيپٽمبر 1978ع تي ملتان نيشنل سينٽر ۾ زبان جي مسئلي تي هڪ مباحثو منعقد ڪيو ويو ھيو، دانشور صاحبان سڀ تقريرون اردو زبان ۾ پئي ڪيون، هڪ سرآءِڪي اديب عمر علي بلوچ کي ڳالهائڻ لاءِ اسٽيج تي سڏيو ويو، جنهن اچڻ شرط آکيا ميڏي ڀرائو،هن جي انهن لفظن ڳالهائڻ ڄڻ اردو دانن جي دين ايمان تي حملو ڪيو هجي، محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جڏهن وزير اعظم جو عهدو سنڀاليو هيو ته اسيمبلي ميمبر کيس مبارڪون ڏيئي رهيا هئا، اڪبر بگٽي کيس بلوچڪي زبان ۾ واڌايون ڏنيون ته پنجابي ۽ اردو زبان ڳالهآءِندڙن مٿان ڄڻ وڄ ڪيرآءِ وڌي هجيس، هڪدم هال سڄو رڙين ۾ رانڀاٽجي ويو ته رڳو اردو زبان هلندي بلوچي زبان ڳالهائڻ سان گهڻن جا شرعي نڪاح ٽٽي پوندا، کيس ڳالهائڻ نه ڏنو ويو هيو. عمر ٻروچ جي تقرير تي پڻ ساڳيو ممڻ متو هيو ته عربي اسلامي زبان آهي سا ڳالهآءِ وڃي، جي اها ڪنهنکي نٿي اچي ته پوءِ اردو، عربي زبان جي ننڍي ڀيڻ آهي ان سان رشتو قائم ڪجي، سرآءِڪي ڳالهائڻ ادبي آدابن ۽ شائستگي جي خلاف ٿي پوندي، جڏهن ته ناشائستگي جو طريقو اهو هيوجن سرآءِڪي ڳالھائڻ جو رستو روڪيو هيو، ان تقريب ۾ گهڻآءِ هڪ مذهبي جماعت جي پروفيسرن جي هئي، ڪتاب ۾ سندن نالا به لکيل آهين پر آئون لکڻ مناسب نٿو سمجهان. هنن دانشورن سرآءِڪي سان گڏ سنڌي زبان کي پڻ ڪافرن جون زبانون ڪوٺيو هيو. سندن دينداري واري صلاح هي ءَ هئي ته اهي ٻوليون گهرن ۾ به ڳالهائڻ نه کپن. آمريڪي درسگاهن مان علم پرآءِ فارغ ٿيلن اسلامي دانشورن کي ڪير سمجهآءِ ته ڳالهائڻ مهل زبان تي ڪنٽرول ڪرڻ ضروري هوندو آهي. اهي دانشور جانورن جيان اسلام کي گاه سمجهي چرڻ لڳندا آهين، پر اسلام ڍورن جو چارو نه پر انساني هدايتن جي خوراڪ آهي. ڪنن کان ٻوڙن، اکين کان بي نورن کي ٻڌڻ گهرجي ته زبانن کي الله پاڪ قدرت جون شاهڪار نشانيون سڏيو آهي، تن ۾ سنڌي سرآءِڪي به اچي وڃن ٿيون. خدا فرمايو آهي ته سندس فرمان، شڪ، ڪوڙ، گمان، غلطي کان پاڪ آهي، کيس عصمت ۽ پاڪيزگي حاصل ٿيل آهي. ان ڪري خدا جي نشانين کي ختم ڪندڙ پاڻ ئي تغير (ڦيراٽين) ۾ ڦرندي پيسجي ختم ٿي ويندا آهين. هي به سمجهڻ کپي ته عربي زبان جي واڌاري جي لاءِ جاهليت جي دور جي عربن پڻ وسان ڪين گهٽايو هيو. اسلام کي پنهنجي زبان ڪانه هئي، جيڪا زبان ابوجهل ۽عرب جا ڪافر ڳالهآءِندا هئا،پيغمبر سڳورو پڻ سآءِ ٻولي ڳالهآءِندو هيو، اسلام ان جو ئي سھارو ورتو هيو، نئين زبان اسلام پاڻ لاءِ ايجاد ڪا نه ڪئي هئي. ذوالفقار ڀٽي مٿان قتل جو ڪيس هلآءِندڙ جج مولوي مشتاق هيو، جڏهن ڀٽي کي لاهور هآءِڪورٽ ۾ هٿ ڪڙيون هڻي کيس آندو ويو هيو، ته هن وڪيلن لاءِ رکيل ڪرسين مان هڪ کي خالي ڏسي ويٺو هيو، ته تعصبي جج کي سندس ويهڻ پسند نه آيو هيو، ھن ڀٽي کي ڇڙٻ ڏيئي ڪرسي تان اٿاريو هيو ته تون هڪ جوابدار آهين توکي ڪٽهڙي ۾ بيهڻ کپي، اتان اٿي اچ، اهوئي ڀٽو هيو جيڪو ان ڪورٽ جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ جڏهن ڳالهآءِ رهيو هيو ته هي آڪسفورڊ جو پڙهيل ۽ سڀ جج انگريزي پڙهيل هوندي، هن انگريزي ۾ نه پر سرآءِڪي زبان جي شعر جو سهارو وٺندي چيو هيو ته "دردان دي ماري دلڙي عليل اي، سهڻا نه سڻندا دکان دي اپيل اي،” اڄ سنڌ جو ماڻهو ان تعصب کي چاليهن سالن تآءِن وساري نه سگهيو آهي، جيتوڻيڪ سندس پارٽي جا نوان قبضيدار سنڌين سان سوين جٺيون ڪري چڪا آهين، پر پوءِ به سندن ووٽ ڀٽي جي ڪري کين ئي ڏيئي رهيا آهن.هڪڙي پنهونء ڪاڻ ٻانهي ڪل ٻروچ وارو مثال سنڌي ماڻهو ورهآءِندا ٿا اچن.

آئون سنڌي دانشورن کي اپيل ڪندس ته هو پنهنجي زبان سان محبت ڪن، کيس هرهنڌ اسڪول ۾، بزار ۾، واپار جي کاتي ۾، ڪورٽ ۾، گهر ۾، ڳالهائڻ کان لڄي نه ٿين ، اوهان ڪامورن، پروفيسرن، دانشورن کي سنڌي ڪتابن ۽ ٻولي ڳالهائڻ کان الرجي ٿي رهي آهي، سنڌي دانشور کان سندس پٽ انگريزي ۾ پڇي ٿو who is shah Latef dad؟ بابا شاھ لطيف ڪير آهي؟ اچو زبان جا هار ڳچين ۾ پآءِ گهمو. جن ماڻهن عمر بلوچ کي پنهنجي زمين تي پنهنجي زبان ڳالهائڻ کان روڪيو آهي، تن کي بنگالين جي ٻولي مٿان قربان ٿيڻ جي ڪٿا پڙهڻ کپي، جن سورنهن لک بهارين کي نو ڪروڙ بنگالين جي زبان تي مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، قومن جون قدرتي زبانون بنگالي، سنڌي، پنجابي، پشتو، سرآءِڪي خطي جي آبهوا کي ڏسندي فطرت کين عطا ڪيون آهن، جيڪڏهن کانئن جيئڻ جو حق کسيو ٿا ته ان سان نفرتن جون ديواريون پاڻ ئي ڊگهيون ڪري رهيا آهيو، اوهان پنهنجي ماديت جي خوشحاليءَ لاءِ ان خطي کي وطن ته بڻآءِ رهيا آهيو، پر ان جي زبان ڳالهائڻ سان اوهان جي نڙين ۾ ڪنڊا چڀجي رهيا آهن، اوهان کي جيڪڏهن پاڪستان سان محبت آهي ته انتها پسندي کان پاڻ کي روڪڻو پوندو، دير ۽ حرم جا دروازا سڀني لاءِ کليل رکڻا پوندا، ڪاشي ۽ ڪعبي وڃڻ وارن کي ويزائون ڏيڻيون پونديون، قديمي ماڻهو جيڪي هن خطي جا هزارين سال پراڻا وارث آهين، تن جي محبتن ۽ مهمان نوازي جو اعتراف ۽ احسانمند ٿيڻو پوندو، تڏھن ئي ملڪ سان اوهان جون وفاداريون اسان وانگي مڃيون وينديون. ’

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئين ۽ صوبائي خودمختياري سان هٿ چراند

علي محمد ميمڻ ملڪ ۾تبديلي واري نئين وفاقي سرڪار اقتدار ۾ ايندي ئي ملڪ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے