22 پیر , اکتوبر 2018

”اميد ته پي ٽي آءِ سنڌ لاءِ نئون عذاب نه بڻبي“

جي اين مغل

منهنجي گذريل ڪالم جو عنوان“پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم ٺاهه، سنڌ جي لاءِ نئين عذاب جو پيغام؟” هو پر ڪجهه سببن جي ڪري جن جي شايد اڳيان هلي وضاحت ڪريان، مون ان عنوان کي تبديل ڪري هي ڪالم“اميد ته پي ٽي آءِ، سنڌ جي لاءِ نئون عذاب نه بڻبي” واري عنوان سان لکڻ جو فيصلو ڪيو، مون گذريل ڪالم ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ ٿيل ڇهن نقطن واري ٺاهه جي حوالي سان ان ٺاهه جي انهن شقن تي انديشا ظاهر ڪيا جن ذريعي ٻنهي ڌرين آدمشماري جي طور طريقن ۾“مپسند” تبديليون ڪرڻ کانسواءِ مڪاني ادارن کي پڻ ڪا خطرناڪ شڪل ڏيڻ جي رٿ رٿي آهي، انهيءَ حوالي سان 2010ع ۽ 2011ع ۾ ان وقت جي پاڪستان جي چيف جسٽس جناب جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي فل بينچ ڪراچي بدامني ڪيس جي سماعت ڪندي انهن اشوز تي ڪئين اهم فيصلا ڏنا، حڪومت کي هدايتون جاري ڪيون، گذريل ڪالم ۾ آئون سپريم ڪورٽ جي انهن ٻن فيصلن جو ذڪر ڪري چڪو آهيان جن ذريعي سپريم ڪورٽ ان ڳالهه تي سخت اعتراض ڪيو ته ڪراچي جي ڪن مخصوص علائقن ۾ انتخابي حلقا Contiguous يعني لڳو لڳ علائقن تي مشتمل ٺاهڻ بدران اهي تڪ نسلي بنيادن تي ٺاهيا ويا، ساڳي وقت عدالت ان طرف  به ڌيان ڇڪايو ته ڪراچي ۾ انتظامي يونٽ يعني ضلعن ۽ يونين ڪائونسلن جون حدون به نسلي بنيادن تحت ٺاهيون ويون، سپريم ڪورٽ نسلي بنيادن تحت ٺهيل تڪن ۽ انتظامي يونٽن کي قانون جي سنگين خلاف ورزي قرار ڏنو ۽ سخت هدايتون جاري ڪيون ته انهن ٻنهي معاملن تي ملڪي ۽ صوبآءِ قانونن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، آئون هن ڪالم ۾ هي ڳالهه ان ڪري ورجآءِ رهيو آهيان ته جيئن انهن غير قانوني هٿڪنڊن کان نه فقط پي ٽي آءِ کي آگاهه ڪيو وڃي پر هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ۾ اقتدار ۾ ايندڙ پ پ جي حڪومت کان به اها توقع ڪجي ته اها گهٽ ۾ گهٽ هن ڀيري سنڌ جي لڄ رکندي انهن مڙني سٽائن کي سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي روشني ۾ ناڪام بڻآءِ خود سنڌ حڪومت جي واسطيدار قانون مطابق اهي تڪ ۽ اهي انتظامي يونٽ ان طرح تشڪيل ڏئي سنڌ تان هاڻ اهو عذاب هٽآءِ، حقيقت ۾ پ پ کي خود پنهنجي مفاد ۾ به اهي قدم کڻڻ گهرجن، جيڪڏهن اهي تڪ نسلي بنيادن تي ٺهيل نه هجن ها ته شايد ڪراچي مان پ پ شڪست نه کآءِ ها. سآءِن منهنجا، جيڪڏهن سنڌ جي جائز مفادن جو تحفظ ڪرڻ سان“سآءِن جن کي” ڪا ڳري قيمت ادا ڪرڻ جو انديشو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجن مفادن کي ئي نظر ۾ رکي هن ڀيري پنهنجي ڪارڪردگي ۾ ڪا انقلابي تبديلي آڻين.

هن مرحلي تي آئون پي ٽي آءِ ۽ پ پ جو ڌيان ساڳئي سپريم ڪورٽ جي هن ٽئين اهم فيصلي ۽ ان سلسلي ۾ جاري ڪيل سخت هدايتن ڏانهن به ڇڪآءِندس ته ياد رهي ته 2010 ۽ 2011ع ۾ ڪراچي بدامني ڪيس جي سماعت دوران سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت توڙي سنڌ جي صوبآءِ حڪومت جو ان ڳالهه ڏانهن توجهه ڇڪايو ته لکين غير ملڪي غير قانوني طور ڪراچي ۾ آباد ٿي چڪا آهن. شايد ان وقت انهن جو انگ 10 لکن کان به مٿي هو، جن ۾ افغاني، برمي، بهاري، بنگالي ۽ ايرانين جو چڱو خاصو تعداد چيو پئي ويو، عمران خان سان ايتري هجت ضرور ڪنداسين ته هو بلوچستان جي قومپرست رهنما سردار اختر مينگل سان ٿيل معاهدي ۾ ان ڳالهه جو واعدو ڪري چڪو آهي ته بلوچستان کي غير قانوني غير ملڪين کان صاف ڪيو ويندو، مينگل صاحب جو اهو مطالبو انتهآءِ درست آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته بلوچستان ان عذاب کي تمام ڊگهي عرصي کان منهن ڏئي رهيو آهي، تنهن ڪري سنڌ جو عوام بلوچستان جي ان مطالبي جي حمايت ڪري ٿو، پر جيڪڏهن اهو ساڳيو عذاب سنڌ کي به ڪافي عرصي کان ستآءِ رهيو آهي ته ڇا عمران خان کان اها اميد نه ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت همٿ ڪري بلوچستان مان انهن غير قانوني غير ملڪين کي ڪيمپن ۾ منتقل ڪرڻ کانپوءِ انهن کي پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪلي ٿي ته ڇا سنڌ به به اها توقع نه ڪري ته عمران خان جي وفاقي انتظاميا ساڳي قسم جو آپريشن سنڌ ۾ به ڪري. ساڳي وقت ڇا اسين سنڌ حڪومت کان به اها تقاضا نه ڪريون ته اها هيستآءِن ته ان سلسلي ۾ “ڪنهن” جي ڊپ کان ان رخ ۾ ڪو به قدم نه کڻي سگهي آهي پر ڇا هاڻ به اها ساڳي طرح خوفزده ۽ بي عمل رهندي ۽ ڇا سنڌ ان قسم جي عذاب کان جان ڇڏائڻ جي لاءِ جيڪڏهن تقاضا ڪري ٿي ته اهو غلط آهي؟ سنڌ جي حاڪم وري به پيپلزپارٽي آهي. ڇا هن ڀيري پ پ حڪومت سنڌ جي مفاد ۾ قانون جي روشني ۾ سخت کان سخت قدم کڻڻ جي همت نه ڪندي؟

هاڻ اسين ايم ڪيو ايم/ پي ٽي آءِ ٺاهه جي باقي شقن جو ذڪر ڪريون ٿا انهيءَ ٺاهه جي شق نمبر 3 تحت طئه ڪيو ويو آهي ته ڪراچي آپريشن تي مڪمل طور نظرثاني ڪئي ويندي، جيتوڻيڪ ان شق ۾ اها ڳالهه ڪئي وئي آهي ته آپريشن تي نظرثاني مڙني اسٽيڪ هولڊرن جي صلاح مشوري سان ڪئي ويندي، پر گڏوگڏ انهيءَ شق ۾ اها معنيٰ خيز شق به شامل ڪئي وئي آهي ته “آءِن ڪرڻ دوران مڙني ڌرين جي راءِ کي مساوي حيثيت هوندي” آئون وري اهو جملو ورجآءِندس اها سٽ انتهآءِ معنيٰ خيز آهي. واضح رهي ته ڪراچي آپريشن جي انچارج اسٽبلشمينٽ آهي ۽ انهيءَ آپريشن جي نتيجي۾ فرقيوارانه خونريزي، بندوق بازي ۽ شهري بدامني کي ڪافي حد تآءِن ٻنجو آيو آهي. سنڌ جو عوام ايترو به آلو ڀولو ڪونهي انهيءَ آپريشن تي ڪهڙن حلقن کي تحفظات ٿي سگهن ٿا ۽ ته اهي حلقا ڪير آهن. آئون انهيءَ شڪ بابت پنهنجي راءِ في الحال مختصر ڪندي پيپلزپارٽي جي ايندڙ حڪومت کي مخاطب ٿي چوندس ته هو ان سلسلي ۾ هوم ورڪ ڪن ۽ جيڪڏهن هنن کي ڪا سٽاءَ نظر اچي ٿي ته اها ديده دليري سان سڀني اسٽيڪ هولڊرن جي اڳيان رکن.

معاهدي جي چوٿين شق ۾ اها گهر ڪئي وئي آهي ته حڪومت ۾ مڙئي مقرريون قانوني طور تي تسليم ٿيل ۽ غير جانبداراڻي ٽيسٽنگ سسٽم ذريعي قانون مطابق ميرٽ تحت ڪيون وڃن، اصولي طور تي انهيءَ گهر کان ڪير به اختلاف نٿو ڪري سگهي، پر انهن لفظن جي پاڇن ۾ جيڪي خواهشون لڪل آهن سنڌ جو عوام انهن کان به چڱي طرح آگاهه آهي. سنڌ جو عوام اصولي طور تي انهيءَ شق جي حمايت ڪندو، پر ساڳي وقت تي سنڌ جي نمائندا جماعتن جو فرض ٿئي ٿو ته انهيءَ معاهدي تي ٿيندڙ گهڻ رخي مذاڪرات دوران هي مطالبا ضرور رکن ته جيئن ته انهيءَ شق ۾ حڪومت جي وضاحت نه ڪئي وئي آهي تنهن ڪري انهيءَ شق ۾ ترميم ڪري اها گھر ڪئي وڃي انهن بنيادن تي تقرريون سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت ۾ به ڪيون وڃن، تنهن کانسواءِ انهيءَ ساڳي اصول تحت وفاقي حڪومت جي خودمختيار ادارن ۾ مقرريون ڪيون وڃن. جيستآءِن سنڌ حڪومت جو تعلق آهي ته سنڌ جو عوام ان ڳالهه جي مخالفت نه ڪندو ته سنڌ حڪومت جي ادارن ۾ به ان ساڳي اصولن تحت مقرريون ڪيون وڃن، پر سنڌ جو عوام سوال ڪري ٿو ته ڪراچي جي بلدياتي ادارن ۾ جيڪي مقرريون آهن ڇا اهي به ان ساڳي اصول تحت ٿيل آهن. يا ڪراچي جيڪا پاڪستان جو تمام وڏو انڊسٽريل شهر آهي انهن جي صنعتي ادارن ۾ جيڪي سون کان وڌيڪ آهن انهن ۾ سنڌ جو ڊوميسآءِل رکندڙن جو ڪيترو تعداد آهي. تنهن ڪري نه فقط وفاقي حڪومت پر سنڌ حڪومت جي قانونن ۾ مناسب تبديلي ڪري انهن صنعتي ادارن توڙي ٻين پرآءِ ويٽ ادارن ۾ به مقرريون ساڳي بنياد تي ڪيون وڃن. معاهدي جي شق نمبر 5 ۾ ياد ڏياريو ويو آهي ته 1998ع ۾ آڪٽراءَ نظام ختم ڪيو ويو هو ۽ فيصلو ڪيو ويو هو ته متاثر شهرن کي اهو حصو ڏنو ويندو جيڪو آڪٽراءَ ختم ڪرڻ جي ڪري هنن کان ڦرجي ويو آهي، انهيءَ شق ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته انهيءَ فيصلي تي مڪمل عملدرآمد ڪيو وڃي، انهيءَ شق جي باري ۾ سنڌ جو موقف اهو آهي ته 1998ع جي آڪٽرآءِ فقط چند شهرن مان ختم نه ڪيو ويو هو ۽ انهيءَ فيصلي سان فقط ڪراچي يا هڪ ٻه ٻيا شهر متاثر نه ٿيا هئا پر سڄي سنڌ متاثر ٿي هئي، انگريزن جي دور کان نه فقط شهر، نه قفط ضلعي هيڊڪوارٽرن پر سڄي سنڌ جي تعلقي هيڊڪوارٽر آڪٽرآءِ وصول ڪرڻ جا انتظام هئا، تنهن ڪري انهيءَ وصولي کان فقط ڪراچي شهر محروم نه ٿيو آهي پر ٻيا شهر ۽ ننڍا وڏا ڳوٺ به متاثر ٿيا آهن، انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته 1998ع ۾ جڏهن نواز شريف جي حڪومت طرفان آڪٽرآءِ جو نظام ختم ڪيو ويو هو ته جنهن جنهن شهر ۽ علائقي جي جيتري آڪٽرآءِ وصولي هوندي هئي اهو معاوضو وفاقي حڪومت صوبآءِ حڪومت ذريعي شهرن ۽ ٻين علائقن کي ڏيندي. انهيءَ ۾ به ڪو شڪ ناهي ته انهيءَ فيصلي تي ڪجهه سال عمل ڪيو ويو، پر پوءِ اهو نظام ختم ڪيو ويو، ان وقت کان اڄ ڏينهن تآءِن سڄو صوبو آڪٽرآءِ وصولين کان محروم آهي، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته انهيءَ فيصلي جي نتيجي ۾ فائدو Up_Country يعني ملڪ جي مٿاهن علائقن خاص طور تي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي کي پيو، جڏهن ته اها سڄي چٽي سنڌ جي مٿي ۾ لڳي ۽ سنڌ اڃا تآءِن انهيءَ صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي. اسين انهيءَ معاهدي جي انهيءَ شق سان سهمت آهيون، پر ساڳي وقت سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت جيڪا پ پ جي آهي ان جي توجهه ان ڳالهه ڏانهن ڇڪآءِنداسين ته جڏهن آڪٽرآءِ وصول ڪئي ويندي هئي ته خاص طور ڪراچي ۾ آڪٽرآءِ مان وصول ٿيندڙ رقم منصفاڻي طور ڪراچي جي مڙني علائقن تي خرچ ٿيندي هئي؟ هلو ٻين علائقن جهڙوڪ ملير ۽ ٻين کي به ڇڏيو پر ڪياماڙي ته ڪراچي پورٽ جو حصو آهي جنهن کي اسان جا “مهربان” ڪمآءِ جو ذريعو سمجهن ٿا. ڇا ڪي پي ٽي جي انهن علائقن ۾ ترقي لاءِ ڪو هڪ روپيو به خرچ ڪيو ويو، مون کي ياد آهي ته 5 يا 6 سال پهرين جڏهن آئون صحافي سان گڏ هڪ دعوت تي ڪياماڙي ويس ته گهٽيون ڪچيون هيون، ڪا فرش بندي نه هئي، گهٽيون اونداهيون هيون ڪا روشني نه هئي ۽ ڪياماڙي جي ماڻهن هٿ پير پئي هنيا ته ڪراچي فرش کان وڃي عرش تي پهتي آهي، پر سندن ڪو به اوهي واهي آهي.(هلندڙ آهي)

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئين ۽ صوبائي خودمختياري سان هٿ چراند

علي محمد ميمڻ ملڪ ۾تبديلي واري نئين وفاقي سرڪار اقتدار ۾ ايندي ئي ملڪ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے